منصور سرور
سينيئر رڪن
محسن ٻٻر
Daily Kawish, 31 May, 2014
سال 1991ع ۾ جڏهن نواز شريف 375 ڪلوميٽر ڊگهي 29 ارب رپين جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ لاهور اسلام آباد موٽر وي جو اعلان ڪيو ته، هن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ چيو ويو ته، هي غريب ملڪ اهڙي عياشي برداشت نه ڪري سگهندو. بعد ۾ ثابت ٿيو ته موٽر ويز ۽ نيشنل هاءِ ويز ۽ صوبن جي روڊن جي تعمير ملڪ جي معيشت ضروري آهي. پوءِ ته هر ايندڙ ويندڙ حڪومت ان قسم جون رٿائون شروع ڪري ڏنيون، پر بد قستميءَ سان موٽر ويز، ايڪسپريس ويز ۽ هاءِ ويز جو ڄار گهڻو ڪري پنجاب ۾ وڇايو ويو آهي. پنجاب جي حڪمرانن پنهنجي صوبي ۾ ترقي کي ظاهر ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ڪهڙو به شعبو کڻي ڏسو، پنجاب ترقي جون منزلون طئي ڪندو اُسريل علائقن جي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. خاص طور تي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ جيڪڏهن هڪ سوال اسان پاڻ کان پڇون ته ڇا سنڌ ۾ روڊ رستن جو ڄار وڇائڻ، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۽ انساني وسيلن جي ترقي، ڪرپشن ۾ گهٽتائي، اقربا پروري جو خاتمو ۽ امن امان جي صورتحال جي ذميواري وفاق يا پنجاب جي آهي؟ ته جواب يقينن نه ۾ ملندو.
جيڪڏهن ڪميونيڪيشن واري هڪ شعبي يعني روڊ رستن جي ترقي جو جائزو وٺجي ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو فرق واضح نظر اچي ويندو. جيتوڻيڪ هي اصطلاح شهيد بينظير ڀٽو پاران سامهون آندو ويو هو، پر ان جو مقصد ملڪ جي اسٽبلشمنٽ کي پيغام ڏيڻ هو ته فيصلي سازيءَ جي معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي نه ڪريو، پر جيڪڏهن ساڳئي اصطلاح کي ٻئي نظرئي سان ڏسجي ته ترقي جي اُهڃاڻ لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق واضح ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ سفر ڪري ڏسو، توهان کي بهترين تعمير ٿيل روڊ نظر ايندا. سموري پنجاب ۾ ته نه رڳو بهترين روڊ تعمير ٿيل آهن، پر توهان رات جي ڪنهن به پهر ۾ خاندان سميت سفر ڪري سگهو ٿا ۽ پنجاب هاءِ وي پوليس توهان کي هر قسم جو سهڪار فراهم ڪندي.
پنجاب ۽ سنڌ مان سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڪراچيءَ کان اسلام آباد باءِ روڊ سفر ڪندو آهيان ته جيئن سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ ترقي جو ذاتي مشاهدو ڪري سگهجي. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ جڏهن ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر شروع ڪيم ته ڪراچي کان اوٻاوڙي تائين نيشنل هاءِ وي تي ٻنهي پاسن کان 20 ڪلوميٽر روڊ به سالم نظر نه آيو، جنهن تي توهان 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪار هلائي سگهو، پر جيئن ئي مان ڪمون شهيد وٽان پنجاب ۾ داخل ٿيس ته، ڄڻ اطمينان ٿي ويو. سدائين جيان نه رڳو بهترين ٽاپ گيئر روڊ مليا، پر امن امان جي صورتحال جي لحاظ کان به مجموعي طور تي اطمينان هو ته خيريت سان اسلام آباد پهچي وڃبو. بدقسمتيءَ سان رات جو 12 وڳي ڌاري فيصل آباد باءِ پاس تي منهنجي ڪار ۾ فني خرابي پيدا ٿي پئي. اڃا مان گاڏي جي فني خرابي جو تعين ڪرڻ ۾ ئي مصروف هيس ته بنا اطلاع جي ٻن منٽن اندر پنجاب هاءِ وي پوليس جي موبائيل مون وٽ پهچي ويئي. موبائيل ۾ ويٺل ”اي ايس آءِ نوبهار“ تمام اخلاق سان ڳالهائيندي مون کان تفصيل پُڇيا. مون رڳو ايترو ٻڌايو ته آئون ڪراچي مان اچان پيو ۽ اسلام آباد ڏانهن سفر ڪريان پيو. نوبهار هڪ دم پڇيو ته: ”جيڪڏهن توهان ڪجهه ناهي کاڌو ته مان توهان لاءِ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ وٺي اچان.