سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جا املهه هيرا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جا املهه هيرا

    ڊاڪٽر دائودپوٽو:
    سنڌ ادب ۾ تاريخ ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۾ مولانا دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ علامه دائودپوٽي جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو انگريزن جي دؤر ۾ ان ميدان ۾ اچڻ وارو پهريون محقق آهي. هو 25 مارچ 1896ع ۾ دادو ضلعي جي ٽلٽي ڳوٺ ۾ ڄائو. 1917ع ۾ سنڌ مدرسي کان مئٽرڪ حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ بي ــ اي فارسي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري بمبئي يونيورسٽي پڙهڻ ويو، جتان ايم اي عربي ۽ فارسي ۾ ڪري ۽ اسڪالرشپ وٺي سنڌي ۽ عربي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو.
    ڪيمبرج مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ ويو ته اتي کيس ڊاڪٽر نڪلسن ۽ ڊاڪٽر براؤن جهڙن استادن جي رهنمائي نصيب ٿي. هو ”عربي جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي 1927ع ۾ سنڌ موٽيو.
    ڊاڪٽر دائود پوٽي علم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪئي، پر پنهنجي مقصد کان نه هٽيو. سنڌ اچي هو سنڌ مدرسي جو پرنسپل ٿيو. ان سان گڏ يونيورسٽي آف بمبئي جو کيس فيلو مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ اسماعيل ڪاليج انڌيري بمئي ۾ 1930ع تائين عربي پڙهائيندو رهيو. 1931ع کان 1938ع تائين بمبئي ۾ ئي مختلف خدمتون نڀائيندو رهيو.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو. 1950ع ۾ کيس ڊائريڪٽر تعليم ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر صاحب جو وڏو تحقيقي ڪم ٿيل آهي ۽ سندس 21 انمول ڪتاب آهن. چچ نامي ۽ تاريخ معصومي کي ايڊٽ ڪرڻ سندس وڏو ڪارنامو پڻ آهي، جنهن سان سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي.

    پير حسام الدين راشدي:
    پير حسام الدين، علي محمد راشدي صاحب جو وچون ڀاءُ هو، هن تاريخ ۽ تحقيق ۾ محنت ڪري پنهنجو نالو ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر تائين مڃرايو. سندس ڪيل تحقيق هن کي عالمي معيار جي محققن جي صف ۾ بيهاري ٿي. ڪتابيات جو اهڙو عالم مشڪل سان ملندو.
    سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪري وقت مون کي به سندس محبت نصيب ٿي ۽ هي ٿوري گهڻي تاريخ جي سڌ صرف انهيءَ انسان جي تربيت ڪري آئي آهي، جنهن جا مون تي وڏا وڙ آهن.
    پير صاحب 20 سيپٽمبر 1911ع ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ نصرت اسٽيشن ڀرسان ڄائو. شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياري ساعدي کان حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿون پاس ڪرڻ کان پوءِ سڪندر نامي تائين فارسي گهر ۾ پڙهي، انگريزي خانگي طور نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماسٽر کان سکي، ۽ پوءِ مطالعي جي شوق کيس علم جي معراج تائين پهچايو.
    شروع ۾ حسام الدين راشدي صحافت ۾ گهريو. 1926ع ۾ ”جاڳڻ“ اخبار جو نمائندو ٿيو. 1929ع ۾ ”المنار“ رسالي جي ايڊيٽري ڪيائين. ڪجهه ڏينهن ”پيغام“ اخبار سان سلهاڙيل رهيو ۽ ”زميندار“ اخبار جو نمائندو به رهيو. 1934ع ۾ ستاره سنڌ جاري ٿيو ته ان جي ايڊيٽري سنڀاليائين. الوحيد ۾ بنا نالي جي ڪيترائي مضمون لکيائين. 1945ع تي قرباني ۾ سندس نوٽ شايع ٿيندا رهيا.
    صحافت پير حسام الدين جي اڃ نه اجهائي سگهي تنهن ڪري پنهنجي روح جي تسڪين لاءِ ناياب ڪتاب گڏ ڪري مطالعو ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح سندس گهر ۾ وڏي لائبريري ٺهي ويئي، جيڪا پاڪستان جي اهم لائبريرين ۾ ڳڻڻ جهڙي آهي. راشدي صاحب جو گهرو مطالعو کيس پاڪستان جي پهرين صف وارن دانشور ۾ بيهاري ٿو.
    سنڌ تي سندس وڏو احسان اهو آهي جو هن فارسي جي پراڻن مخطوطن کي ايڊٽ ڪري مستقبل جي محققن اڳيان پيش ڪيو. عربي مخطوطن کي وري عربي جي اسڪالرن کان ايڊٽ ڪرايو.
    راشدي صاحب جا مقالات الشعراءِ، تڪملاءِ، مقالات الشعراءِ، تحفة الڪرام، تاريخ مظهر شاهجهاني، ۽ مڪلي نامي تي ڏنل حاشيا ڪنهن انسائيڪلو پيڊيا کان گهٽ ناهن. اهو سنڌ لاءِ املهه خزانو آهي، جنهن جي ضرورت ۽ اهميت ايندڙ وقت ۾ اڃا وڌندي. اهڙو ڪم شايد ڪوئي ادارو به ڪري سگهي!.
    پهرين اپريل 1982ع تي سنڌي ادب تاريخ ۽ تحقيق جو هي روشن سج پنهنجي روشني ختم ڪري زمين ۾ دفن ٿي ويو.

