• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وحشي انسان

منصور سرور

سينيئر رڪن
وڃي رهيو ته هن بدبودار ۽ غليظ ذهنيت جي هڪ وحشي انسان جي هٿ چڙهي ويو، جنهن وحشي انسان هن ڇهن سالن جي معصوم کي پنهنجي گندي وحشت جو نشانو بنائي جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ هي معصوم بيهوش ٿي ويو. گھران نڪرندي معصوم شڪيل ته اهو سوچيو هو ته مان اسڪول وڃي پنهنجي هڪ جيڏن سان گڏ پڙهندس ۽ رسيس ۾ انهن سان راند ڪندس پر هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته هن بيغيرت سماج ۾ انسان جي روپ ۾ ڪي وحشي ماڻهو به رهن ٿا. تعصيل هيٺ پڙهندا....
خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارث ڳنڀير ۾ وحشي جوابدار اسڪول ويندي ٻئين ڪلاس جي شاگرد شڪيل ولد شبير ڀيل کي زبردستي پڪڙي هڪ هنڌ تي وڃي بدفعلي جو شڪار بڻائڻ بعد فرار ٿي ويو، جڏهن ته بدفعلي جي شڪار ٿيل نينگر کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڏسي اتي موجود ماڻهن سي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد سي سيڪشن ٿاڻي جي ٽيم انچارج شاهد خشڪ فوري طور تي پهچي نينگر کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ پوليس موبائل ۾ کڻي سول اسپتال خيرپور پهچايو. بدفعلي جي شڪار نينگر شڪيل جي والد شبير ڀيل ان موقعي تي ٻڌايو ته سندس معصوم پٽ کي جوابدار گل مير ڳنڀير بدفعلي جو شڪار بڻايو آهي، تنهن ڪري کيس فوري طور تي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
10398098_760559937307759_1268461026147908644_n.jpg

مختيار علي جي فيس بڪ جي وال تان ورتل
 
Back
Top