• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ


سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو.

جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن. ان موقعي تي گلوڪاره مسڪان جي، گلوڪاره اربيشم مسينا، صوفي راڳي خان محمد چانڊيو، سنڌ آرٽس ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار، صحافي سيد فدا حسين شاهه، مصطفى ملاح، اداڪاره نوشين شيخ، ۽ فريد خان يوسفزئي کي شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پروگرام جي آرگنائيزر، عهديدارن ۽ سرگرم رڪنن کي پڻ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

هن اهم تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي وسيم احمد، نثار مورائي، وزير اعلى جي صلاحڪار عبدالجبار، آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز احمد فاروقي، برگيڊيئر مختيار شيخ، سلطان قمر صديقي، فريد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز شخصتين، صحافين، اداڪارن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سريلن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهيو. فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، ظفر رامي، واحد لاشاري، ديبا سحر، مسڪان جي، اربيشم، بادل راهي، نروڌا ماروي، نذير سمون ۽ شاهه جي راڳين فقير خان محمد چانڊيو ۽ ٻين سر وکيريا. حال ان وقت تاڙين جي گونج سان ٻهڪي اٿيو جڏهن ننڍڙي آرٽسٽ مريم وقار سنڌ توکي سلام تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. زيبا بلوچ ۽ سويرا علي پڻ مختلف ڪلامن تي پرفارم ڪيو.

ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه فنڪارن جي پذيرائي لاء ڪوشان رهي آهي ۽ هن دفعي اسان هڪ نواڻ سان گڏ آيا آهيون ته انهن ڪامورن کي مڃتا ڏيون جن فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي انهن فنڪارن لاء ڪو آپريٽو سوسائٽي ٺاهيون جن وٽ پنهنجا گهر ناهن. هن اپيل ڪئي ته حڪومت، ڪامورا ۽ سرندي وارا ان ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندي هن اهم اسڪيم کي مڪمل ڪرائڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿين. ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته فنڪار ٻين کي خوش ڪن ٿا پر سندن گهرن ۾ فاقا آهن، هن چيو ته فنڪار ڪيڏو به مجبور ڇو نه هجي پر هو ڏوهاري ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته فنڪار قومن جي عزت ۽ سڃاڻ هوندا آهن تنهنڪري انهن کي مڃتا ملڻ سان گڏ انهن جي مدد ڪئي وڃي. الطاف شيخ چيو ته مان والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته هو پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ به سيکارين ڇو ته اها به سندن سڃاڻ ٿئي ٿي. پروفيسر مظهر الحق صديقي چيو ته هن وقت اسانکي تعليم لاء پاڻ پتوڙڻو آهي، ڇو ته تعليم ئي اسان جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي پار پهچائيندي. بيدل مسرور ثقافت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت بجاءِ ان ثقافت تي ڪم پيو ڪري جيڪا اسان جي ناهي. هن چيو ته فنڪارن کي عزت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين رکيو ميراڻي سڀني کي چيو ته پنهنجي آسپاس ڏسو ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيو، هن چيو ته صرف پنهنجي لاء جيئڻ زندگي ناهي. پروگرام جي ميزباني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري رشيد چارڻ ڪئي. ان ريت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء ۾ ٿيندڙ يادگار ثقافتي تقريب رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

10376324_10203673400613764_6628462018987587486_n.jpg


10350639_10203673414254105_6006245835985802594_n.jpg


10373844_10203673416534162_8773815813742861529_n.jpg


984113_10203673421974298_5334645913901569541_n.jpg


10349213_10203673422134302_7720932070223153582_n.jpg


10393169_10203673427614439_5293316870727594589_n.jpg


10414571_10203675200298755_3676172922362147126_n.jpg


10414571_10203675200298755_3676172922362147126_n.jpg


10427248_10203675211579037_7547231950277417422_n.jpg


10322782_10203675211619038_5759035036053973691_n.jpg


10363394_10203675211379032_2768540920532638265_n.jpg


10418941_10203679686130898_7003726496076995928_n.jpg


10330297_10203679686250901_4785150604357701224_n.jpg


1426730_10203679687890942_7435802061272012965_n.jpg


وڌيڪ تصويرن لاء فيس بوڪ جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو​
 
هميشهه جيان پيرائتي رپورٽ مختصر ۽ جامع انداز سان لکيل. دوست دوستي جو مان رکندي مون کي پيا سارهائيندا آهن ۽ هٿ وٺي اڪ ڪارا ڪرائي واهه واهه ڪندا آهن ته اهو وڌيڪ ڪندو رهان. يقين اٿم ته هڪ ڏينهن منهنجو لکيل مواد جتي به هوندو بار هوندو.
اصل لکنيون هي آهن جيڪي سدا سانڍڻ جهڙيون هونديون. وڏين شخصيتن کي گڏ ڪري انهن کي مان ڏيڻ تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ کي جيتري داد ڏِجي اوتري گهٽ آهي.
 
Back
Top