آءُ آهيان نياز ابڙو دادو کان۔ مان پاڻ m.a, l.l.b ۽ ٿورڙي ڄاڻ ڪمپيوٽر جي به رکان ٿو پاڻ تعليم کاتي ۾ spe آهيان۔ سنڌ سلامت فورم تي ميمبر ٿيڻ کان پوء اهو احساس ٿيو ته اڃا به مور آهن جيڪي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان گڏوگڏ هر انهي ماڻهو سان پيار۽ محبت ڪن ٿا جيڪي پنهنجي پيشي سان سچا آهن۔ سچ پچ ته منهنجون اکيون ٿڌيون ۽ هيانءُُ هماليه جيڏو ٿي ويو آهي۔ بقول دادو جي ڀلوڙ شاعر ته: مان به جي اکيون ٻوٽي سمهي پوان ته رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير، مان به جي مدهوش ٿي ليٽي پوان ته پرهه جا پيغام پهچائيندو ڪير۔ سنڌ سلامت جي سڀني ميميبرن کي جس ۽ سلام۔
جواب: دادو دادو جي دلبر ديهه جا نياز ابڙا صاحب، ڀلي آيا، جي آيا، اوهانجهڙا سهڻا ساٿي هن اڱڻ تي جڏهن ايندا آهن ته ڄڻ ٿر جي وارياسي تي سارنگ جون بوندون وسڻ شروع ٿينديون آهن ۔۔۔ ڄڻ ته ڪنهن سبز ساوڪ وچ ۾ مور ن جو ناچ شروع ٿيندو آهي ۔۔۔ هن اڱڻ جي دوستن جو نعرو ۽ عمل آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔ سنڌي گڏ ٿيندا ته سنڌيت جي ڳالهه ٿيندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شاهڪار تخليق ٿيندا ۔۔۔ هيءَ اوطاق اسان سڀني سنڌ دوستن جي آهي ۔۔۔ اچو ته هن کي سنواري سينگاري، ڪارائتو ٺاهي۔ پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪريون ۔۔۔ اوهانجو ساٿ اسان لئه باعث خوشي ۽ باعث فخر ٿيندو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: دادو توهان جو نالو ۽ پهرين تحرير پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔ مون کي يقين هو ته توهان جهڙا قابل دوست آخر سنڌ سلامت جو ڦيرو ضرور ڀريندا۔۔۔ دوستو۔۔! محترم نياز ابڙو نه صرف منهنجا قريبي عزيز پر ننڍپڻ جا دوست پڻ آهن۔۔۔ زندگي جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏيندي نه صرف گهر جون ذميداريون پوريون ڪندا رهيا پر پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائون۔۔۔ سندن جستجو جو مان تمام گهڻو قائل آهيان ڇو ته پاڻ پرائمري اسڪول ٽيچر طور سرڪاري نوڪري جو آغاز ڪيائون ۽ انتهائي مختصر عرصي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر، هائي اسڪول ٽيچر ۽ تازو تعليم کاتي ۾ ئي سپروائيز طور فرض نڀائي رهيا آهن۔۔۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته مٿيان سمورا ڏاڪا پاڻ پروموشن جي انتظار سان نه پر وري وري جاکوڙ ۽ ڪميشن ڏيندي حاصل ڪيا آهن۔۔۔ کين منهنجي ۽ سنڌ سلامت جي دوستن طرفان گذارش آهي ته سنڌ سلامت جو ڦيرو ڀريندا رهن ۽ هن اڱڻ تي پنهنجا نڪور ويچار لفظن جي صورت ۾ چٽيندا رهن۔۔
جواب: دادو سائين نياز ابڙو صاحب جن کي هن عاجز طرفان پڻ فورم تي ڀلي ڪار قبول پوي۔ اميد ته سندن علمي صلاحيتن مان اسان کي به فائدو رسندو سندن تحرير جو انتظار رهندو۔
جواب: دادو محترم سائين نياز ابڙو صاحب اوهان کي هن خاڪسار جي طرفان عاجزاڻو ڀليڪار سائين مونکي تمام گهڻي ٿي آهي جو هن محبتن واري ساٿ ۾ اوهان جهڙا دوست ۽ ساٿهي ڪَهي آيا آهن انشاالله ڪي معلوماتي موتي سنگت سان ونڊ ڪندا رهندا هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي هن اوطاق تي اچڻ تي ڀليڪار ۔ سدا آباد هجو آمين shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
جواب: دادو محترم نياز ابڙو صاحب، اسان کي تمام گهڙي خوشي ٿي جو توهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڀري آيا، توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا، دعا ۾ ياد
جواب: دادو ڀاء نياز ابڙا صاحب سڀ کان پهرين ته توهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي اچڻ تي ڀلـــــــيڪــــــــــار چئون ٿا، ادا مان به اصل دادو شهر جو رهاڪو آهيان، پر ڪافي عرصي کان هت ڪراچي ۾ پيو رهان، توهان دادو شهر جا آهيو، يا دادو شهر کان ڪجهه ٻاهر جا آهيو۔
جواب: دادو پيارا نياز ابڙا جي ڪري آئين ڀلي ڀلي ڪري آئين سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ توهان جي اچڻ تي اصل جرڪي پيو آهي، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون ۽ دُعا ٿا ڪريون ته شال سنڌ سلامت جو هي محبتي ويڙهو سدائين وسندو رهي، سدائين آباد رهي (آمين) شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان مهرباني
جواب: دادو سهڻا سائين سدا گلاب جي گل جيان مسڪرائيندا رهو، تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو ۡ'کوڙ سارا دوست سنڌ سلامت فورم تي پنهجا پنهنجا ويچار ونڊي رهيا آهن۔ هميشه ان گل وانگر هجو جيڪو هٿ ۾ مروڙجڻ کان پوء به پنهنجي خوشبوء هٿ ۾ ڇڏي ويندو آهي۔ مٺو ڏنو غيرن ته روڪي ڇڏيو مون، جو پيتم سو اتي ئي اوڪي ڇڏيو مون، الائي ته ڇا ڏنو يارن، بخاري، لڳو ٿي زهر پر ڏوڪي ڇڏيو مون۔
جواب: دادو پرينءَ جي پار جي مڙوئي مٺائيادا نياز صاحب، استاد بخاري جو سهڻو بيت ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ پر ڀائڙا اسين سنڌ سلامت جا دوست، دوستن لئه زهر نه پر ماکي پيش ڪندا آهيو، اوهان لئه ته اسانجي دوستن ڍير پتاشن مٿان مڻ ماکيءَ جا اوتيا آهن ۔۔۔ shal judy hujeen
جواب: دادو ادا نياز ابڙا صاصب اوهان کي هن فارم تي ڀليڪار چئون ٿا۔ سائين مان به دادو شهر جو آهيان، اوهان به دادو شهر جا آهيو۔ مظهر علي وگهيو
جواب: دادو سائين نثار ابڙا صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا سائين رشيد صاحب جيڪو توهان جي لا۽ چيو اهو پڙهي ڪري خوشي محسوس ٿئي ته توهان جهڙا همت ڪرڻ وارا جوان اڄا سنڌ ۾ آهن توهان جو تعارف پڙهي ڪري خوشي ٿئي سائين نثار صاحب توهان جي نڪور تحريرن ۽ تجربن جو سنڌ سلامت فورم کي انتظار رهندو سدائين گڏ توهان جي دعائن جو طلبگار
جواب: دادو سائين نياز ابڙو صاحب، سنڌ سلامت جي محبتن چاهتن ۽خوشين ڀريي اڱڻ تي توهان کي خوش آمديد،۔۔۔ سائين رشيد طرفان ٻڌايل رام ڪهاڻي مان غريب ۽ مسڪين سنڌ واسين لاءِ هڪ بهترين سبق آهي ته پڙهو۔۔جستجو ڪيو، ڪوشش ڪندا رهو ۽ ترقي ڪندا رهو۔ توهان جي معني خيز تحريرن جو اسان سڄي سنگت کي انتظار رهندو ۔ مونکي يقين آهي ته توهان جي هر تحرير ۾ هن نئين نسل لاءِ ڪو نه ڪو سبق شامل هوندو۔ سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي روايت کي برقرار رکندي مان توهان جي خدمت اجرڪ جو تحفو پيش ڪريان اميد ته سائين جن کي پسند ايندو
جواب: دادو فقير لڳي ٿو اڄ نيڪ مائي نيڪ بابا وارو گذارو ڪونه ٿيو اٿئي۔ يا وري ڪا ڀنگ جو پيالو پي آيو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجا رب فقير جي نيڪ مائي نيڪ باباواري روزگار ۾ اضافو آڻ[-O<[-O< ته ڪو اکيون کولي ڪري پڙهي ۽ لکي asul matthall charishal judy hujeen