ذِڪر هڪ ڊگهي ڍنڍ جي سير جو

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    انٽرنيٽ تان کنيل تصوير​
    هونئن ته لڳ ڀڳ سڄو تُرڪي ئي جبل آهي پر ڀيٽ ڪبي ته اُترين پاسي وڏا ۽ اوچا جبل آهن ۽ جيئن جيئن ڏکڻ طرف وڃبو ته پٿريلو علائقو آهي جيڪو اُتر جي ڀيٽ ۾ جهَڪو آهي. ڏيک ۾ به اُتر وارا جبل ايئن جيئن پاڻ وٽ ڪوهه مري ۽ ڏکڻ ۾ وري ايئن جيئن ڄامشورو. ڏکڻ توڙي اُتر طرف دنگ تي ٻنهي پاسي سمنڊ اٿس. جيڪو اوڀر کان اولهه ۾ يڪو گڏ هلي ٿو. جيڪڏهن ڪو مرڪزي شهرن (جهڙوڪر انقره) کان اُترئين آخري شهر ترابزو اچي (جِتي اسان رهون پيا) ته گاڏي پهريان سِڌو اُتر طرف هلي ٿي ۽ سڌو اچيو بحرِ اسود جي ڪناري تي دنگ ڪري ٿي. جتان پوءِ اوڀر طرف دلڪش نظارا ڏيکاريندڙ سفر آهي جنهن ۾ موٽر وي جي هِڪ طرف سمنڊ ۽ ٻي طرف سائي چادر ڍڪيل وڏا جبل آهن. جيڪو به اهو سفر ڪري هن پاسي اچي ٿو اهي نظارا ڏِسي اڳ ڪيل سفر جا ٿَڪ لهيو پونس. هونئن به هتي رستا ايڏا ته ڀلا ٺهيل آهن جو ٿَڪ ٿئي به ڪانه. اهڙو ئي سفر ڪري اسان جا ڪُجهه ساٿي (جيڪي اسان کان پوءِ ڄامشورو ۾ ساڳي سينٽر ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن ۽ هتي سال جي اسڪالرشپ تي آيا آهن) هن پاسي گهُمڻ لاءِ نِڪتا. هو تُرڪي جي ڏکڻ ۾ هڪ تاريخي شهر ”ڪونيا“ ۾ رهن پيا جيڪو مولانا رومي جي شهر طور مشهور آهي جتي سندس آخري آرامگاهه به آهي. انهن مان هڪ عُمير قُريشي جيڪو اصل ۾ دادو جي هڪ ڳوٺ جو پر وڏي وقت کان هيرآباد، حيدرآباد ۾ پيو رهي ۽ ٻي فوزيه تبسم جيڪا پڻ لطيف آباد حيدرآباد جي آهي.

    هو ڪونيا مان شام جو ست واري بس ۾ ويٺا هئا جن جي بُڪنگ هنن ٻه ڏينهن پهرين ڪرائي هُئي. هتي تُرڪي ۾ جيترا ڀلا رستا آهن ته وري اوتري ڀلي بس جي سروس به آهي. لڳ ڀڳ جهاز وارو ساڳيو نمونو. هر وڏي شهر ۾ ايئرپورٽ نما هڪ ٽرمينل ٺهيل. ڪٿي کڻي بلڊنگون پُراڻيون ضرور آهن پر وري به ڪافي حد تائين صاف سُٿريون آهن. هر بس سروس جي ويب سائٽ تي اوهان اڳواٽ بُڪنگ ڪرائي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي يا ويجهي آفيس تي وڃي نقد پئسا ڏئي ٽڪيٽ کڻي/وٺي سگهو ٿا. انٽرنيٽ تي اڳواٽ بُڪنگ ڪرائڻ مهل سڄي گاڏي جو خاڪو اوهان جي سامهون ايندو ته ڪهڙي نمبر جو سيٽون خالي آهن ۽ ڪهڙي نمبر تي اڳواٽ ليڊيز سيٽ بُڪ ٿيل آهي تنهنڪري ٻي سيٽ به فقط ليڊيز لاءِ هوندي. ۽ پوءِ جڏهن اسٽاپ تي پُهچ ته جهاز وانگي نه ڪنهن کي فڪر نه ڪا تڪڙ جي لاچار. هرڪو آرام سان ويهو رهي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي. اسان واري دوست عُمير وارن به هتي جي بهترين بس سروس مان هڪ ”ميٽرو“ ۾ بُڪنگ ڪرائي جيڪا شام جو ست بجي هلي ۽ هتي ٻي ڏينهن صبُح جو مقرر وقت 10:30 کان 15 منٽ پهرين پُهتي. مون سوچيو عُمير نه ته به ادي فوزيه ته پڪ ٿڪي پئي هوندي ۽ آرام ڪندي پر نه. هنن چيو اسان بس چينج ڪري فريش ٿيڻ چاهيون ٿا باقي ٿڪاوٽ ڪا به ڪانهي. اسان هتي ٻه ٽي ڏينهن مس رهي سگهنداسين سو جيترو ٿي سگهي گهُمڻ چاهيون ٿا. آرام واپس وڃي پنهنجي هاسٽل تي ڪبا. عُمير جي رهڻ جو بندوسبت اسان جي هڪ ٻي ساٿي اشفاق ڀٽي (فضل ڀنڀرو، ميرپورخاص جو) وٽ بوائز هاسٽل تي ڪيو ۽ ادي فوزيه جو منهنجي گهر.

