ڀٽائي جو سئر، آخري حصو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ راجا ساند طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڀاڱو چوٿون ـــــ حصو پنجون ۽ آخري
    لڍاڻو ۽ ڪاڪ
    جيسلمير کان پنج ڪوه پري الهندي طرف هڪ نهايت قديم شهر آهي، جنهن کي ”لڌورو“ سڏين ٿا. ان جو بگڙيل اچار ”لڍاڻو“ آهي. امرڪوٽ جي احوال ڏيندي اڳيئي ڄاڻايو ويو آهي ته آڳاٽين راجپوتن نَو ڪوٽ جوڙايا هئا، جن مان هڪ لڍاڻي ۾ هو. جيسلمير جو شهري 1156ع ۾ وسيو، پر تنهن کان اڳ اهي ماڻهو رهندا ئي هتي هئا. مومل جي ڏينهن ۾ توڙي هن کان ڪيترا سال پوءِ به هي شهر چڱو وسيل هو، جنهن جي ساک لڍاڻي جون هاڻوڪيون جايون به ڀرين ٿيون.

    ”ڪاڪ ڪڙهي وڻ، لوٺو لڍاڻو“ (مومل راڻو)
    هي شهر هاڻ اجهاڻو وساڻو پيو آهي. هتي ڪيتريون جايون جڙيون بيٺيون آهن، پر اهي گهڻو ڪري سڀ خالي آهن.

    ”لڍاڻيان لطيف چئي، لڏيو لوڍيئڙن“
    هنن جاين جا مالڪ ڪي جوڌپور ته ڪي ٻين پاسي لڏي وڃي ويٺا آهن ۽ ڪڏهن سانگي سان هن پاسي ايندا آهن.

    لڍاڻي ۾ جين ڌرم وارن جو هڪ نهايت عاليشان مندر آهي، جو قابل ديد آهي. انهي مندر جي سنڀال لاءِ هتي ٻه ٽي ڄڻا رهن ٿا، جي هن شهر جي آڳاٽي اوج جون عمديون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. شاهه صاحب هتي آيو هو، تنهن جي ثابتي هيٺين مصراعن مان ملي ٿي.

    ڪرها ڪارڻ ڪاهه، توکي ڌڻين ڌاريو،
    ساري ڏج سيد چئي، لڍاڻي تان لاهه.


    ٻي مصرع ۾ اٺ کي چيو اٿس ته لڍاڻي لاهه سنڀال ڏج. اهو هنڪري جو هي شهر ٽڪري تي ٻڌل آهي، جتان ضرور سنڀالي هيٺ لهڻو پئي ٿو.

    لنءُ لڍوڻي ڪنڌئين اميو آهي،
    وڃون جي ڪاهي، ته نڪون پسون نينهن جون.


    هي ٻيو پورو ۽ پڪو ڏسي ڏنو پتو اٿس. ڪاڪ جي ڪنڌي لڍاڻي واري ٽڪري سان لڳي بيٺي آهي، تنهن ڪري لڍاڻي جي ڪنڌي ۽ ڪاڪ جو ڪنارو ساڳي ڳالهه آهن. شاهه صاحب سرزمين تي ويو هو، تنهن ڪري ئي ڪاڪ جي ڪناري بدران ”لڍوڻي ڪنڌئين“ لفظ ڪم آندا اٿس. مومل هن لڍاڻي واري ٽڪري جي هيٺيان ڪاڪ جي ڪنڌي تي رهندي هئي.

    ڪاڪ هڪ ندي يا نئين آهي، جنهن جو منهن جيسلمير کان ساڍا اٺ ڪوه پري ڳوٺ ڪوٽڙي وٽان آهي. اها نئين پهريائين اتر ڏي هلي پوءِ الهندي ڏي لڍاني طرف عخ رکي ٿي. برساتي موسم ۾ بعضي اهڙو ڦوڪجي وهندي آهي، جو گهڻا گهمرا الهندي بدران سر اتر ڏي هلي ويندي آهي. انهي پاسي هاڻ بند ڏياري ڇڏيو اٿن، جنهن ڪري پاڻي اڳڀرو نٿو وڌي، پر اتيئي بند وٽ روڪجي بيهي ٿو. مومل ويچاري سچ ٿي چيو ته:

    مومل مئي کان پوءِ، ڪنگ رڙندا ڪاڪ تي.
    هينئر ڪاڪ تي سچ پچ ڪنگ پيا رڙن يعني اتي ڪنگوراڙ (سڃ) لڳي پيئي آهي. ٿورو پرڀرو ٻينون ساوڪ لائي بيٺيون آهن، جي ڀر وارن ڳوٺن جون آهن، باقي هتي اڇو الله ڳاڙهو رسول!

    لڍاڻي جي اتر طرف ڪاڪ جي ڪنڌي تي هڪ پٿر جي عمارت جا نشان بيٺا آهن، جنهن کي عام طرح ”مومل جي ميڙي“ (ماڙي) سڏين ٿا. هن وقت فقط پٿر جي ڀت بيٺل آهي، جنهنجي آڌار ٿي ٿورو ڇت ٽڪر بيٺو آهي. انهي ماڙي تي اڳي ڪهڙو ڪاريگر جو ڪم ٿيل هو، تنهنجو نشان شايد شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ به موجود ڪونه هو.

    ”ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، ٻريا رنگ رتول.“
    ----------------------
    حوالو:
    ڪتاب ــــــــ لطيفي سئر
    ليکڪ ــــــــــــ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو