ارڙي يا موت پير تاج محمد قريشي تازو فيس بوڪ جي ذريعي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مبارڪ جو ايڪسپريس ٽريبيون کي لکيل خط پڙھيم جيڪو27 مئي 2014 تي ڇپيو هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ پکڙجندڙ ارڙي جي باري ۾ لکيو آهي. صورتحال جي سنجيدگي کي ڏسندي ضروري سمجھان ٿو ته ھن بيماري جي تاريخ ۽ تباھڪارين کان پڙھندڙن کي آگاھ ڪيو وڃي. تاريخ: ارڙي جيڪا هڪ وچڙندڙ، خطرناڪ بيماري آهي، جنھن جي خبر سڀ کان پھرين 165- 180عيسوي ۾ مسٽر انٽونين پليگ ڏني. هن صاحب ارڙي ۽ ماتا ۾ فرق کي ظاھر ڪيو. ان وقت ھن وبا وڏي تباھي آندي، جنھن ۾ رومن فوج جو ڏو حصو تباھ ٿيو. جنھن کان پوءِ ارڙي بابت پھرين لکيل معلومات نائين صدي ۾ عرب طبيب الرازي پنھجي لکيل ڪتاب (ارڙي ۽ ماتا جو ڪتاب) جي ذريعي ڏني. هي صاحب 860 کان 932 دوران حيات رھيو. سندس ڏنل معلومات تمام اھم هئي. الرازي کانپوءِ اسڪاٽلينڊ ملڪ جي طبيب فرانسز ھومز اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ھيءَ بيماري رت ۾ موجود ھڪ بد اثر جزي جي ڪري ٿيندي آھي. گهڻو عرصو گذرڻ کانپوءِ 1954 ۾ آمريڪا جي شھر بوسٽن ۾ ٻن ڊاڪٽرن مسٽر جان ايف اينڊرسن ۽ ٿامس سي پيليس پھريون ڀيرو مختلف تجربن جي ذريعي ارڙي جي وائرس کي ھڪ مريض ٻار ڊيوڊ ايڊمونسٽن مان جدا ڪري ڪڪڙ جي چوزي ۾ منتقل ڪيو. جنھن کانپوءِ پھريون ڀيرو ھن بيماري کان بچڻ جي ويڪسين 1963 ۾ مرڪ ڪمپني دريافت ڪئي، پر وڌيڪ بھتر ويڪسين 1968 ۾ دريافت ٿي. تباھڪاريون: بدقسمتي سان ارڙي جي ويڪسين دريافت ٿيڻ کان پھريائين تقريبن 15 سالن جي عمر تائين پھچڻ تائين ھر ٻار گھڻو ڪري ھن بيماري ۾ مبتلا ٿيندو ھو. امريڪا جھڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به ھر سال تقريبن پنج سئو ٻار ارڙي جي وبا جي ڪري موت حوالي ٿيندا هئا. تقريبن 48000 ماڻھو اسپتال ڀيڙا ٿيا، 7000 ماڻھن تي دماغي دورا پيا، تقريبن ھڪ ھزار ماڻھو يا ته دماغ وڃائي ويٺا يا وري ٻوڙ پن جو شڪار ٿيا. اڄ به ھتي ھر سال تقريبن 60 کن ڪيس سامھون اچن ٿا پر انھن سڀني ڪيسن ۾ مريض کي وائرس ٻين ملڪن کان لڳل هوندو آھي. جيڪڏھن ارڙي جي تباھڪارين جا پيرا کڻجن ته ھر طرف موت ئي موت نظر ايندو. 1529 ع ڌاري ارڙي جي وبا پکڙجڻ ڪري ڪيوبا جي آباديءَ جو اڌ حصو موت جو شڪار ٿيو. عجب ڳالهه آهي ته اھو ملڪ ان کان پھريان ماتا جي بيماري مان نڪري چڪو ھو. ان جي تقريبن ٻن سالن کانپوءِ ھندرس، ميڪسيڪو ۽ سينٽرل امريڪا ۾ ارڙي جي وبا وڏي تباھي آندي. ٿلھي ليکي گذريل 150 سالن ۾ ارڙي جي وبا جي ڪري 200 ملين ماڻھون موت جو شڪار ٿيا. 1850ع ۾ امريڪا جي رياست ھوائي جو پنجون حصو موت جو شڪار ٿيو. وري 1875ع ۾ فيجي ۾ 40 ھزار ماڻھو موت جو شڪار ٿيا جيڪو آبادي جو ٽيو حصو ھو. الله جا احسان آھن جو بيماري جي ويڪسين جي دريافت کانپوءِ موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي. 1920ع ڌاري ارڙي جي ڪري موت جي شرح 30 فيصد هئي، 1987 کان 2000ع جي درميان نقصان جي شرع گھٽجي 0.3 فيصد يعني ھزار ماڻھون مان 30 موت جو شڪار ٿيا. جڏھن تا اھي ملڪ جتي اڻ پوري خوراڪ ۽ صحت جي سھولتن جي گهٽتائي آھي اتي موت جي شرح 28 فيصد رھي. 1980 کان پھريان دنيا ۾ ساليانو تقريبن 2600،000 ڇويهه لک ماڻھو ارڙي جي ڪري اجل جو شڪار ٿيا ٿي. ورلڊ ھيلٿ آرگئنائيزيشن