    سيد ميران محمد شاهه
    سيد ميران محمد شاهه مٽياريءَ جي سيدن مان هو ۽ ٽڪڙ جو رهاڪو هو. سيد ميران محمد شاهه 19 مارچ 1898ع تي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺ ٽڪڙ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حافظ محمد يوسف ۽ حافظ هارون کان حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سنڌ مدرسي کان مئٽرڪ ڪري سنڌ ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. اتان بي اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون وٺي حيدرآباد ۾ وڪالت سان لاڳاپجي ويو.
    مارچ 1924ع تي سن ۾ ٿيندڙ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.
    1925ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928ع ۾ کيس سر غلام حسين هدايت الله جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ کنيو ويو.
    سائمن ڪميشن جي مدد لاءِ بمبئي صوبي جيڪا ڪميٽي جوڙي هئي، ان ۾ سيد ميران محمد شاهه به هو. 1936ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو.
    1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ هو حيدرآباد مان ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ سر غلام حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري رهيو.
    اسپيڪر ديوان ڀوج سنگهه جي وفات کانپوءِ 1938ع ۾ سيد ميران شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو ۽ 1946ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
    ان کانپوءِ هو سنڌ حڪومت جي مختلف عهدن تي مختلف وڏن وزيرن جي دؤر ۾ رهيو.
    1952ع ۾ پاڪستان جو سفير ٿي اسپين ۾ رهيو، جتان 1953ع ۾ موٽي اچي ڪراچي، امپروومينٽ ٽرسٽ جي چيئرميني سنڀاليائين ۽ 1957ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو.
    ادبي خدمتون:
    شاهه صاحب سنڌ جي علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽ اعزازي سيڪريٽري رهيو، ڪجهه وقت ميمبر به هو. شاهه لطيف ڪلچر ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به ڪجهه وقت لاءِ هو.
    شاهه صاحب کي شاعري سان به شوق هوندو هو. ڪيتريون ئي قافيون ۽ غزل لکيائين. تخلص مير ۽ مهجور هيس. سندس ڪجهه نثري مضمون به ملن ٿا، پر افسوس سندس ڪوئي ڪتاب نٿو ملي. راڳ سان به ٿوري گهڻي دلچسپي رهندي هئي.
    محبت، اخلاق، خوش خلقي ۽ خلوص جو اعليٰ نمونو بڻيل هي انسان 16 نومبر 1963ع تي اسان کان وڇڙي ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو