سنڌ هڪ خوش نصيب خِطو

'مقالا' فورم ۾ عباسي دوست طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2014۔

  1. عباسي دوست

    عباسي دوست
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    سڳيون صوڀوديرو خيرپورميرس سنڌ پاڪستان
    نحمده ونصلي ونسلم على رسوله الڪريم
    بسم الله الرحمان الرحيم
    سڀ کان پهريون انسان سنڌي هو
    سنڌجي سرزمين کي اهوشرف ۽ شان حاصل آهي جوسڀ کان پهرئين انساني جوڙو،حضرت آدم ۽ بيبي حوا عليهما السلام کي زمين تي نازل ڪيوويوته بيبي حواعليه السلام کي سنڌ۾ لاٿوويو،چناچه مشهورمحدث ۽ فقيه علامه ملاعلي قاري لکي ٿوته:لان آدم عليه السلام لمااهبط الي الارض وقع باالهند ووقعت امرئته حوا باالسند:يعني حضرت آدم عليه السلام جڏهن زمين تي لٿوته هند ۾ لٿو۽ بيبي حواسنڌ۾ لٿي(شرح نقايه
    )ٻي روايت ۾ حضرت آدم کي سنڌ ۾ ڄاڻايوويوآهي(رفيعي)
    مذڪوره روايتن موجب چئي سگهجي ٿوته سڀ کان پهريون انساني جوڙو،جيڪوزمين تي لٿو،تنهن مان هڪ جاگرافي لحاظ کان سنڌي هو،اگرٻنهي مان ڪنهن کي سنڌي تسليم ڪيووڃي ته لازم ايندوته سڀ انسان اولادجي ناتي هڪ لحاظ کان سنڌي آهن

    حضرت موسي جومهانڊوسنڌي جتن جهڙو
    چناچه امام ابوعبدالله محمد بن اسمائيل بخاري شريف جلد پهريون ڪتا ب الانبيا حديث معراج ۾ آڻي ٿوته :واماموسى فآدم سبط جسيم ڪانه من رجال الزط:يعني حضرت موسى عليه السلام ڪڻڪ رنگو،قداور،۽ سهڻي جسم واروجهڙوجتن مان هو
    ياد رهي ته زط ان زماني ۾سنڌي جتن کي چيوويندوهو چناچه لسان العرب وارولکي ٿو:الزط جيل اسودمن السند:يعني جت سانوري رنگ جاسنڌجاماڻهوآهن(لسان العرب جلد7صفه308)

    سنڌي صحابي رسول
    علامه مراد انصاري دفينت المطالب ۾امام سيوطي جي جمع الجوامع جي حوالي سان حديث آڻي ٿوته:ان رسول الله صلى الله عليه وسلم ارسل ڪتابه الى اهل السند على يد خمست نفر من اصحابه فلماجا والي السند في قلعه يقال لهانيرون اسلم بعض اهله ثم رجع منه اصحابه اثنان مع الوافد عليه من السند وبقي ثلاثت منهم في السند واظهراهل السندباالاسلام وبينوالاهل السندالاحڪام وماتوفيه وقبورهم فيه الا ان موجودت
    بيشڪ نبي ڪريم عليه الصلات والسلام پنهنجن پنجن اصحابن سڳورن کي خط لکي ڪري ڏئي سنڌوارن ڏانهن موڪليوهو،پو جڏهن اهي اصحابي قلعي ۾ پهتاجنهن کي نيرون ڪوٽ(هاڻوڪوحيدرآباد)چيوويندوهو،اتان(سنڌ) جي رهڻ واڻن مان ڪن اسلام قبول ڪيو،پو ٻه اصحابي سڳوراسنڌن جي وفدسان گڏ واپس مديني موٽي ويا،۽باقي ٽي اصحابي سنڌ ۾ رهي پيا،۽سنڌوان وارن کي اسلام جوپيغام پهچائينداهئا۽انهن کي اسلام جااحڪام سيکارينداهئا۽سنڌ۾ئي وصال فرمايائون۽انهن جون قبرون به هتي ئي آهن(دفينت المطالب ج4ص119بحواله جمع الجوامع)
    امام جلال الدين سيوطي جمع الجوامع ۾ حضرت علي کان روايت آڻن ٿا:عن علي ان رسول الله ذڪر انه وفدعليه وفدان في يوم واحد من السند وافريقيت بسمعهم وطاعتهم
    پاڻ ڪريمن فرمايوته هڪ ئي ڏينهن ۾ سنڌ ۽آفريڪاجاٻه وفدمون وٽ پهتاجن پرضاخوشي سان اسلام ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي(جامع الاحاديث لامام السيوطي. مسند علي بن ابي طالب ج29ص408)هلندڙ...
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سبحان الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو