آڳاٽي زماني ڳالهه آهي ته ترڪي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ واپاري رهندو هو. هن جو هڪ نوڪر جنهن جو نالو شريف هو. هو نالي وانگر پاڻ به ڏاڍو شريف هو. وڏڙن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار سان پيش ايندو هو. هنن سڀني خوبين سان گڏ منجهس هڪ وڏي خامي هي هئي ته هو ڏاڍو ويسارو هو کيس ڪابه ڳالهه ياد نه بيهندي هئي. تنهن ڪري هرڪو کيس سڏيندو ئي ويسارو هو. هڪ ڏينهن واپاري کيس چيو ته بازار مان هڪ ڪلو “هُڪ” وٺي اچ.(واضح رهي ته ترڪي ۾ لفظ “هُڪ” جون ٻه معنائون آهن هڪڙي “لوڻ” ۽ ٻي “ڪجهه نه”) شريف سوچيو ته رستي ۾ ڪٿي وسري نه وڃي تنهن ڪري هو هُڪ هُڪ چوندو هلندو ويو. واٽ تي هڪ درياهه وٽ مهاڻو ڪرڙا پڪڙي رهيو هو، شريف هن جي ڀرسان هُڪ هُڪ چوندو لنگهيو ته مهاڻي سمجهيو ته چوي ٿو ڪجهه به نه ملندءِ.تنهن تي مهاڻي هن کي ڇنڊ پٽيندي چيو نڀاڳا ايئن ڇو ٿو چوين بلڪه چئه ته ”الله 10،12 ٻيا به موڪل”.شريف کان هُڪ وسري ويو ۽ مهاڻي جا لفظ ورجائڻ لڳو.ٿورو اڳيان ڪانڌي لاش کنيو پئي ويا. جيئن ئي شريف جا لفظ ٻڌائون ته توائيءَ ۾ اچي ويا ۽ ڪٽڪو چاڙهيندي چيائون هيئن چئه ته ”الله هن کي معاف ڪري”. اڳين هڪ ڪتو مئو پيو هو جنهن مان ڍونڍ جي ڌَپَ ٿي آئي.هن کي مٿيان لفظ چوندو ڏسي هڪ همراهه ڏاڍو کليو ۽ شريف کي چيائين تون چئه “هن مان ڌپ اچي رهي آهي.”ٿورو اڳتي وڌيو ته هڪ عورت خوشبو لڳائي شادي ۾ وڃي رهي هئي.جيئن ئي شريف هن جي ڀرسان گذريو ته شريف چوڻ لڳو “هن مان ڌپ اچي رهي آهي.”عورت به نه ڪا ڪئي هَمَ نه تَمَ، سئنڊل لاهي اچي ورتائينس.شريف ويچارو اچي ڦاٿو چيائين امان پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا چوان؟ عورت چيو، چئه “واهه واهه….زبردست” هاڻي شريف اهو ئي چوڻ لڳو. اڳيان ڪجهه ماڻهو پاڻ ۾ جهيڙو ڪري رهيا هئا شريف جا لفظ ٻڌي چيائونس تون اسان جي مذاق ٿو اڏائين؟ شريف چيو پوءِ ٻيو ڇا چوان، هنن چيو تون هُڪ (ڪجهه به نه) چئه…اهو ٻڌي شريف کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو۽دڪان تان هُڪ (لوڻ) خريد ڪري گهر موٽي آيو.