غلام مصطفي سولنگي سکر، ايڪيهين صديءَ جو جديد شهر، جيڪو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ڪري ملڪان ملڪ مشهور آهي. هي اهو شهر آهي، جنهن جي ڌرتي سنڌ جي صدين جي تاريخ جي گواهه پئي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ جي هڪ ڌارا سنڌو درياءَ جي صورت ۾، هن شهر سان گڏگڏ وهي رهي آهي. هن شينهن درياءَ ۾ سکر جي ويجهو ۽ بکر جي اولهه ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جنهن کي ”ساڌو ٻيلو“ چيو وڃي ٿو. هن ٻيٽ ۾ مشهور ۽ تاريخي مندر موجود آهي، جيڪو بابا بنکنڊي چنڊ شرما ٺهرايو هيو. پاڻ 1803ع ۾ پنهنجو اباڻو ملڪ نيپال ڇڏي اچي روهڙيءَ ۾ آباد ٿيو ۽ پوءِ وري ويهن سالن بعد هن ٻيٽ تي اچي هي شاندار مندر ٺهرايو هئائين، جنهن جي تاريخي لحاظ کان تمام گهڻي ۽ اهم حيثيت پئي رهي آهي. شري بابا بنکنڊي هڪ سئو روهين جي ڄمار ۾ 1863ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. سندس اصل نالو ٻالچند هيو، پر جيئن ته هن نون سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏيو هو ۽ بن جو راهي ٿيو هو، تنهن ڪري سندس گروءَ نالو مٽائي بنکنڊي رکي ڇڏيو. هو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي پنٿ سان واسطو رکندڙ هيو. اداسي پنٿ معنيٰ اهو مذهبي پيروڪار جيڪو سڄي ڄمار شادي نه ڪري ۽ پنهنجو اندر ماري ڇڏي. اداسي پنٿي سنياسي ۽ ساڌو ويرانن ۾ رهي پوري ڌيان سان تپسيا ڪندا آهن. بابا بنکنڊي هيو ته نيپال جو، پر سندس گرو هندستان جي رياست پٽياله جو رهاڪو هيو. پاڻ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو تڏهن سندس عمر 60 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اهو ٽالپرن جو دور هيو. چون ٿا ته مير سهراب خان ٽالپر هن ساڌوءَ سان اڪثر ملڻ ايندو هو. خود مير سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هيءُ ٻيٽ تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو. بابا بنکنڊي صاحب کان پوءِ جيڪي به ساڌو ٻيلي جا گاديسر ٿيا، سي به پهتل پرش هئا. ورهاڱي کان پوءِ وارن ڏينهن تائين ساڌو ٻيلي جو منهنت سوامي هرنام داس هيو، جيڪو سدائين لوڪن جي ڀلائيءَ جا ڪارج ڪندو رهندو هيو. سندس ايا مڪاريءَ ۾ ساڌو ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو ويو. ٻيٽ جي چئني پاسن کان سنگ مرمر جا گهاٽ ۽ پٿرن جي ڀت ٻڌائي وئي ته جيئن درياءَ جو پاڻي کاڌ نه ڪري. مکيه مندر ۾ شريمد ڀاڳوت ۽ گرو گرنٿ صاحب سان گڏ سري چند بابا ۽ رام ڪرشڻ ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون به اسٿا پت ٿيل آهن. ساڌو ٻيلي ۾ ٺهيل هن مندر جي تعمير نهايت نرالي ۽ وڻندڙ آهي. هن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته تعمير جو ههڙو منفرد اسٽائيل سنڌ ۾ موجود مندرن مان شايد ئي ڪنهن مندر جو هجي. هن مندر جي ٺهڻ کان پوءِ هيل تائين هن جي تعمير ڪيترائي ڀيرا ٿيندي پئي رهي آهي ۽ هر ڀيري ان جو اسٽائيل بدلبو پئي رهيو آهي. هن مندر جي ڇتين تي راجستاني طرز نظر ايندي ته ڀتين تي وري مغليه اسٽائيل ڏسڻ ۾ ايندو. مغليه طرز تعمير جو هڪ ٺاهوڪو سفيد گنبذ به آهي. سمورو مندر سنگمرمر، پٿرن ۽ پڪين سرن مان ٺهيل آهي. جڏهن بابا بنکنڊيءَ ساڌو ٻيلي جو ٻيٽ وسايو ته اتي تمام وڏو جهنگ هوندو هيو، جنهن ۾ شينهن سميت ٻيا به ڪيترائي جانور رهندا هئا. پوءِ وري ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ ڪري يا ته اهي ساڌو ٻيلو ڇڏي هليا ويا يا وري هوريان هوريان ختم ٿيندا ويا. تنهن ڪري انهن جي ياد طور سنگرمرمر جي پٿر مان هڪ شينهن جو مجسمو ٺهرائي مندر جي وچ تي رکيو ويو آهي، جيڪو نهايت خوبصورت ٿو لڳي. هن مندر ۾ هڪ شاندار لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري هندو مذهب بابت سوين ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن. اهي ڪتاب سنڌي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، اردو ۽ ڪجهه ٻين ٻولين ۾ لکيل آهن. هندو مذهب جي عام اڀياس توڙي تحقيق لاءِ هي لائبريري هڪ ننڍڙي ريسورس سينٽر جي حيثيت رکي ٿي. ساڌو ٻيلي ۾ هر جمعي تي هڪ خاص ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾خاص ڪري اتر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان هندو ڀائي شريڪ ٿيندا آهن ۽ سندن روحاني تربيت ڪئي ويندي آهي. هر سال جون مهيني جي وچ ڌاري بابا بنکنڊي چند شرما جي ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان هزارين ياتري شامل ٿيندا آهن. انهن مان اڪثر ياتري پنهنجن گهرن کان ڪڻڪ ڀڃي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”ستو“ چيو ويندو آهي. سڀئي ياتري ستو کائي ۽ چانهه پي مندر جي اڱڻ تي ڳائيدا وڄائيندا ۽ خوشيون ملهائيندا آهن. اهي پوڄا هندو سناتن طريقي موجب ڪندا آهن ۽ سنڌو درياءَ مان مورجا کنڀ ٻوڙي هڪ ٻئي کي هڻندا آهن ۽ هٿ کڻي ترشي نمشڪار جو اشارو ڪندا آهن. ساڌو ٻيلي جي مندر ۾ ڪجهه مورتيون پڻ رکيون ويون آهن. هڪ وڏي مورتيءَ جو نالو ترلوڪ ناٿ آهي جڏهن ته ٻين مورتين کي گيڻس، ڪارتڪ، سوام، پارپتي ۽ رشي چيو وڃي ٿو.
ادا سکر ڪنهن دور ۾ سکيو ستابو ۽ سنڌ جو پيرس هيو. هاڻي هن شهر کي سياسي نظر لڳي وئي آهي. سکر جو ڪو روڊ رستو درست حالت ۾ نه آهي. گهڻي رنين گهر نه هلي ، گهڻي مردين هر نه هلي ڪو شاه ته ڪو شيخ، ڪو صديقي ته ڪو خانزادو سکر شهر جو نه ڪو والي نه ڪو وارث. . .