• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گرمي مند جا بهترين ميوه

منصور سرور

سينيئر رڪن
گرمين ۾ پنهنجو پاڻ کي تازو توانو ۽ صحتمند رکڻ ٻين مندن جي ڀيٽ ۾ گهڻو اهم هوندو آهي. نٽهڻ اُس ۽ سج جي تيز روشني ۾ پاڻ کي کي ٿڌو رکڻ ۽ توانائي حاصل ڪرڻ به انتهائي ضروري هوندو آهي. گرمي توهان جي سوچ کان به وڌيڪ توهان جي جسم مان پاڻي جي صورت ۾ توانائي ٻاهر ڪڍندي آهي. خاص طور تي جڏهن اوهان جي نوڪري ٻاهر فيلڊ ۾ هجي، هتي ڪجهه اهڙي ميون جو ذڪر ڪجي ٿو جنهن کي اوهان پنهنجي ٿيلهي ۾ پاڻ سان گڏ رکي سگهو ٿا. اهي نٽهڻ اُس ۾ توهان کي توانائي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

Fruit-300x186.jpg

هنداڻو:
فائدو، هي اوهان جي هڏين کي طاقت مهيا ڪري ٿو، اوهان جي جسم جو وزن گهٽ ڪري ٿو، نظر ۾ بهتري آڻي ٿو، جيوگهرڙن کي تباهه ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي دورانيي کي سنڀالڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

غذائي اهميت، هن ۾ پوٽاشيم ۽ وٽامن اي ۽ سي موجود هوندا آهن. ڪوڪ سنيڪ تمام گهڻي گرمي وارن ڏينهن ۾ چيڊرچيز سان گڏ هنداڻي جي ٽڪڙن کي استعمال هڪ آسان ۽ صحت بخش سنيڪ آهي.

کيرو:
فائدو، هي اوهان کي ٿڌو رکي ٿو، ان ۾ ڪيلوري گهٽ هونديون آهن، فائبر، اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ پاڻي جو مقدار گهڻو هوندو آهي، هي اوهان جي رت جي دورانيي کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو.

غذائي اهميت، هن ۾ پوٽاشيم سميت وٽامن اي، سي ۽ ڪي تمام سٺي مقدار ۾ هوندا آهن.

ڪوِڪ سنيڪ: تازو ڪٽيل کيري جو استعمال ڪاري لوڻ سان ڪرڻ ڏينهن جي ڪهڙي به وقت هڪ اعليٰ سنيڪ آهي.

انگور:
فائدو، هي مائگرين ۽ هاضمي ۾ خرابي کي صحيح ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. هي چمڙي ۽ نظر لاءِ تمام ڪارآمد آهي. دمي جي بيماري ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. هي هڪ بهترين اينٽي ايجنگ ايجنٽ آهي. غذائي اهيمت، هن ۾ سيچوريٽڊ، ڪولسٽرول ۽ سوڊيم گهٽ مقدار ۾ هوندا آهن، هي وٽامن سي ۽ ڪي کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.

ڪوِڪ سنيڪ: فريز ٿيل انگور کي ڏهي ۾ ملائي کائڻ سان زبردست سنيڪ جو مزو وٺي سگهجي ٿو.

انب:

فائدو، انبن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن، تحقيق مان خبر پئي آهي ته انبن ۾ موجود پولي فينولڪ اينٽي آڪسبيڊنٽس جا ڪجهه طرح جي ڪينسر کان به بچائيندا آهن، هي دل جي دوري ۽ رت جي دورانيي لاءِ به مددگار ثابت ٿئي ٿو.

غذائي اهيمت، هن ۾ فائبر ڀرپور هوندو آهي. هي وٽامن اي، سي، پوٽاشيم ۽ فاسفورس جو بهترين ذريعو آهي.

ڪوِڪ سنيڪ: پڪل انب کائو يا انهن جو ملڪ شيڪ ٺاهي پيو.

ڪيوي:

فائدو، جيڪا عورت ٽي ٻار ڄڻي چڪي آهي، انهن لاءِ هي ميوو بهترين آهي، ڇو جو هي بيمارين خلاف تمام گهڻي مدد ڏئي ٿو، هي ميوو بک به وڌائي ٿو ۽ ننڊ به ڏياري ٿو.

غذائي اهميت، فوليٽ ۽ پوٽاشيم کان علاوه ڊائٽري فائبر، وٽامن ۽ مينگنيز جو به بهترين ذريعو آهن.

ڪوِڪ سنيڪ: مسيڪا پون جيز ۽ رائي بريڊ سان گڏ ڪيوي جو سينڊ وچ کائو.

سٽار فورٽ (ڪيرم بولا)

فائدو: هي اکين ۾ سور جي علاج لاءِ مددگار ٿئي ٿو، مٿي ۾ سور، ڏڍ، ماتا ۽ ارڙي جي علاج ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

غذائي اهميت، هن ۾ پينٽوٿنڪ ايسڊ، پوٽاشيم، وٽامن سي ۽ ڪي پر موجود هوندو آهي.

ڪوِڪ سنيڪ: سرنهن جي تيل ۾ لوڻ سان گڏ سٽارفروٽ جا ٽڪڙا بهترين سنيڪ ٿي سگهن ٿا.

موسمي:

فائدو، هي اسان کي ڪينسر ۽ گڙدن جي بيماري کا بچائي ٿو. جيئري جي ڪينسر کان به بچائي ٿو، هي چمڙي ۽ بلڊ پريشر جي بيماري لاءِ به ڪارآمد آهي.

غذائي اهميت، هن ۾ پوٽا شيم، ڪيلشيم، وٽامن اي، سي ۽ پيٽڪين گهڻي مقدار ۾ هوندا آهن.

ڪوِڪ سنيڪ: پنهنجي سلاد ۾ موسمي جو استعمال ڪري کاڌي کي وڌيڪ مزيدار بڻائي سگهون ٿا.

اسٽابيري:

فائدو، چمڙي ۾ پوندڙ جهرين کان محفوظ رکي ٿي، مختلف بيمارين خلاف اوهان ۾ سگهه پيدا ڪري ٿي، ڪينسر خلاف مئوثر آهي ۽ ويم کان پهرين عورتن لاءِ فائديمند آهي.

غذائي اهميت، هي هارمونز ۽ هڏين لاءِ نهايت فائديمند آهي، هن ۾ وٽامن سي ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي.

ڪوِڪ سنيڪ: آئيس ڪريم ۾ اسٽرابيري جو استعمال سٺو کاڌو بهترين طور تي ٺهي سگهي ٿو.
 
Back
Top