    پهرين ڏينهن ته هنن کي هن شهر جي وڏي ۾ وڏي ۽ تُرڪي جي ڇهين قديم يونيورسٽي گهُمائيسين جنهن جو لوڪل زبان ۾ نالو آهي ڪارادينيز ٽيڪينيل يونيورسٽي جنهن جي معنى آهي ڪارو سمنڊ. ڪاري لاءِ هي به ڪارا لفظ استعمال ڪن ٿا باقي سمنڊ کي دينيز چون. يونيورسٽي جو انگريزي ۾ آفيشل نالو Black Sea يونيورسٽي آهي. اهو هن شهر سان لڳ سمنڊ جي ڪري آهي جنهن بابت اڳ ۾ لکي چُڪو آهيان.

    ٻي ڏينهن اسان جو پروگرام هو هتِان کان ڪو 100 کن ڪلوميٽر اوڀر طرف هڪ ڍنڍ ڏسڻ جو جنهن کي هتي لوڪل زبان ۾ اوزنگول Uzungöl چون جنهن جي معنى آهي ڊگهي ڍنڍ. انگريزي نالو به ساڳي لغوي معنى سان آهي Long Lake. اها ڍنڍ توڙي جو ايڏي ڊگهي ناهي جو انهيءَ تي اهو نالو پئي پر جنهن جاءِ تي اها موجود آهي انهيءَ حساب سان اها چڱي ڊگهي ٿي لڳي. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن جي وچ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ واقعي به وڏي ٿي لڳي. تُرڪي جي هر شهر ۾ آسپاس (لڳ ڀڳ سؤ کان ٻه سؤ ڪلوميٽر تائين) گهُمائڻ لاءِ ٽوئرسٽ ڪمپنين جون گاڏيون آهن. جيڪي مُناسب اگهه تي سڄو ڏينهن گهُمائي ڦِرائي واپس اچيو لاهين). اڪثر هتي جا لوڪل ماڻهو به انهن ۾ ئي وڃن جيڪڏهن وٽن پنهنجي سواري ناهي. خاص ڪري جڏهن هن مُلڪ جو پري کان ڪو سندن يار دوست هڪ ٻه ڏينهن گهُمڻ اچي ته اهو کين سؤلو ٿو ٿئي ته کين اهڙي بس سروس ۾ وٺي وڃي گهُمائي اچن.

    اسان کي به کپندو هو ته جيڪر هڪ ڏينهن اڳ بُڪنگ ڪرايون ها پر اڃان به ”اُن مهل ڏٺو ويندو“ واري عادت کان مجبور آهيون سو جُمعي جي ڏينهن صبح جو تيار ٿي جڏهن سِٽي سينٽر پُهتاسين ته خبر پئي ته گهُمڻ لاءِ جيڪي ماڳ آهن اِهي هن شهر کان فاصلي تي هُجڻ ڪري بسون سويري نڪريو وڃن ته جيئن شام جو وقت سر موٽي اچن. هاڻي مُنجهي پياسين ته ڇا ڪجي هڪ ته هتي ٻولي جو به وڏو مسئلو آهي. تُرڪ سڄي تُرڪي جا ئي انگريزي يا ٻي ڪا ڌاري ٻولي ڪونه ڳالهائين. ايشيا جي خِطي ۾ آهن ٻه ٻوليون جيڪي عام جام ڳالاهيون وڃن ٿيون. هڪ انگريزي آهي ۽ ٻي وري عربي. نه هنن کي انگريز وڻن جن هنن سان ڪڏهن به ڀلو نه ڪيو نه وري کين عرب وڻن جو سلطنت واري دؤر کان هنن جا اختلاف رهيا آهن. تنهنڪري هي بس تُرڪي ڳالهائن ۽ اها ئي سمجهن. توڙي جو کين انگرزي پڙهائي وڃي ٿي ڪورس ۾ پر ايئن جيئن پاڻ وٽ مڊل اسڪول ۾ عربي. سو هي به انگريزي اوتري ڳالهائن ۽ سمجهن جيتري اسان عربي. بس سينيئر استاد ۽ جيڪي دلچسپي رکن ٿا تِن مان ڪُجهه شاگرد ٿوري ٿڪي انگريزي ڳالهائي ڄاڻ نه ته خير ٿيو. ڪنهن کان به پُڇون پيا ڪو ڏس ته اوزنگول ڪهڙي گاڏي ويندي ته خبر نه پئي پوي. اچانڪ ”ڊاڪٽر حُسين شاهين“ تي نظر پئي جنهن تازو ساڳي ڊپارٽمينٽ مان پنهنجي پي ايڇ ڊي مُڪمل ڪئي آهي جتي آئون ۽ سؤٽ عبدالقيوم توڙي اشفاق ڀٽي به تحقيق جي ڪم سان لڳل آهيون. حُسين کي ماجرو ٻُڌايوسين ته وٺي هليو هڪ بس سروس جي آفيس تي جيڪا سٽي سينٽر کان هڪ پاسي تي گلي ۾ هُئي. تُرڪ مدد ڪرڻ لاءِ سدائين تيار هوندا آهن. بس ڪِٿان ڪو وجهه ملي ته پنهنجو وقت سيڙهائي به چوندا ڪنهن جو ڪم ٿئي. ۽ سندن چڱي ڀلي مغز ماري سان ڪنهن جي ڪا ذري به سڻائي ٿي ته ٺري پيا ٺرندا. حُسين خوشي خوشي اسان جو مسئلو حل ڪرڻ پئي چاهيو ۽ وٺي هليو اُن پاسي جنهن پاسي هڪ ڇوٽڪي گهِٽي واري بيهڪ سان هڪ سستي بازار به آهي جتي سڀ سامان مُناسب اگهه تي ملن ٿا. پري انهيءَ کان اڳتي گهٽ وڃبو آهي جو هِتي به ڪُجهه سڄڻن اوڏانهن گهڻو اندر وڃڻ کان ايئن منع ڪئي هُئي جيئن حيدرآباد اچڻ شروع ڪيوسين ته جهليو ويو هو ته سريگهاٽ واري پاسي اجايو گهڻو نه وڃجو. اسان ٽڪيٽ وٺي ويٺي انتظار ڪيو ته جُمعي جي ازان آئي. پُڇا ڪئي ته خبر پئي مسجد به اُن پاسي آهي جيڏانهن وڃڻ کان منع ٿيل آهي.

    عُمير ڪافي مُنجهي پيو ته انهيءَ پاسي ڪيئن هلجي نماز پڙهڻ. مون چيو ”يار مسجد ته سريگهاٽ ۾ به هوندي هلڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ نماز ئي ته پڙهڻي آهي.“ ايئن کِل ڀوڳ ڪندي اهو فرض به پوورو ٿيو. گاڏي پنهنجي مقرر وقت تي هلي. ساڳيو ئي رستو ساڳيا نظارا جنهن جي اڳ ڳالهه ڪيم. هڪ پاسي بحرِ اسود ته ٻي پاسي جبلن جو نه کُٽندڙ سلسلو جيڪو سڌو اڳتي هلي ”جيارجيا“ کان ٿيندو آزربائيجان ۽ ايران هليو ٿو وڃي. اڌ پنڌ کان پوءِ گاڏي ساڄي پاسي مُڙي جتان پوءِ ٻنهي پاسي جبل هُئا. پر ڪُجهه سُرنگن ۽ ور وڪڙ يا وري جبل ڪٽي روڊ اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جو ڪٿي به گهڻي چڙهائي يا لاهي محسوس نه ٿي ٿئي. وچ تي هڪ هنڌ 10 منٽ اجو اسٽاپ ٿيو جتي لهي انهيءَ ڊگهي ڍنڍ مان وهي ايندڙ واهه لڳ بيهي فوٽو ڪڍياسين. انهيءَ واهه جو جتي به زور سان هيٺ ڪرڻ وارو هنڌ آهي اُتي هِنن ننڍ ننڍا بجلي گهر ٺاهيا آهن جيڪي هتي ننڍن ننڍن ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن.

    اسان فوٽو ڪڍي بيٺاسين ته هڪ همراهه اچي ويجهو ٿي مليو ۽ پڇيائين اوهان پاڪستاني يا انڊين؟ هتي اسان کي ڏِسي گهڻو ڪري اهو ئي سوال ٿيندو آهي. ٻُڌائڻ تي پاڻ چوڻ لڳو آئون بلوچستان جو پر پئدائش مديني جي آهي. رهان به مديني ۾. هتي هر سال تڏهن اچان جڏهن هُتي گرميون صفا زور وٺيو وڃن. جيئن ئي هتي ٿڌ وڌي ٿي ڀڄيو وڃان واپس. بلوچستان ٽي چار دفعا ئي وڃڻ ٿيو آهي تنهنڪري اردو سؤلي ڪونه اچيم.

    مون چيو اڄ تائين ايترا دفعا بلوچستان وڃڻ کان پوءِ لڳي ٿو باقي حياتي ۾ به اوترا دفعا ئي ويندين. ڀلو آهي ته اردو ايتري ئي هُجي جيتري آهي. مون پاڻ بابت ٻُڌايو ته اسن به سعودي ۾ رهياسين جتي بابا توڙي چاچا ۽ ٻيا مائٽ فقيهه ڪمپني ۾ نؤڪري ڪندا هُئا. همراهه کي اچي ڀوڳ سُجهيو چئي اها ته ڪُڪڙين ڪمپني آهي ڀلا اوهان جا وڏا انڊا ڏيندا هُئا ڇا؟

    مون کي به ٿورو عجيب بلڪه بُرو لڳو؟ اهو ڪهڙو سوال ٿيو ته ڪڪڙين جي ڪمپني جي ملازمن کي ايئن چئجي. پنهنجي وڏن لاءِ اهڙي ڳالهه ٻُڌي وڏ ننڍائي جو لحاظ ڇڏي ٺهه پهه چيم

    ” نه ايئن ته ڪونهي. اسان جا وڏا توڙي ننڍا انسانن وانگي ئي ڄم واري عمل مان گُذريا آهن لڳي ٿو اوهان مان ڪي انڊا ۽ ڪي ٻچا ٿا ڏين. جو اهو سوال سُجهيئي“

    همراهه ٿورو لڄي ضرور ٿيو پر پوءِ معافي وٺڻ لڳو ته ”دل ۾ نه ڪجان.“

    مون چيو ”تون به نه ڪجان. ۽ ها ٻاروتڻ وارو وقت منهنجو به مڪه/سعودي عرب ۾ گُذريو. سنڌ مان پي ايڇ ڊي ڪري هتي ترابزون تُرڪي ۾ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ٿو ڪريان.“

    همراهه جو اهو ٻُڌو ته صفا چنبڙي پيو چئي چانهن پيئون. مون نه ڪئي ۽ گاڏي وڃڻ واري آهي جو عُذر ڏنو ته چوڻ لڳو ”آئون هتي اسٽاپ واري کي چوان ٿو ته گاڏي روڪرائي ٿو اوهان منهنجي چانهه پيئو.“ چيم ”اهو ئي ڪم منهنجا ٻيا مُسافر ساٿي ڪن ها ۽ وقت وڃائن ها ته مون کي بُرو لڳي ها. ساڳي ڳالهه آئون هنن لاءِ ڪيئن چوان. بس تو چئي اسان پيتي. هاڻي يارو ياري. هونئن به سفر ۾ ساٿ عارضي هوندا آهن. باءِ باءِ.“

    ۽ هڪ دفعو وري گاڏي هلي پئي تُرڪي جي وڏن جبلن وچان جيڪي ساوڪ سان ڍڪيل ۽ ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هُئا. جڏهن ڍنڍ تي پُهتاسين ته اسان واري يار اشفاق ڀٽي جي منهن مان بي اختيار نِڪري ويو

    ”يار گاڏي جي دري مان ڏِسي ايئن ٿو لڳي ته جهڙوڪر حقيقت ۾ نه پر ڊرائنگ روم جي ديوار تي لڳل ڪنهن سينري کي ڏسندا هُجون. يقين ئي نه پيو اچي ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن وچ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ ۽ چئو طرف ساوڪ ئي ساوڪ. بس وارن اسان کي هتي ٽي ڪلاڪ گهُمڻ ڦِرڻ جا ڏِنا. ڍنڍ وٽ هڪ مسجد به آهي. تُرڪي جي گهڻين تڻين مسجدن جي مخصوص ڊزائن هن مسجد جي به آهي. مون هن مهل تائين ترابزون، ازمير ۽ انقره ۾ سڀ مسجدن جي ڊزائن ساڳي ڏٺي آهي. سواءِ هڪ مسجد ازمير ۾ جيڪا به شايد شام وارن ٺهرائي ۽ ٻي ترابزون جي هڪ مسجد ”آيا صوفيا“ جيڪا پُراڻي دؤر ۾ هتي رهندڙ عيساين جي گرجا کي ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي.

    منجهند جي ماني جي حِساب سان وقت ڪافي ٿي چُڪو هو تنهنڪري انهيءَ فِڪر کان آجي ٿيڻ لاءِ هڪ ريسٽورينٽ ۾ وياسين. هي هڪ سياحتي ماڳ هُجڻ ڪري ڄڳهه ڄڳهه تي ننڍا ننڍا ڪيفي آهن جتي فاسٽ فوڊ کان ويندي هلڪو ڦُلڪو کاڌو مليو وڃي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته الائي گورنمنٽ جي سختي جي ڪري يا وري هي پاڻ ئي سياحن جي خيال خاطر ۽ ٻيهر موٽي اچڻ تي ڀرم رکڻ لاءِ ڪٿي به اجايا ريٽ نه ٿا وٺن. اوهان ڀلي ڪنهن ڀرئي تُرئي شهر ۾ وڃي ماني کائو يا اهڙي ڪنهن سياحتي ماڳ تي پر ساڳيا ريٽ ساڳي معيار.اها فڪر به نه ٿي رهي ته ڪو ٺڳ ڪا شئي اجائي اضافي ڏيئي پوءِ وڏا وڏا بِل ويٺو ڪڍندو جيئن اڄ ڪلهه پاڻ وٽ تفريحي ماڳن تي اهو ٿئي ٿو. خاص ڪري پنجاب ۽ پشاور ۾ ته ڪنهن سياحتي ماڳ تي ڪُجهه کائڻ پيئڻ کان اڳ ذري گهٽ لکت ۾ ايگريمينٽ ڪرڻي پئي ٿي فلاڻي شئي ايتري جي ته فلاڻو کاڌو ايتري جو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هِن مُلڪ ۾ سياحتي ماڳ آهن ڪو نالي ماتر ۽ سي به هنن زوري ٺاهي بنائي ماڻهن جي ڪشش جو سامان پئدا ڪيو آهي جي نه ته اسان وٽ ته الائي ڪيترا ماڳ آهن جن کي ڪڏهن نه پُڄن. اهڙيون قُدرتي ڍنڍون اسان وٽ اُترين علائقن ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون آهن پر بس ڪونهي قدر نه وري ڪو ٺاهڻ وارو. جي ڪُجهه ماڳ آهن به نام نهاد تنظيمن جي ڪري امن تباهه آهي ڪو وڃڻ لاءِ تيار ناهي.

    اسان هوٽل جي ٻاهر ٺهيل هڪ ڪاٺي جي لانڍي ۾ ويٺاسين جنهن جهڙيون ڪافي هڪ لائن ۾ ٺهيل هُيون. پاسي مان وهندڙ ندي جي پاڻي جو آواز ۽ ٿڌ جو احساس ماحول کي پُرڪشش بڻائڻ لاءِ ڪافي هو. ماني کائي جلدي واندا ٿي نڪتاسين اڳتي هلي ڍنڍ جي ڪناري بيهي نظارا ڏسڻ لاءِ. هي ڍنڍ جيڪا چار پنج صديون اڳ جبل جي وڏي ڇِپ کسڪڻ ڪري وجود ۾ آهي تنهن تي گهڻو وقت ڪڪر جو گهيرو ۽ سردي هُجڻ ڪري ايڏانهن ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو گهٽ هو. بس رُڳو اُهي ئي ٿي آيا جن جو هتي هن ڍنڍ جي نالي سان ئي ڳوٺ آهي. پر پوءِ گرمين جي موسم ۾ هتي ماڻهن کي ساوڪ جا نطارا ڏسڻ جي ڪشش وڌڻ لڳي ۽ هر سال ماڻهو اچڻ لڳا ته گورنمنٽ هنن ڍنڍ جي اندرئين ڪناري سان پٿرن جي ديوار ٺاهي ۽ پاسي جي رستي کي به مرمت ڪري بهتر بڻايو جنهن تي هتي جي ماڻهن ڪافي احتجاج به ڪيا ته اها ڍنڍ آهي ۽ هن کي ڍنڍ ئي رهڻ ڏِنو وڃي. پر گورنمنٽ جي رٽ هتي هلي ٿي پوءِ ڪو ڀلي ڪُجهه به چوي. توڙي جو انهيءَ تعميراتي ڪم کان پوءِ انهيءَ ڍنڍ جو نظارو ڪنهن پُول (مصنوعي تلاء) وارو ڏيک ڏي پيو پر اڳتي هلي ماڻهن ڳالهه سمجهي ته ڪُجهه ڪم ديرپا ۽ بهتري لاءِ هوندا آهن. گورنمنٽ اهو ڪم نه ڪري ها ته ٻنهي پاسي کان رستو کائجي وڃي ها ۽ ماڻهن جي ۾آدرفت ۾ ڏُکيائي ٿئي ها.

    هتي گهڻا تڻا سياح يا ته عرب مُلڪن جا هُئا يا وري ايران پاسي جا. اڪثر عورتون بُرقعي ۾. تُرڪي ۾ بُرقعي جو رواج جهڙو ڪر نه هُجڻ برابر آهي. گهڻو تڻو عورتون جينز ۽ ٽي شرٽ ئي پائن ۽ وڏي عُمر جون وري گوڏ نما هڪ پڙو پائن ۽ مٿان شرٽ يا جنهن کي اسان وٽ بُشٽ به چون. نقاب جو ته هنن وٽ تصور ئي ڪونهي. پردي لاءِ هي انگ ڍڪڻ کي ڪافي سمجهن. منهن لڪائڻ جي عادت پاڻ ۾ ڪونه اٿن پر ٻيا ڪن تِن تي به حيرت ڪَن پر هتي ڏسن ته عرب پاڻ سان گڏ آيل عورتن جا فوٽو پيا ڪڍين جن جو ظاهر رُڳو اکيون هُجن ته پاڻ کي کلڻ يا منهن پري ڪري تبصرو ڪرڻ کان نه پيا روڪي سگهن نه ته هونئن ته هي پرائيوسي جو ايڏو خيال ڪن ٿا جو ڪير ڇا ٿو ڪري انهيءَ سان وس ويندي غرض ڪونه رکن. هرو ڀرو ٻي جي ڪم ۾ عمل دخل ڪونه ڪن. پر مون محسوس ڪيو ته سڄو ڍڪجي اکيون ظاهر ڪري فوٽو ڪڍائڻ واري عمل هنن کي ڪافي حيران ٿي ڪيو. جو انهيءَ تي کلڻ يا تبصرو ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه پيا سگهن.

