• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سسئي ديسي ڌُريان ئي ڌاريان، مٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jA6DCXFSDx2jV.jpg

ڌُرِيان ئي ڌارِيا، مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿِئا
مَدِي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِينڪارِيان
صُبح ٿِي سارِيان، ته اُٺَ نه اوطاقُنِ ۾


سر ديسي _ سَسُئي

ڌُرِيان = اصل کان
مَدِي = نيت جي خرابي
کِينڪارِيان = کيڪاريان، ڀليڪار، آجيان، خوش خيرعافيت ڪيان
سارِيان = ياد ڪيان ( جان کڻي نهاريان )

بيت جو پس منظر

~ هو اصل کان هئا ئي ڌاريا، جيڪي منهنجا مائٽ ٿي نہ سگهيا.
~ ڏيرن جي نيت خراب هئي ۽ مون کين ڀليڪارون پئي ڪيون.
~ صبح جو ڏسان تہ اٺ اوطاق ۾ آهن ئي ڪونہ .

سمجهاڻي

سسئي راجا دلوراءِ جي دور ۾ نائون نالي ٻانڀڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو مُنڌرِ هئو، هيءَ سندن اڪيلي اولاد هئي. سسئي جيَ معني' چنڊ آهي. سسئيءَ جي پالنا ڀنڀور شهر ۾ محمد نالي کٽيءَ ڪئي، جنهن وٽ پنج سئو ڪاريگر ڪپڙا ڌوئندا هيا.
پنهون ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد هيو. چنري، هوتي ۽ نوتي سندس ڀائر ۽ سسئيءَ جا ڏير هئا جيڪي پنهونءَ کڻي ويا هئا.
هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ جي ڀائرن جِي بي وفائيءَ تي پڇتاءُ ۽ افسوس ظاهر ڪندي چئي ٿي :
هو تہ اصل کان هيا ئي ڌاريا جيڪي منهنجا مائٽ ٿي نہ سگهيا. مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ سندن نيت خراب آهي ۽ مون سان قهر ڪندا.
مون تہ سندن آجيان ۽ مرحبائيءَ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين خوشيءَ ۾ جهمريون، جمالا ۽ جشن ڪيا. آخري رات اڌيءَ ويلي تائين محفل پئي هلي تہ مون کي ننڊ وٺي وئي. صبح اک کوليم تہ اوطاق اٺن ۽ مهمانن کان خالي هئي.

* ڀٽائيءَ جو ٽي سؤ سال اڳ لکيل بيت سنڌ جي اڄوڪين حالتن سان ڪيڏو ٺهڪي ٿو.
هن بيت مان اسان کي سبق ملي ٿو تہ ڌرتيءَ تي ڌارين جون ڪاهون سنڌ جي وحدت جي خلاف آهن.
هي ڌاريا ويري بڻجي سنڌ کي ورهائڻ جون ناپاڪ سازشون ڪندا. وڏن شهرن ۾ ڌارين ماڻهن جون لوڌون ڪاهي پيون آهن. پنجابي، پٺاڻ، پناهگير، گلگتي، بلتستاني، ,برمي ۽ بنگالي لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ قبضا ڪري ويٺا آهن.
ڀٽائي اسان کي خبردار ڪري ويو آهي ته ڌاريا دشمن آهن انهن مان ڪا چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻيرَ گهرڻ جي برابر آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
وڏن شهرن ۾ ڌارين ماڻهن جون لوڌون ڪاهي پيون آهن. پنجابي، پٺاڻ، پناهگير، گلگتي، بلتستاني، ,برمي ۽ بنگالي لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ قبضا ڪري ويٺا آهن.


مرشد ڀٽ ڌڻي دعا گهري هئي
سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

اها دعا ملائڪن هيراڦيري ڪري الله سائين وٽ پهچائي.

سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين اِتي
اها دعا اگهجي وئي ڌارين جي لوڌون پيون ڪاهن.
 
Back
Top