بحرين جون بي باڪ شامون. عوامي آواز سنڊي ميگزين 1.6.2014

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2014۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    دمام ۾ نوڪريء دوران ڪيترائي ڀيرا بحرين ملڪ گھمڻ جو خيال آيو. پروگرام به ٺهيو ٿَي، پر موڪلن جو ڪجھ اهڙو سلسلو رهيو جو بحرين گھمڻ جي ڪا واٽَ نظر نه ٿي آئي. حالانڪه دمام کان بحرين آهي به مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي.روڊ ذريعي پنهنجي گاڏيء تي وڃڻ به آسان آهي ته ٻه ٽي سو ريالَ اوٽ موٽ ڀاڙَي تي بَسون ۽ ٽيڪسيون به هلنديون آهن جيڪي چيڪ پوسٽ ۽ ويزا جي چڪرن کي ڪڍي ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ بحرين پڄايو ڇڏين. سعودي عرب جي الڳ چيڪ پوسٽ آهي ته بحرين جي الڳ جتي وري ويزا به ان ئي وقت پاسپورٽ تي پنجاھ ريالن جي عيوض اسٽيمپ ڪيو ويندو آهي. سالياني موڪل تي گھر کان سواء ٻي ڪا واٽ نظر نه ايندي هئي، اها موڪل هئي به حج واري عيد تي، سو ان موڪل کي هٿان وڃائڻ بي وقوفي ٿَي لڳي. اسانکي ٻي موڪل رمضان واري عيد تي ملندي آهي جيڪا لڳ ڀڳ هفتي جي هوندي آهي. پر رمضان جا روزا سو به دمام ۾ مطلب سورهن، سترنهن ڪلاڪن جو روزو ٿي ٿيو، ٽيهن روزن رکڻ کانپوء ته هفتو آرام ڪرڻ ئي مناسب ٿي لڳو. ٻيو وري بحرين جهڙي بي باڪ ملڪ ۾ وڃجي سو به ٽيھ روزا رکڻ کانپوء، اهو ڪم مڙئي جوکم وارو ٿي لڳو. ڇاڪاڻ جو بحرين ملڪ ۾ وڃي ڪو پٽڙيء تان ٿِڙي ٿاٻرجي نه وڃي ان ڳالھ جي ڪا گارنٽي ئي ناهي، بالڪه بحرين ملڪ ماڻهو گھڻو ڪري ته وڃن ئي ٿِڙَڻ ٿاٻڙجڻ.

    مونکي اهڙو ڪو خاص شوق نه هو جنهن لاء دل بحرين وڃڻ لاء آتي بيٺي هئي، پر مونکي ڏسڻو هو ته ماڻهو ڪيئن ٿا ٿڙن ٿاٻرجن. سو اهڙو چڪر گھميو جو وڃي بحرين نڪتُس. نه ئي ڪو اهڙو پروگرام هو نه ئي وري ڪا تياري هئي، جيئن چوڻي آهي ته “آسمان سي گِرا کجور ۾ اَٽڪا”، سو مون سان به اها ئي ڪار ٿي. حج واري عيد تي منهنجي ٽڪيٽ هيڊ آفيس کان ئي ”گلف ايئر“ ذريعي وايا بحرين لڳي آئي. پر ان ۾ بحرين ايئرپورٽ تان هڪ ڪلاڪ جي ٽرانزٽ فلائٽ هئي. مطلب ته دمام کان بحرين ۽ ڪلاڪ جي انتظار کان پوء ٻي فلائٽ ۾ بحرين کان ڪراچي. ٿيو ائين جو دمام کان بحرين ته ٽائيم تي پُڄي وياسين، پر بحرين کان ڪراچيء واري اُڏامَ ۾ چوويهن ڪلاڪن جي ويرم اچي وئي. گلف ايئر وارن ته انجا ڪي ٻيا سبب ٿي ٻُڌايا پر جيڪا ڳالھ منهنجي ننڍڙي دماغ ۾ اٽڪي بيٺي هئي سا اها هئي ته هنن پنهنجون اُڏامون حج واري رُوٽَ تي لڳائي ڇڏيون هيون، پوء پئي ڪَيَن باقي مسافرن کي خُوار. ائين صرف گلف ايئر ۾ ئي ناهي ٿيندو پر حج واري عيد تي ٻين ايئر لائينز جا به پنهنجا ناز نخرا شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي عام ڏينهن ۾ هڪ منٽ به ويرم نه ڪن سي اڌ اڌ مُنو مُنو ڪلاڪ يا وري ڪي ٻه ٽي ڏينهن مسافرن کي ويهاريو ڇڏين. سو گلف ايئر وارن جي ان ويرم ۾ گھٽ ۾ گھٽ مان ته ڏاڍو سَرَهو ٿيس، ڪيترائي سفر جا ساٿي پريشان به ٿيا، گوڙ گھمسان به ڪيائون پر ورين ڪجھ ڪِينَ. مون پئي کين آٿتون ڏنيون ته ابا سفر آ مڙئي خير آ، جيئن دير تيئن خير. منهنجي ته مفت ۾ الله ٻُڌي هئي. مٿان وري اهو ٻُڌي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيُس ته گلف ايئر وارن اسانجي طعام ۽ قيام جو بندوبست به شهر جي هڪ ڀلي هوٽل ۾ ڪيو آهي. بس پوء ته الائي ڇا ڇا پئي گُھميو هن گُنهگار بندي جي ذهن ۾. قصو ڪوتاھ، اِميگريشن کان بحرين ملڪ جي چوويهن ڪلاڪن جي ويزا لڳي پوء هوٽل جي گاڏيء اسانکي وڃي “هوٽل دِيوا” جي گيٽ تي ڇڏيو جيڪا فور اسٽار هوٽل هئي. ايئر پورٽ کان هوٽل پهچندي پهچندي رات جو هِڪُ ٿَي ويو، پر پوء به رستن تي اهڙي روشني جو ڏينهن ٿي لڳو. هر پاسي سيڪيورٽي هاء الرٽ هئي، ڇاڪاڻ جو ڳچ وقت کان بحريني عوا۾ ۽ حڪومت جي وچ ۾ تڪرار پئي هليو. رستن ۽ گھرن جي بيهڪ ساڳي سعودي عرب واري هئي. بهرحال وڃي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. ٿَڪ به ڏاڍو هو جو ايرپورٽ تي بيهاري بيهاري لاھَ ڪڍي ڇڏيا هئن، پر ڪمري ۾ پهچي سڀ ٿڪَ ئي لهي ويا. ڪمري جي فون تان گھر ڪال ڪري کين صورتحال بابت حال احوال ڏنم. منهنجو سنگتي جاويد شيخ خاص مونکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاء ڪراچي آيل هو تنهن کي به فون ڪري فلائيٽ ۾ چوويھ ڪلاڪ دير بابت آگاھ ڪيم.

    گلف ايئر وارن جي پيڪيج ۾ ناشتو، منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني هئي. تنهن کانپوء ٻه منٽ انٽرنيشل ڪال به فري هئي. هوٽل پهچڻ ساڻ ئي ريسيپشن تي اينٽري ڪرائي پهريائين کانئن رات جي مانيء جو پڇيم. جواب مليو ته هن وقت ٽي ٿيا آهن ۽ رات گذري وئي آهي، هاڻ اوهان ناشتي تي اچجو. اها ڳالھ ٻُڌي مون تي ته ڪو خاص اثر نه ٿيو جو پاڻ اڳي ئي بُکن جا پڪا هئاسين، پر مون وارو يار ظفر جيڪو منهنجي ئي پروجيڪٽ تي سرويئر هو ۽ سندس ٽڪيٽ مونسان گڏ ئي لڳي هئي سو ويچارو بک جو ڪچو هو سو وڃي پيٽ کي مُٺ ڏئي پنهنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. منهنجو سمهڻ جو ڪو پروگرام نه هو. چوويهن ڪلاڪن ۾ عربي/ فارسي نار تي 55 ڪلوميٽر ڊگھو ۽ 18 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 1,300,000 جي آباديء وارو ٻَيٽُ بحرين گھمڻو هو، ۽ ان بابت ٻُڌل هر شيء جو مشاهدو ڪرڻو هو. ياد رهي ته ان آدمشماري ۾ جيڪا جولاء 2013 ۾ ڪئي وئي هئي، تقريبن اڍائي لک خارجي آهن.