    تُرڪ عورتون پردو ڪونه ڪن پر اڄ به ڪافي يا بلڪه اڌو اڌ نوجوان ڇوڪريون به بُرقعي نما ابايو پائن ٿيون ۽ وار ڍڪڻ لاءِ اسڪارف به لڳائن جيڪو رجب طيب اردگان جي حُڪومت کان اڳ ۾ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ تي لاهڻ لازمي هوندو هو. پر پوءِ هن همراهه جي پنهنجي طبيعت به ٿورو مذهبي ۽ ڪابينه ۾ مذهبي ماڻهن جي رُجحان ڪري اها پابندي ختم ڪئي وئي ۽ هاڻ ته يونيورسٽي ۾ به ڪافي ڇوڪريون حجاب ۾ نظر اچن ٿيون.

    اسان به فوٽو گرافي ڪندا ڍنڍ جا نظار ڪندي هلياسين اڳتي جتان پوءِ هڪ ساڄي پاسي مٿي جبل تي چڙهڻ جو به رستو هو. اڄ به جبل تي چڙهندي مون کي منهنجي سچل ڳوٺائي جوڙ سان رني ڪوٽ جي جبل تي چڙهي شير ڳڙهه سَر ڪرڻ ياد ايندو آهي. خاص ڪري مُرتضىٰ وساڻ جيڪو ٻيهر جبلن مُنهن ڪرڻ کا توبهه ڪري موٽيو پر چوندا آهن ته سفر جو شؤقين هر اڙانگي سفر کان پوءِ اها توبهه ڪري ٻيهر سفر نه ڪرڻ جو واعدو ڪندو آهي پر ٿڪ لهندي ئي جڏهن ڪو سانباهو ٿيندو آهي ته هي پنهنجو سامان اڳواٽ تيار ڪندو آهي. ايئن جيئن هر عورت ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٻي ٻار کان توبهه ڪندي آهي. ايئن ئي هڪ دفعو وري مرتضى هليو کير ٿر جبل ۽ ساڳي سنگت سان اهو جبل به سَر ڪيو هوسين.

    ڊِگهي ڍنڍ جي اوبرندي پاسي اهو جبل جيترو چڙهجي اوترو ٿورو آهي. جيئن جيئن مٿي وڃبو ته هيٺ جو نطارو اڃان دلڪش ٿيندو. پر وقت گهٽ هُجڻ ڪري اسان ٿورو اڳتي هلي وري ساڄي پاسي اندر مُڙياسين جتي مٿان وهي ايندڙ پاڻي جي ڪِرڻ جو شاندار نطارو هو. هڪ اهڙو نظارو جيڪو اڄ تائين اسان فقط فوٽو ۾ ڏٺو ۽ شؤق ڪري فوٽو شاپ ۾ پنهنجي فوٽو جي هٿ ٺوڪئي بئڪ گرائونڊ طور پئي استعمال ڪيو. اڄ اهو نظارو اکين سان ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. جبل تي ڇهه مهينا پوندڙ برف هاڻي گرمي ٿيڻ تي پئي پگهري جيڪا اهڙن وهڪرن کان ٿيندي اچي انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿڌي پاڻي جي صورت ڪِري ٿي. سياري ۾ ته اها ڍنڍ ئي برف ٿيو وڃي. اسان اڳ ۾ ٻارن سان آياسين ته ٻارن برف ٿيل ڍنڍ مٿي پئي ڊوڙون پاتيون ۽ برف جي تهه هيٺان ڪٿي ڪٿي پاڻي وهندو نظر پئي آيو. ڊپ به ٿئي پيو ته جيڪر اها برف ڪٿان ڀڄي ڀُري ته ماڻهو سِڌو اندر پر سڀ چون پيا برف جي تهه ڪافي مظبوط آهي. ڪافي ماڻهن ته برف تي گڏجي ڊانس به پئي ڪئي. پر هن دفعي موسم اڳي جي ڀيٽ ۾ گرم هُجڻ ڪري پاڻي ئي پاڻي هو.

