“بس ۾ ويٺل سمورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي هن ناچيز طرفان السلام عليڪم يا علي مدد... برادرم مان توهان جو گهڻو وقت نه وٺندس بس صرف ٻن منٽن جي توجه چاهيان ٿو... اهي ماڻهون جيڪي شڪايت ڪندا آهن ته سندن ڏندن ۾ سور رهندو آهي ۽ ڏندن مان ڳاڙهو، ڦڪو رت ايندو آهي.. يا وري پان سگريٽ ٻيڙي پيئندڙ اسان جا ننڍا وڏا نانا ڪاڪا يا ڪاڪيون ڏندن تي داغ هجڻ جون شڪايتون ڪنديون آهين.. انهن لاءِ مان کڻي آيو آهيان هڪ خاص تحفو.. هي تحفو انڊيا دهليءَ جي حڪيمن جو آهي.. جن جو واعدو آهي ته هي سور کي ختم ڪري ڏندن کي موتين وانگر چمڪائي.. هي ڏسو.. هي ڏسو .. هي آهي اهو لاجواب ۽ بي بها تحفو.. هن جي قيمت .. هن جي قيمت آهي رڳو... 10 روپيه... سائين منهنجا 10 روپيه.. دوست ڏهه روپيا.. سنڌي ٽوپي وارا ڏهه روپيا.. امان ڏهه روپيه ڪاڪي ڏهه روپيه .. دريءَ وارا ڀاء ڏهه روپيه .. دروازي تي بيٺل ڳڀرو جوان ڏهه روپيه... ڏهه روپيه رڳو ڏهه روپيه.. ها سائين حاضر .. هڪ منٽ صرف.. هن بس ۾ سفر ڪرڻ وارا اڪثر مون ناچيز کي سڃاڻندا آهن ته مان قيامت تائين اوڌر رکندو آهيان.. جيڪڏهن توهان هن دوا کي آزمائڻ چاهيو ته مفت ۾ وٺو... جيڪڏهن توهان کي آرام اچي وڃي ته پيئسا ڏجو .. ۽ جي نه اچي ته پئسن ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي.. نمبر ۽ ايڊريس شيشي تي لکيل آهي... پر جيڪڏهن آرام به اچي وڃي ۽ دل ۾ اچي وڃي بي ايماني ته پئسا نه ڏيندس... ته نه ڏجو.. مان اهي پئسا قيامت جي ڏينهن وٺندس.. ان ڏينهن بخشيندس مان به ڪونه.. ڇو ته مان حقدار آهيان.. ته ڀائرو هي آهي.. قيامت تائين جي اوڌر... هي وٺو...” ڇا توهان مان بسن تي سفر ڪندڙ اڪثر دوستن ان قيامت تائين اوڌر ڪندڙ چاچي کي سڃاڻو ٿا.. جي نه ته هتي ڪراچي ۾ اتر ڪراچي يا اتر ناظم آباد کان صدر تائين ويندڙ بسن ۾ سفر ڪري ڏسو.. توهان کي ملي ويندو.. گهڻا ماڻهون کائنس اها “انڊيا دهلي جي حڪيمن جي تيار ڪيل منجن” خريد ڪري وٺندا آهن... ۽ قيامت تائين اوڌر ڪير ڪري جڏهن ته ان چاچي قيامت جي ڏينهن اوڌر وصول ڪرڻ جي زبردست ڌمڪي به ڏني آهي.. ان ڪري اڪثر ماڻهون کائنس قيامت تائين اوڌر ڪرڻ کان لنوائيندا آهن.. پر توهان کي خبر آهي ته پورو ڏينهن توهان ۽ مان ڄاڻي اڻ ڄاني ۾ ڪيترن ماڻهون جا دل ڏکائي وجهندا آهيون.. ننڍيون ننڍيون غلطيون ۽ نالائقيون ڪندي نه ڄاڻ ڪيترن سان قيامت تائين اوڌر ڪري ويهندا آهيون.. حشر جي ميدان ۾ حقوق الله کان وڌيڪ حقوق العباد تي وٺ پڪڙ ٿيندي.. ۽ سمورو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻو پوندو .. ته پوءِ ٿورو سوچيو ڇا توهان قيامت تائين اوڌر ڪندو...؟
اڄ ننڍڙي فائقه ڊائننگ ٽئبل تي ماني کائيندي هڪ نه ٻي کينچل نه پئي ڇڏي. ماڻهس چئي چئي بيٺي پر نه مڃي. اچانڪ پُڇيائين ته ڀلا اسڪول ۾ ته ايئن ناهين ڪندي (تُرڪي جي اسڪول ۾ لنچ جو باقاعده نظام آهي). چوڻ لڳي. اُتي منهنجي ٽيچر بيٺي هوندي آهي جنهن کان ڊپ ٿو ٿئي. اهو ئي فرق آهي چاچا جي ڌمڪي ۽ اسان جي ڏاڍ جو شڪار ٿيل جي خاموش ڌمڪي جو فرق. جيسين ڳالهه کولي واضع نه ڪبي تيسين سمجهه ۾ نه ايندو. 10 رُپين جي منجن سان علاج ٿين ها ته جيڪر هي ڊينٽل سرجن بُک مري بُڇڙا ٿين ها ۽ ننڍي سرجري ۾ وڏو مهانگو علاج طور ڏندن جو علاج نه هُجي ها. ڳالهه آهي باور ڪرائڻ جي جيڪا ٿئي ته سمجهه ۾ اچي. پنهنجو عقل فهم سمجهه خُدا ڏني سڀني کي آهي پر جيڪو استعمال ڪري ادا . . .