    وقت به گھٽ هو سو ڪمري ۾ موجود هوٽل جي ڪيٽالاگ کي پڙهڻ شروع ڪيم. ڪيٽالاگ پڙهندي پڙهندي ائين ٿي لڳو ته متان هوٽل کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي، ڇاڪاڻ جو ضرورت جي هر شيء هوٽل ۾ موجود هئي. بهرحال ان وقت لڳو ٿي ته هاڻ بک کي ڌوڪو نه ڏئي سگھبو، سو روم سروس تي ڪال ڪري کانئن پُڇيم ته جي رنڌڻي ۾ ڪجھ هجي ته مونکي سڀاڻي واري رات جي ماني جي کاتي ۾هن وقت ڏئي ڇڏيو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. چَيَن ٺيڪ آهي اوهان ڀلي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران ۾ اچو ته توهانکي ماني ڏيون ٿا. مان به لفٽ ۾ وڃي ڇهين ماڙ تي پهتس. کاٻي پاسي هوٽل ته ساڄي پاسي وري ڊِسڪو بَار، جنهن مان انگريزي راڳَ جا گھوگھٽ ٿي آيا. سوچيم ڀلا مانيء کان اڳ ٿورو ايڏانهن به ليئو پائجي. اندر داخلا جا پنج بحريني دينار هئا. مون وٽ ان وقت سعودي ريال هئا، پر بحرين ۾ ريال ۽ سعودي ۾ بحريني دينار هجن ته بس مَٽائڻ جي ضرورت ئي ناهي. سو پنجن بحريني دينارن جا پنجاھ ريال ڏئي اندر جو ويس ته پريان ڪنڊ تي ڊِي.جَي صاحب جي ميوزڪ سسٽم تي وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي، مونکان ۽ ڪائونٽر تي ويٺل همراھ کانسواء بار ۾ موجود ڪو به شخص هوش ۾ نه ٿي لڳو. غريب ۽ ڏتڙيل ملڪن کان آيل عورتن کي تَنَ تي ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل هئا. ڪپڙا به کڻي نه چئجن پر ائين کڻي چئجي ته مڙئي بس ڍَڪيل هيون. پوء الائي واقعي غريب مسڪين هيون يا گھران تڙ تڪڙ ۾ نڪرندي ڪپڙا پهرڻ وسري ويا هئن، يا وري لوڊ شيڊنگ سبب اونداھ جي ڪري ڪپڙا هٿ نه پئي آين پوء جيڪي ملين سو پائي اچي نِڪتيون. دمام سعودي عرب کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي بحرين ملڪ ۾ اهڙي ڪِرت ٻُڌي ته هئي پر هاڻ اکين سان ڏٺي به. پوء ته اها به ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته موڪل وارن ڏهاڙن تي بحرين ڏانهن ويندڙ رستي تي سعودي بارڊر وٽ سعودين جي ايڏي رش ڇو ٿي ٿئي. بار ۾ سعودين کي شباب ۽ ڪباب تي مست ڏسي سوچيم ته پنهنجي ملڪ ۾ ته هي صوم و صلات جا پابند هوندا آهن ۽ اُٿندي ويهندي پيا حديثون ٻڌائيندا آهن. هت اچي کين دين ايمان ئي وسريو وڃي. خير، بار مان نڪري ذهن ۾ پنجاھ ريال ٿي گھميا. ايتري ۾ ته سعوديء ۾ ٻن ٽن ڏينهن جا ويلا نڪري ويندا آهن. ماني کائيندي کائيندي صبح جا پنج