مطابق 2011 ۾ ارڙي جي ڪري 158،000 موت ٿيا، جڏھن تا 1990 ۾ 630،000 ھزار اموات ٿيون. آئرلينڊ ۾ 1985 ۾ ويڪسينيشن شروع ڪرڻ وقت اموات جو تعداد نوانوي ھزار کان مٿي ھوجيڪو ٻن سالن ۾ گھٽجي ڪري 201 ٿي ويو. جنھن مان ثابت ٿئي ٿوته ارڙي جي وئڪسينيشن انساني جانين کي بچائڻ لاءِ تمام ضروري آھي. موجوده دور جي ترقي يافته ملڪن ۾ نقصان ۾ واضع گهٽتائي آئي آھي جتي اموات جي شرح 0.1 فيصد يعني ته ھزار مان ھڪ ماڻھو آھي. پر ترقي پذير ملڪن ۾ موت جي شرع 10 فيصد آھي. يعني ھڪ ھزار ماڻھون مان سو ماڻھو. ارڙي ۾ مبتلا آھي. مريض جن کي ٻي ڪا بيماري به آھي موت جي شرح 20 کان 30 سيڪڙو آھي. ترقي يافته ملڪن ۾ ارڙي کان بچڻ لاءِ 18 مھينن جي عمر تائين ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي آھي. جنھن کانپوءِ ٻيو دور چار کان پنج سالن جي عمر تائين ڏنو ويندو آھي ته جئين ٻار جي قوت مدافعت م مضبوطي اچي. ترقي پذير ملڪن ۾ ورلڊ ھيلٿ آرگئنائيزيشن جي ٻڌايل طريقي مطابق ويڪسين جا ٻه مقدار ڇهن کان نون مھينن جي عمر ۾ ڏنا ويندا آھن. اھي ملڪ جتي ارڙي لاءِ ويڪسينشن نٿي ڪئي وڃي اتي ٻارن ۾ ارڙي جي تباھي جو خطرو گهڻو آھي. ايڪيھين صدي جي شروعات کانپوءِ نائيجيريا جي عوام ۾ ارڙي جي خلاف رجحان وڌيو، جنھن جي ڪري ويڪسينيشن جو عمل گھٽجي ويو، نتيجي طور ارڙي جي شرح ۾ واڌارو آيو. 2005ع ۾ برطانيا ۾ اھو رايو پيدا ٿيو ته ارڙي جي ويڪسينيشن جي ڪري ٻارن ۾ آٽيزم جي بيماري ٿئي ٿي، جنھن ڪري ويڪسينيشن جي عمل ۾ گهٽتائي آئي، نتيجي طور ارڙي جي شرح ۾ واڌ آئي. 2007 ۾ 971 ڪيس سامھون آيا، جيڪو 1995 کانپوءِ سڀ کان وڏو تعداد ھو. امريڪا جي رياست انڊيانا ۽ ڪيليفورنيا جي شھر سينڊياگو ۾ ارڙي ۾ ان وقت واڌ آئي جڏھن مائرن پنھجي ٻارن کي ويڪسينيشن ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. ثابت ٿئي ٿو ته ارڙي ھڪ وچڙندڙ، انتھائي خطرناڪ ۽ موتمار بيماري آھي، جيڪا دنيا ۾ اڄ به موجود آھي. ويجھڙائي ۾ 2010 دوران فلپائن ۾ 742 ڪيس دريافت ٿيا، جنھن ۾ 4 اموات ٿيون. ڊان اخبار ۾ ڇپيل تازي خبر مطابق سنڌ ۾ گذريل سالن کان ارڙي جا ڪيس سامھون اچڻ جا اطلاع آھن. گذريل سال سنڌ ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ ٻار اجل جو شڪار ٿيا، جڏھن ته 2012 ۾ 200 کان وڌيڪ ٻار موت حوالي ٿيا. ھن سال وري خاص طور تي سجاول ۽ ٺٺي ضلعن ۾ نقصان جا اطلاع آھن. صحت کاتي مطابق 700 کان وڌيڪ ڪيس سامھون ايا آھن. ضروري آھي ته سرڪار ھن موتمار وبا کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺي. اڃان به وقت آھي، ائين نه ٿئي جواسين سدائين وانگر ستا رھون ۽ معصوم ٻار موت جي حوالي ٿي وڃن. دعاگو پير تاج محمد قريشي ڪامارو شريف، سنڌ June 1, 2014
بهترين ڄاڻ، اهڙي ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي. هت جي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ اپاء ۽ هدايتون ڏيو ها ته اڃا مضمون ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿئي ها.
لک قرب سائين سائين تاج محمد قريشي جو ڄاڻ سان ڀرپور ليک ... ارڙي اسان وٽان اڃان ختم ٿي ناهي سگهي. ڪجهه اهڙا ڪيس به سامهون آيا آهن جنهن ۾ ويڪسين ڪيل ٻارن کي به ارڙي ٿي آهي. تنهنڪري پريشاني ٿي رهي آهي ته ڪٿي ويڪسين بي اثر يا ايڪسپائر ٿيل ته استعمال ڪونه پيون ٿين.