“ آئون گاڏي خراب ٿيڻ سبب پريشاني ۾ هئس، تنهن ڪري مون مهرباني ڪندي انڪار ڪيو، جنهن بعد آفيسر مون کي پنهنجو موبائيل فون نمبر ڏنو ۽ چيائين ته: ”اسان گشت ڪري اچون ٿا ۽ جيڪڏهن پوءِ به توهان جي گاڏي اسٽارٽ نٿي ٿئي ته ڪو بندوبست ڪريون ٿا.“ اڌ کن ڪلاڪ بعد پوليس موبائيل ٻيهر اچي ويئي ۽ ساڳئي آفيسر اسان کي چيو ته: ”توهان جي گاڏي کي يا ته فيصل آباد کڻي بيهارڻو پوندو، ته جيئن صبح ڌاري ان کي ٺيڪ ڪرائي سگهجي يا پوءِ ويجهو ڪٿي بيهارڻو پوندو.“ پنجاب پوليس نه رڳو اسان جي ڪار کي ويجهي پيٽرول پمپ تي بيهارڻ ۾ مدد ڪئي، پر اسان کي پنهنجي آفيس ۾ رهائش جي به آڇ ڪئي، پر اسان مهرباني چيو ته پوليس حيران ڪن طور تي اسان کي فيصل آباد شهر پهچائڻ ۽ اتي مقامي هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڏيڻ ۾ پڻ مدد ڪئي. آئون پوليس آفيسر کان موڪلائڻ وقت پنهنجو تعارف سنڌ جي صحافي طور ڪرايو ته هن چيو ته: ”اوهان پهرين ڇو نه ٻڌايو.“ مون جواب ڏنو ته، ”صحافي طور تي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت ئي پيش ئي نه آئي، ڇاڪاڻ ته توهان هڪ عام شهري جي حيثيت ۾ منهنجي غير معمولي مدد ۽ رهنمائي ڪئي ان تي مان توهان جو ٿورائتو آهيان.“ پوليس آفيسر چيو ته: ”اهو اسان جي ڊيوٽي جو حصو آهي.“
اهو سمورو واقعو ٻڌائڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته اسان سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجي صوبي ۾ بدترين گورننس جي نالي ۾ گذريل 6 سالن ۾ جيڪا ويڌن ٿي رهي آهي، ان جو مثال ورلي ملندو. پنجاب ۾گورننس آئيڊيل ناهي، پر جهڙي طريقي سان سرڪاري کاتا عام ماڻهن آڏو جوابده بڻجي رهيا آهن، اهو وقت پري ناهي، جڏهن پنجاب آئيڊيل گورننس جي جديد دور ۾ قدم رکندو. لاهور ۾ ميٽرو بس رٿا کانپوءِ هاڻي ميٽرو ٽرين واري اربين ڊالر رٿا تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. شهباز شريف تي ميٽرو بس واري رٿا تي ڪافي تنقيد به ٿي، پر ڪرپشن تي ڪنهن به سوال نه اٿاريو. هاڻي لاهور جا لکين شهري ان سهولت مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. راولپنڊي ۾ حيران ڪن طور تي مري روڊ تي تعمير ٿيندڙ فلاءِ اوور جون ڪيتريون ئي رٿائون سالن نه، پر مهينن جي ريڪارڊ مدي ۾ پوريون ڪيون ويون. هاڻي راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ ميٽرو بس شروع ڪئي ويئي آهي. اڃا رٿا منظوريءَ جي مرحلن ۾ آهي ۽ ان تي ڪيترائي انتظامي ۽ ماحولياتي اعتراض به واريا وڃن پيا، پر رٿا جي انفرا اسٽرڪچر جو 30 سيڪڙو ڪم مڪمل به ٿي چڪو آهي ۽ رٿا تي ٽن شفٽن ۾ 24 ڪلاڪ ڪم ٿي رهيو آهي. ڊسمبر 2014ع ۾ هن رٿا جو افتتاح ڪيو ويندو. 27 ارب رپين جي هي رٿا مڪمل ئي نه ٿيندي ته لاهور ۾ دهليءَ ۽ ڪوالالمپور جيان ميٽرو ٽرين جي رٿا تي گهڻو ڪم ٿي چڪو هوندو ۽ ماضي جي رٿائن کي نظر ۾ رکندي اميد ڪئي پئي وڃي ته، ڪرپشن فري رٿا وقت سر مڪمل ٿيندي.