وڄڻ لڳا. بس فجر جي اذان آئي ته مه خاني جون مستيون ۽ بي باڪيون به بند ٿيون. مان به ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪِريُس. صبح جو ستين وڳي اچي ظفر دروازو کڙڪايو. هن مولائيء کي اچي بک ڪَڪ ڪيو هو، رات به ماني نه کاڌي هئائين پر کيس اها به خبر نه هئي ته مون رات پئي هوٽل گھمي. سو کيس دروازي تان ئي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران جو ڏَسُ ڏئي اچي سُتس ته وري ننڊ ڪانه آئي. پاسا ورائيندي ورائيندي ڏھ ٿي ويا. ناشتو ڪري هوٽل واري ڪيٽالاگ ۾ ڏيکاريل سوئمنگ پول ڏانهن هليو ويس جيڪو هوٽل جي ڇت تي ٺهيل هو. هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو به ڏسڻ وارو هو. اُتان کان بحرين ورلڊ ٽريڊ سينٽر، بحرين فنانشل سينٽر، مسجد الفتح (دنيا جي وڏين مسجدن جي فهرست ۾ ليکي ويندڙ مسجد) ۽ تقريبن سموري بحرين جا مَنَ کي موهيندڙ نظارا ڏسي دل ٿي چيو ته بس هن وقت ئي نڪري سير سپاٽو ڪري اچجي. تنهن کانپوء سوچيم ته منجھند جي مانيء کان اڳ ظفر سان ملي بحرين گھمڻ جو ڪو پروگرام به ٺاهجي. من ئي من ۾ اهو خيال ڪندو ظفر جي ڪمري ڏانهن هليو ويس. ڇهين ماڙ تي منجھند جي مانيء لاء گڏ نڪتاسين. ماني کائيندي کائيندي گھمڻ جو پروگرام ۾ به طع ٿيو. منهنجو مشورو اهو هو ته ٻاهر نڪري ڪو اهڙو ٽيڪسيء وارو پڪڙجي جيڪو لوڪل بحريني نه هجي، ڇاڪاڻ جو هو اسانجي جي صحيح کَلَ لاهيندو. ائين اسين ٻاهر نڪتاسين ته هوٽل جي سامهون ئي هڪ بحريني ڊرائيور ٽيڪسي جھليو بيٺو هو. کيس عربيء ۾ چيم ته بحرين گھمڻو آهي. چيائين ڪيتري وقت لاء. پنهنجي فلائيٽ وارو ٽائيم ٽيبل ذهن ۾ رکي ڪري کيس ٻن، ٽن ڪلاڪن جو چئي کانئس ڪرايو پڇيم. همراھ ڪرايو به اهو ئي ٻڌايو جنهن جوکُٽڪو هو. ويھ بحريني دينار. معنى ٻه سئو سعودي ريال، معنى تقريبن ڇھ هزار پاڪستاني رپيا. سو ان ٽيڪسيء واري کي چيوسين ادا توهانکي اجازت آهي. اسين وري پنڌ ئي پنڌ ٿورو اڳتي نڪتاسين ته مَنَ ڪو بنگالي،پاڪستاني يا هندوستاني ڊرائيور ملي وڃي ته ڪلياڻ ٿي ويندو. ٿورو ئي اڳتي مَين روڊ کان ٿورو پاسيرو ٿي پئي ايندڙ ويندڙ ٽيڪسين ڏانهن ڏٺوسين. پر اسانکي ته اها خبر ئي ڪانه هئي ته بحرين ۾ ڪو به خارجي ٽيڪسي نه ٿو هلائي. بيهي بيهي اچي ٿڪاسين. ظفر همت هاري ويٺو ۽ وَرَڻ جو چيائين، پر مون چيو، ”نه، بحرين ته اڄ گھمڻو آهي سو به سَستي ۾.“ ايتري ۾ هڪ پرائيويٽ ڪار اچي اسانجي جي ڀر ۾ بيٺي. همراھ شيشو هيٺ ڪري اسان کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هُو ته اسانجو رنگ ڍنگ ڏسي سمجھي ويو هو ته هي ڪي خارجي آهن. پر اسانکي به جيڪوسندس بنگالي هجڻ جو گُمان ٿيو هو سو سندس ڳالهائڻ کانپوء يقين ۾ بدلجي ويو. کيس چيوسين ته گُھمڻو آهي ٻه کن ڪلاڪ، گھڻا وٺندي؟ چيائين اَٺَ بحريني دينار. اسان ته مَنَ ئي مَن ۾ ٻُڌي سَرها ٿياسين پر پوء به پَڪائي ڪري پنجن دينارن جو چيومانس پر نه مڃيائين. بس پوء اسان به ويهي رهياسين گاڏيء ۾. اهو به نه سوچيوسين ته بحرين آهي، الائي ڪهڙي صورتحال هجي. موڪل تي وڃڻ سبب کيسا به ڀريل هئا. اهو اندازو به هو ته بحرين ۾ ڪرائم ريٽ پوء به سعوديء کان ته وڌيڪ ئي آهي. پر بحرين به گھمڻو هو سو به سَستي ۾ سو مڙئي جوکم کنيوسين. ڌڻيء جو نالو وٺي اڳتي وڌياسين. اسماعيل بنگاليء (ڊرائيور) کي زور ڀريوسين ته پهريان ڪجھ اهم جايون گھماء پوء جي ٽائم بچيو ته باقي به گھُمي وٺبو. سِجَ بيٺي جو فائدو وٺندي ڊرائيور اسانکي بحرين ملڪ جي گاديء واري هنڌ المناما جي علائقي جُفَير، جتي اسانجي هوٽل هئي، کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي جبل الدُخان جي علائقي ۾ هڪ 400 سال پراڻو وڻُ ۽ انجي اوسي پاسي ۾ دريافت ٿيل قديم ڪوٽُ ڏيکارڻ لاء وٺي هليو. ان ماڳَ تائين پهچندي پهچندي اڌ کان وڌيڪ بحرين لتاڙي آياسين. هت پري پري تائين واريء جا دڙا ٿي نظر آيا ۽ ڪا آبادي به نه هئي، ۽ نه ئي ڪو پاڻيء جا ڪي آثار هئا. اسانجي بنگالي ڊرائيور اسماعيل جي زباني ته هي 4 صديون پراڻو وڻ جنهن کي ”شجرالحياه“، ”Tree of Life“ ڪوٺيو وڃي ٿو، هت ڪنهن معجزي سان سائو بيٺو آهي. ماڻهن چواڻي ته زيرِ زمين ڪو نه ڪو آبي چشمو ان وڻ جي پاڻيء جي کوٽ پوري ڪندو هوندو. پر جي ائين هجي ها ته رِڻَ ۾ ويجھو اوڏو ڪا به ساوَڪَ نظر نه ٿي آئي. اهو وڻ ڏسڻ کانپوء اسين پڻ اچرج ۾ پئجي وياسين ته واقعي ڊرائيور جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. اهو وڻ واقعي ڪنهن معجزي تحت صدين کان ائين سائو بيٺو آهي. مختلف ملڪن جا سياح پڻ اُتي اهو معجزو ڏسڻ لاء آيل هئا. ڀر ۾ وري هڪ قديم ڪوٽ جا کنڊر پڻ هئا. جيڪي ايترا پراڻا ته نه هئا، پر اهو گُمان پئي ٿيو ته ان وڻ کي ڏسي پاڻيء جي آسري ۾هت صديون اڳ ڪو نه ڪو قافلو رڪيو هوندو ۽ گھر اڏي ڪوٽ ڏئي رهائش اختيار ڪئي هوندائون، پر اڳتي هلي ان وڻ جي پراسراريت سبب هنن وري لڏ پلاڻ اختيار ڪئي هوندي.

    اتان کان واپسيء تي بحرين جي قومي ميوزيم گھمڻ جو پروگرام رِٿيوسين. ميوزيم پهچندي رستي ۾ ڊرائيور ان ميوزيم جي بابت هڪ ٻي ڏندي آڱريون اچي وڃڻ واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي مطابق ته اهو ميوزيم بحرين جي 6000 سال پراڻي دِلمون سڀيتا جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي سنڀال لاء ٺاهيو ويو، ۽ اچرج واري ڳالهه هن اها ڪئي ته بحريني حڪومت اتان جي ريگستان ۾ موجود 2800 قبل مسيح جي هڪ قديم تاريخي مئلن جي دڙي جا ڪجھ حصا پنهنجي اصل جاء تان جيئن جو تيئن ميوزيم ۾ منتقل ڪري رکيا آهن. ڊرائيور جي اها ڳالهه ٻُڌي ميوزيم گھمڻ جو اُتساهه وڌي ويو. ڪلاڪ کن ۾ ميوزيم پهچي وياسين. اتي جيڪي ٻُڌوسين تنهن کان وڌيڪ ڏٺوسين. ميوزيم ۾ سياحن جا ڳاهٽ هئا. قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ سموري دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاء ڪيل حڪومتي ڪوششن ۽ دلچسپيء جو اندازو ميوزيم تي ڪيل خرچ ۽ انتظامن مان آسانيء سان لڳائي سگھجي پيو. سمنڊ جي ڪناري تي ٺاهيل مَنَ کي موهيندڙ بحرين جي قومي ميوزيم جي عمارت ۾ موجود مختلف نمائشي حالن ۾ بحرين جي مختلف تاريخي ماڳن تان دريافت ڪيل قيمتي ڳَهَه، هٿ جي هُنُر جا مختلف نمونا جيڪي بحرين جي 6000 سال پراڻي تاريخ جو منظر پيش ڪن پيا. آرٽ حال ۾ وري مختلف بحريني ڪاريگرن جي مجسمي سازيء جي مهارت سان بحرين ملڪ جي ثقافت، ريت رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ گھرن جي بناوٽ کي پيش ڪيو ويو. Documents and Manuscripts hall ۾ وري قرآن پاڪ جا قديم نُسخا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي لکڻيون پڻ موجود هيون.

    ميوزيم گھمڻ کانپوء واپسيء تي رستي ۾ هڪ نهايت ئي وڏو ۽ شاندار خريداريء جو مرڪز (سِيف مال) نظر آيو. دير به ٿي چُڪي هئي، ٿَڪُ به جام هو، پر پوء به دل چيو ته ان مال ۾ به جھاتي پائي مختلف شين جي اگھن تي نظر وجھجي ته جيئن سعودي عرب ۽ هتان جي مارڪيٽ جي اگھن ۾ فرق جو اندازو لڳائي سگھجي. سِيف مال ۾ هر شيء جا اگھ سعودي عرب کان به ٻِيڻ تي هئا. سو ڪا به خريداري ڪرڻ مناسب ڪونه سمجھيوسين. ڇاڪاڻ جو موڪل تي وڃڻ ڪري اڳ ۾ ئي سعوديء مان جام خريداري ڪئي هئي. باقي ڊرائيور جي مطابق ته اندرونِ شهر ڪجھ اهڙيون مارڪيٽون آهن، جيئن،سُوق مَناما ((Manama Market جتي اسان جهڙن ڪفايت شعار (زالُن جي نظرن ۾ ڪنجوس) ماڻهن کي شيون سهانگيون مليو وڃن. باقي حرام جو پئسو هجي ته لُٽائڻ لاء بحرين نهايت ئي موزون مُلڪ آهي. ڇاڪاڻ جو ديوا هوٽل جي اندر وارو ماحول صرف ان هوٽل ۾ ئي محدود ناهي پر اهي عياشيون پوري بحرين ۾ عام جام آهن. جيڪڏهن دُبئي کي مِني يورپ جو خطاب مليل آهي ته بحرين کي مائڪرو يورپ چوڻ ۾ ڪو به وڌاء نه ٿيندو. بحرين ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن اڏاوتي ڪم به عوج تي پئي نظر آيو. زميني ايراضي گھٽ هجڻ جي ڪري عمارتن جي اڏاوت لاء سمنڊ ۾ ريتيء جو ڀراءُ ڪري انکي باقي زمين جي سطح سان اهڙو ته هموار ڪيو ويو هو جو هرو ڀرو ڪنهن اها خبر ئي نه پوي ته هت ڪو سمنڊ هو.

