• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ
جا نينهُن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيئن پوندي مامري.


سر حسيني "سسئي "

گهوڙن هنيون = مصيبت جون ماريل، سنڌ سدائين سر سبز ۽ خوشحال رهي آهي ۽ اهيا خوشحالي ئي سنڌ جي مصيبتن جو سبب به رهي آهي.
ٻاهران ايندڙ فوجي لشڪر هاٿين ۽ گهوڙن ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. مقامي ماڻهون گهوڙا ڏسي هڪ ٻئي کي خبردار ڪندا هئا "گهوڙا ڙي گهوڙا " يعني مصيبت اچي وئي تيار ٿيو.
ڀٽائي هي محاورو گهوڙن هنيون گهڻيون استعمال ڪيو آهي.
اُٺن هنئي = اٺن جي ماريل، هي به محاورو ڀٽائيءَ استعمال ڪيو آهي ڇو ته اٺ ئي سسئيءَ جي ڏيرن کي کڻي آيا ۽ وري اٺن تي پنهونءَ کي چاڙهي سندس ڀائر کڻي ويا هئا. تنهنڪري اٺ علامت آهن مصيبت جي.
ڳنهندي = وٺندي، کڻندي
مامري = معاملي، مصيبت، ڏچي

* سسئي چئي ٿي مصيبتن جون ماريل ته ڪيتريون ئي آهن پر اٺن جي ماريل رڳو مان ئي آهيان.

* جيڪا به پيار ڪندي, عشق ڪندي سا مون جيان ڏچن، ڏوجهرن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسندي.

سمجهاڻي

* ڀٽائي خبردار ٿو ڪري پيار ڪرڻ وارن کي ته عشق ۾ آهن ئي پيڙائون، اذيتون ۽ عذاب تنهنڪري خوف، خطرن ۽ مصيبتن لاءِ اڳواٽ ذهني طور تيار رهو.
 
Back
Top