مڪئي کي ڀُڃي ڪري يا اُٻاري کايو ويندو آهي، ڀُڳل مڪئي تي جيڪڏهن ٿورو ليمو ۽ لوڻ هڻنداسين ته ذائقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مڪئي سستي هندي آهي ۽ موسم اچڻ سان ئي بازار ۾ دستياب هوندي آهي، تازي مڪئي کائڻ سان صحت بهتر ٿيندي آهي، مڪئي خريدڻ وقت اهو ضرور ڏسو ته مڪئي جا داڻا سڪل ته ناهن. مڪئي وڏي عرصي تائين کائڻ چاهيو ٿا ته داڻا ڪڍي ڪنهن ٿانو يا شيشي ۾ بند ڪريو ته جيئن ان ۾ هوا نه وڃي اهو وري فرج ۾ رکي ڇڏيو. مڪئي جو رس مٺو هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ته ميون ۾ ميٺاج جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، عام کنڊ جي نسبت اهو وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. انهيءَ جي وڌيڪ کائڻ سان ٿولهه وڌي ويندي آهي ۽ رت ۾ شگر جي سطح ۾ اضافو ٿيندو آهي. بهتر اهو آهي ته ان کي گهٽ ئي کائڻ گهرجي. مڪئي غذائيت بخش هوندي آهي، اهو ڪيترن ئي بيمارين کان بچائيندو آهي. پر ان کي گهٽ کائڻ ئي فائديمند آهي. اها کَلَ ۽ نابيني (نظر) کي فائدو ڏيندي آهي. رت ۾ ڳاڙهن ذرن جي گهٽتائي کي پورو ڪندي آهي. اهو سرطان جي انديشي ۾ گهٽتائي آڻيندو آهي. بلڊ پريشر ۽ ذيابيطس تي قابو ڪندو آهي. ۾ ڪولسٽرول کي جذب ٿيڻ ڏيندو آهي. ۽ هڏين کي مضبوط ڪندو آهي. مڪئي ۾ حياتيون ۽ معدنيات وڏي مقدار ۾ هونديون آهن. اهو موشن (دست) کي به روڪيندو آهي. مڪئي صحت بخش هوندي آهي. ان ۾ الف، ب ۽ ح (وٽامنز اي، بي ۽ ئي) هونديون آهن. اهو هضم ۽ جذب ۾ فائديمند آهي. اها قبضي کي به ختم ڪندي آهي. جڏهن ته الزائمر جي بيمارين کي به روڪيندي آهي. مڪئي ۾ فولڪ ايسڊ به هوندو آهي. حامله عورتن ۾ فولڪ ايسڊ جي گهٽتائي سبب پيدا ٿيندڙ ٻار جو وزن گهٽ هوندو آهي. ۽ ٻار جو مرڪزي اعصابي نظام به ڪمزور ڪندو آهي. حامله عورتن کي مڪئي کائڻ گهرجي ڇا ڪاڻ ته انهن لاءِ فائديمند هوندي آهي. مڪئي معدنيات گهڻي مقدار ۾ هوندي آهي. جيڪا انسان جي جسم کي مخلتف فائدا پهچائيندي آهي، مڪئي ۾ فاسفورس، ميگنيزيم، جست، فولاد هوندا آهن. فاسفورس سان جسم جي تادگي ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ اها هڏين کي مضبوط به ڪندي آهي. جڏهن ته ميگنيزيم سان دل جي ڌڙڪن کي معمول تي رهندي آهي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته مڪئي ڪولسٽرول کي رڳن ۾ ڄمڻ نه ڏيندو آهي ۽ خراب سڻڀ کي ختم ڪندو آهي. ان کان علاوه بلڊپريشر ۾ گهٽتائي آڻيندو آهي ۽ فالج کان روڪيندي آهي.