    ڏهين بجي رات اچي هوٽل واپس پهتاسين ته ٿَڪَ سبب بُتَ ۾ ساھ ڪو نه هو. ڏيڍ بجي فلائٽ هئي. ٻارهين بجي هوٽل جي گاڏيء کي اسانکي ايئرپورٽ پهچائڻو هو. سو ٿورو گھڻو چيلھ کي سنئون ڪري، وهنجي سهنجي گرائونڊ فلور تي موجود ڪائونٽر تي چيڪ آئوٽ ڪرائڻ لاء پهتاسين ته مينيجر 10 دينار جو بِلُ هٿ ۾ پڪڙايو، جنهن ۾ 5 دينار پاڪستان فون ڪرڻ جا ۽ 5 دينار انٽرنيٽ جي استعمال جا هئا، مينيجر مطابق ته فون تي ٻن منٽن کان وڌيڪ ڳالهايو ويو آهي ۽ انٽرنيٽ گلف ايئر جي کاتي ۾ نه آهي. بِل ڏيڻ کانپوء مونکي اهو ئي وَسوَسو رهيو ته انٽرنيٽ ۽ فون ايتري مهانگي ٿي نه ٿي سگھي، ان بِلَ ۾ شايد هوٽل ۾ ساھ کڻڻ لاء آڪسيجن جا پئسا به هئا. سو پنهنجو ته بحرين گھمڻ جو ڀاڳ لڳي ويو، باقي حلال جي ڪمائيء مان ته ڪير بحرين گھمڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي.

    قصو ڪوتاھ، وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. انتظارگاھ ۾ ويٺي ويٺي بحرين جي ان سفري وارتا جي بابت لکڻ شروع ڪري ڏنم جيڪا اڄ پڙهندڙن جي لاء حاضر آهي.

    فهيم اختر ميمڻ

    جِده سعودي عرب
    بلاگ
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جون 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    بهترين ادا جڏهن به موقعو ملي هميشه مزا ۽ موجون ڪجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه سنڊي ميگزين ۾ پڙهيم ... خوشي اها ٿي رهي آهي ته اڳ ٻاهرين دنيا بابت سواء الطاف شيخ جي ڪي گهٽ ماڻهو لکندا هيا، پر هاڻ جيڪي به دوست ٻاهر وڃن ٿا تفصيلي لکن ٿا.