پنجاب ۾ پشاور اسلام آباد (ايم ون)، اسلام آباد لاهور (ايم ٽو) ۽ فيصل آباد پنڊي ڀٽيان (ايم ٿري) ڪاميابي سان آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ چند مهينن اندر فيصل آباد گوجرا سيڪشن کي آپريشنل ڪيو ويندو. نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته گوجرا کان ڪراچي تائين موٽروي کي 2018ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جي وفاقي سرڪار پنهنجن پنجن سالن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪابه رٿا مڪمل نه ڪري سگهي. سنڌ سرڪار پاران سواءِ حيدرآباد ميرپورخاص ايڪسپريس وي جي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو روڊ سلامت نظر نٿو اچي. هن رٿا جي وقت سر مڪمل ٿيڻ جو سبب به اهو ئي هو ته اها پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۾ جوڙي ويئي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي حڪومت ان رٿا جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر اها درحقيقت جنرل مشرف جي دور ۾ منظور ٿي هئي ۽ جيڪڏهن اها صوبائي ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس کاتي جي حوالي هجي ها ته نه وقت سر مڪمل ٿئي ها ۽ نه ئي وري معيار بهتر هجي ها. ساڳئي قسم جي ٽن وڌيڪ رٿائن جو ڊاڪٽر قيصر بنگالي پاران رٿيو ويو هو، ته جيئن سنڌ ۾ جديد روڊن جو ڄار وڇائي سگهجي، پر سنڌ سرڪار کي اها رٿا پسند نه آئي ۽ ڪيترن ئي اهڙن ٻين سببن جي ڪري ڊاڪٽر قيصر بنگالي کي پنهنجي نوڪري وڃائڻي پئي. ڊاڪٽر قيصر جون خدمتون هاڻي بلوچستان حڪومت حاصل ڪيون آهن.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ايڪٽ 1991 جي شق 4 موجب اين ايڇ اي جو مقصد (اڳي طئي ڪيل) نيشنل هاء ِويز ۽ اسٽريٽجڪ روڊن کي هٿي وٺرائڻ، سندن آپريشن، رٿائون جوڙي تعمير ڪرڻ، ترقياتي اسڪيمن تي عمل درآمد ۽ سندن مرمت وغيره آهي. اٿارٽي انهن ئي روڊن بابت وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومت يا لاڳاپيل اختيارين جي تجويزن تي به ڪم ڪري سگهي ٿي. 2001ع ۾ ٿيل ترميم تائين نيشنل هاءِ ويز ۽ اسٽريٽجڪ روڊن ۾ سنڌ جي ڪراچي کان اوٻاوڙو ۽ ڪوٽڙي کان ڪشمور تائين انڊس هاءِ وي ۽ سکر کان جيڪب آباد کانسواءِ ٻيو ڪوبه روڊ يا رستو شامل نه آهي. گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ نواب شاهه، لاڙڪاڻي ۽ ملتان ۾ صوبائي ۽ ضلعي يا ٽائون جي روڊن کي به اين ايڇ اي ذريعي تعمير ڪرايو ويو، جيڪا قانون جي مڪمل ڀڃڪڙي هئي.
پيپلز پارٽيءَ جي گذريل دور ۾ وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان اين ايڇ اي ذريعي رڳو حڪمرانن جي ضلعن ملتان، لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه جي خدمت ڪئي ويئي. 6 سال گذري چڪا آهن، اسڪيمن جي رفتار جي اها حالت آهي ته رڳو سڪرنڊ نواب شاهه واري 35 ڪلو ميٽر روڊ ۽ ملتان جي 50 ارب رپين جي اسڪيمن کانسواءِ ڪابه رٿا مڪمل نه ٿي سگهي آهي ۽ سنڌ جي باقي سمورين رٿائن جي لاڳت ٻيڻي کان ٽيڻي ٿي چڪي آهي. گذريل 6 سالن ۾ اوٻاوڙي کان ڪراچي تائين جي قومي شاهراهه جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ خانگي توڙي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ ڀوڳي رهيا آهن. سنڌ سرڪار پاران تيار ڪيل 140 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ بالو جا قُبا وٽان گذرندڙ نواب شاهه ڪنب رٿا به 90 سيڪڙو مڪمل آهي، پر ٻانڌي ۾ ريلوي لائين مٿان پُل اڃا به پوري نٿي ٿئي، ٻين رٿائن جو حال ڪجهه هن ريت آهي.
لياري ايڪسپريس وي (32 ڪلوميٽر): سال 2003ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 11 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 5 ارب رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي ساڍا 12 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 20 سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
قمبر شهدادڪوٽ روڊ (29 ڪلوميٽر): سال 2009ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 6 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 96 ڪروڙ رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي ڏيڍ ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 54 سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
قاضي احمد آمري پُل (18 ڪلوميٽر): سال 2010ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 3 ارب 68 ڪروڙ رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي 7 ارب 29 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 33سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
گهارو ڪيٽي بندر روڊ (84 ڪلوميٽر): سال 2009ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 6 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 3 ارب رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي 4 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 26 سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ (34 ڪلوميٽر): سال 2011ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. هڪ ارب 21 ڪروڙ رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي 2 ارب 24 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 56 سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ (28 ڪلوميٽر): سال 2008ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 7 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 2 ارب رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي پوڻا 4 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 17 سيڪڙو ڪم رهي ٿو.
لاڙڪاڻو قمبر روڊ (20 ڪلوميٽر): سال 2008ع ۾ شروع ٿيندڙ رٿا 7 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين نامڪمل آهي. 61 ڪروڙ رپين واري رٿا جي لاڳت هاڻي هڪ ارب 11 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪي آهي، اڃا 23 سيڪڙو ڪم رهي ٿو. ان کانسواءِ ساڍا 12 ارب رپين جو 200 ڪلوميٽر دادو رتو ديرو روڊ ۽ ساڍا 3 ارب جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ 29 ڪلوميٽر لاڙڪاڻو نئون ديرو لکي روڊ 8 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهن ٿي سگهيا.
رٿائن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پنجاب جو ٽريڪ ريڪارڊ گهڻو بهتر آهي، پوءِ اهي صوبائي اسڪيمون هجن يا وفاق پاران ڏنل اسڪيمون هجن. سوال اهو آهي ته ساڳئي اين ايڇ اي پنجاب ۾ رٿائون ڪيئن وقت سر مڪمل ڪري ٿي ۽ نيشنل هاءِ ويز به اتي بهتر ڇو آهن.؟ رڳو ملتان ۾ گيلاني دور ۾ ڏنل 50 ارب رپين جون اسڪيمون وقت سر مڪمل ٿي ويون. سياسي قيادت جي سوچ ۽ حڪمرانيءَ جو انداز ثابت ڪري ٿو ته، هاڻي لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو فرق به بهتر حڪمراني ۾ ئي آهي. مونکي اهو چوندي ڪابه هَٻڪ محسوس نه پئي ٿئي ته، سنڌ ۾ ترقي نه ٿيڻ جو سڌو سنئون ذميوار ڪو ٻيو نه، پر سنڌ جا حڪمران آهن.