    هاڻي شام پئي ٿي. سج ته جبل جي ڪري ڪڏهوڪو لهي ويل محسوس ٿيو. اسان به واپس اچي پُهتاسين ساڳي گاڏي تي جتان کان واپس 100 ڪلوميٽر جو سفر هو ترابزون شهر جو ۽ واٽ تي سڄي رستي ۾ بارش جو مزو. رستا سُٺا هُجن ۽ گاڏي ڀلي ته رات جي انڌيري ۾ بارش هوندي سفر جو مزو ئي پنهنجو آهي. مون کي ته خوب پسند آهي.

    [​IMG]ڊاڪٽر حُسين شاهين سان گڏ ٽوئرسٽ بس آفيس جي اڳيان
    [​IMG]
    ٽوئرسٽ بس

    [​IMG]
    دلفريب نظارو
    [​IMG]
    انهي ڍنڍ مان ايندڙ ندي
    [​IMG]
    سعودي عرب کان گهُمڻ آيل بلوچستان جو بلوچ سان گڏ
    [​IMG]
    اُهو هنڌ جتان ڍنڍ مٿان کان هيٺ ويڪري ٿيڻ شُروع ٿئي ٿي
    [​IMG]
    کاٻي کان عُمير قُريشي آئون، عبدالقيوم ۽ اشفاق ڀٽي
    [​IMG]
    ڪڪرن سان مليل جبل جيڪ ڍنڍ جي چئني پاسي آهن
    [​IMG]
    ڍنڍ ڪناري جتان مسجد به نظر اچي ٿي پئي
    [​IMG]
    ڍنڍ جي ڪناري جو اندريون پاسو جيڪو پوءِ تعمير ٿيو
    [​IMG]
    مسجد جي مينارن جو ڍنڍ ۾ عڪس
    [​IMG]
    ٻه دوست عُمير قريشي ۽ اشفاق ڀٽي
    [​IMG]
    هِتي ويهندي وقت گُذرڻ جي خبر نه ٿي پوي
    [​IMG]
    هن ڍنڍ بابت لکيل هڪ بورڊ​


    وقت هُجي ته هڪ وڊيو به ڏِسي سگهو ٿا صرف 37 سيڪنڊ جي​
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام زبردست سائين. الله خوش رکي توهان کي هميشه
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نظارا ڏسي... دل مان زور زور سان آواز اٿندا آهن... ته “يار اسان ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهون..”
    اهي دلفريب منظر ڏسي هڪ انگريز جو مون کان ڪيل سوال ٿو ياد اچي... “توهان موئن جي دڙي کان ايترو ويجهو آهيو.. ته دڙو گهمڻ ته روز ويندا هوندو...”
    هاڻي مان کيس ڇا جواب ڏيان.. پر مونکان اڳ ئي منهنجي دوست چيو... “اهو توهان جهڙن جو دماغ خراب آ جو اهڙن کنڊرن کي ڏسڻ لاءِ هزارين ڪلوميٽر طئي ڪري ٿا اچو.. اسان کي کُٽي کنيو آ.”
    جواب جيئن ته سنڌي ۾ هو ان ڪري انگريز جي سواليا نظرن کي ڏسي مون کيس “ييس ييس” چوندي جان ڇڏائي... پر ڇا اهڙن ماڳن لاءِ اهو سوال کردماغ چورائيندو جي پڇا ڪجي... ؟ :)

    وڏا پنهنجي گهمڻ واري لسٽ ۾ ان ڍنڍ ۽ سري گهاٽ نما علائقي واري مسجد کي پهرين نه ته ٻئي نمبر تي ضرور رکجان.. جڏهن مان اچي تنهنجو مهمان ٿيان... ۽ ها جيڪڏهن اهو بلوچ منهنجي گهمڻ ڀيري به مليو ته هڪ جواب مون وٽ آهي.. جيڪو کيس ٻڌائڻ اوڌر تي رکيل آهي.. :)

    پيرائتو ليک.. پر تصويرن ۾ ادي فوزيه نظر نه آئي... ان کي گهمائڻ وساري ويٺو يا فوٽوگرافر هجڻ ڪري نظر نه آئي...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    بهترين ادا بيشڪ الله سائين جي خوبصورتي هر طرف پکڙيل آهي.
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي

هن صفحي کي مشهور ڪريو