    يقين ڪيو ته اوهان دوستن جون لکڻيون اسان لاء رهنمائي هونديون آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    الطاف شيخ جا سفر نامه پڙهي يا ته پنهنجي دنيا يا وري ٻاهرين دنيا عجيب لڳندي هئي.. ۽ تصوير ته ڪڏهن جڙندو ئي نه هو ته ڪو پاڻ به سنڌ ڇڏي ڏورانهين دوري تي نڪرنداسين... هاڻي جا حالات اصل ايترا خراب ناهن... گهڻا ماڻهون نوڪري ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃن ته گهڻا وري اسڪالر تي پڙهڻ وڃن .. ۽ ڪي ته وري پنهنجي ڪمپني طرفان به وزٽ ويزا تي هليا وڃن .. ۽ ڪي اهڙا به آهن جيڪي مختلف ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ايوارڊ کٽي خواب پورا ڪري وٺڻ.. پر صد افسوس جو پاڻ مٿئين ڪنهن به ڪيٽيگري ۾ اچون ئي ڪون..
    ان ڪري الطاف شيخ هجي يا وري اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري يا وري توهان جهڙو ڪو دوست جڏهن به ٻاهرين دنيا جو ذڪر ڪري ته واقعا پڙهندي پاڻ کي اتي گهمندي ئي ڏسندا آهيون.. توهان جي لکڻ جي سچائيءَ پڙهڻ وقت اهي سمورا احساس به سمجهايا جيڪي توهان خرچ ڪندي محسوس پئي ڪيا..
    مون کي سنڌ ڇڏي ٻاهر روزگار لاءِ ويندڙ انهن سمورن “مجاهدن” تي ترس ايندو آهي ۽ انهن جي قرباني واقعي به وڏي عظيم لڳندي آهي جيڪي سامهون ئي عياشيون ڪندڙن ۽ ٿڙند ٿاٻڙجندڙ کي ڏسي به پنهنجي گهر ۽ پنهنجي اولاد جي فڪر کي ترجيح ڏيندا آهن.. اهو ته سندن لاءِ اڃان ڏکيو هوندو جو آزمائش اصل سندن بلڪل مٿي تي ئي رهندي آهي.. ۽ سندن تي ترس وارو جذبو اڃان وڌي ويندو آهي جڏهن هتي وارن جا انگل ختم ٿيڻ جا ئي نه ٿيندا آهن...
    خير توهان جي پيئرائتي ليک ۾ بس تصويرن جي گهٽتائي نظر آئي .. جيڪڏهن اهي توهان جي موبائيل يا ڪيمرا ۾ محفوظ هجن ته ضرور ونڊ ڪندا... بس صرف غريب ماڻهن کي ڏيکارڻ ۾ احتياط ڪندا.. :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا سڀ کان پهرين ته اوهان کي داد ڏبي جو مُختصر ٽوئر کي اتيرو دلچسپ بڻائي پيش ڪيو اٿؤ. اهڙو ئي هڪ تجربو ڪُجهه الڳ اتفاق سان مون کي به ٿيو آهي. ڪُجهه لکيو اٿم ڪُجهه رهي. جيڪو شايد قسطوار ڪري سنڌ سلامت تي ڏيئي سگهجي. پر هي ليک پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي نقل ڪرڻ تي دِل چئي پئي.;)
    باقي اهو ته سچ آهي جو حلال جي پئسن مان اهي عياشيون نه ٿيو ڪري سگهجن. بلڪه الله نه ڪري جو حرام جو هٿ اچي ۽ ڪجن. اِهي اُهي عمل آهن جيڪي ڪنهن به جهان لاءِ ڀَلا ناهن. ها باقي ڏسڻ ۾ ڪو حرج ناهي. مُشاهدو ضرور ڪجي. ٻين سان به احوال ڪجن ته ڀلي بُري جي ڄاڻ ٿئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ادا اوهان بالڪل صحيح ڳالھ ڪئي. تصويرن جي گهٽتائي عوامي آواز وارن اسپيس جي گهٽ هجڻ جي ڪري ڪئي شايد. مون کين سڀ فوٽو موڪليا هئا. پر هنن ٻه فوٽو هڻي اڌ پيج ۾ ئي ڪم پورو ڪري ڇڏيو. باقي بلاگ ۾ پوسٽ ڪيل آرٽيڪل ۾ مون فوٽو لڳائي ڇڏيا آهن.
    لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو