• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ کي بدامنيءَ جي باهه کان بچايو

منصور سرور

سينيئر رڪن
مولائي ملاح (عبرت اخبار )
ملڪ ۾ جڏهن کان (ن) ليگ جي حڪومت قائم ٿي آهي تڏهن کان وٺي سنڌ جون حالتون حساس ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. ميان صاحب جو سياسي پروفائل اهو آهي ته هو آمريت جي هنج ۾ پلي نپجي جوان ٿيو. آمر جنرل ضياءُ الحق سندس روحاني استاد هو، جنهن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏني، جيڪي اڄ حڪومت کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن. جنرل ضياءُ الحق 5 جولاءِ 1977ع تي جمهوريت تي راتاهو هڻي عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي قيد بند ۾ رکي آخرڪار قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ کيس 4 اپريل 1979ع تي کيس ڦاهي ڏئي سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. سنڌ جي ماڻهن آمر کان انتقام وٺڻ لاءِ سندس تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي جڏهن مرد (M R D) تحريڪ هلائي ته جنرل ضياءَ ان تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ دنيا کان سنڌ جي مظلوميت کي لڪائڻ لاءِ سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري هڪ طرف سنڌي هندن کي آزارڻ شروع ڪيو ته وري ٻئي طرف سنڌ ۾ فوجي آپريشن جو سبب بڻائيندي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جا ماڻهو ڏوهاري آهن، اتي امن کي بحال رکڻ لاءِ فوجي آپريشن وقت جي اهم ضرورت آهي، پوءِ ان فوجي آپريشن ۾ ڌاڙيلن بجاءِ بيگناهه سنڌي ماڻهو ڳولهي ڳولهي ماريا ويا. سنڌ جي مظلوميت جي تاريخ معصوم سنڌين جي رت سان لکي وئي، جنهن جي عڪاسي منظور سولنگيءَ جي قومي گيت ۾ هيئن ڪيل آهي ته:

مَنهَنَ، ڇپرن، لوڙهن ۽ گھر گھر ۾ گوليون

فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون

ان وقت به سنڌ جي امن کي تاراج ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي سنڌ ۾ ڏوهاري ڪلچر کي پيدا ڪيو ويو هو، اهي ماڻهو آخر ڪير هئا جيڪي ٻيلن ۾ ڌاڙيلن کي هٿيارن کان وٺي لڪائڻ ۾ مدد ڪندي انهن جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن تائين سندن اڻ سڌي طرح پشت پناهي ڪندا هئا. جنرل ضياءُ جي پيدا ڪيل ان ڏوهاري ڪلچر جو خاتمو ان وقت آيو جڏهن ميان صاحب اقتدار سنڀالڻ جي ڪجھ عرصي کانپوءِ سنڌ آيو جتي کيس ڌاڙيل محب شيديءَ جي موت جو تحفو ڏنو ويو. محب شيدي ڪير ڪٿان جو ڪنهن جو پيدا ڪيل هو؟ اهو پيرو کڻڻ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ته هن کي ڏوهن جي دنيا ۾ ايتري پذيرائي ڪيئن ملي، اهي سڀ ڳالهيون سوچڻ جهڙيون آهن ۽ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿيون. هنن ڏوهارين جي ايجنڊا تي رڳو سنڌي ماڻهو ئي ڇو رهيا. سنڌي هندو انهن ڏهاڙن ۾ ورهاڱي جيان وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيا ويا جن رات پيٽ ۾ پنهنجون ملڪيتون ڀڳڙن مٺ تي کپائي ڏڪندڙ هٿڙن سان پنهنجي ڌرتيءَ کي الوداع چيو؟!

سنڌ، هن وقت وري اهڙي ئي هڪ خوفائتي سازش جو منظر پيش ڪري آهي. سنڌ اسان کي ٻيهر ان باهه ۾ آهستي آهستي ٻرندي نظر اچي رهي آهي جيڪا سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. اتر سنڌ کانپوءِ خيرپور ضلعي کي ڏوهن جو مرڪز بڻايو ويو آهي ۽ هاڻ وري تازو ئي ٻه ڏهاڙا اڳ حيدرآباد جي هڪ سنڌي اخبار دادو ضلعي جي بدامنيءَ جي رپورٽ انگن اکرن سان شايع ڪري ساڃهه وندن جا ڇرڪ ڪڍي ڇڏيا آهن. ماضيءَ ۾ هن ضلعي کي جنرل ضياءَ جي تذليل ڪرڻ جي سزا خاطر اهڙو ته بدامنيءَ جي باهه ۾ اڇليو ويو جنهن جو سيڪ سموري سنڌ جمهوري حڪومتن تائين محسوس ڪندي رهي. زرعي، اقتصادي ۽ امن جي حوالي کان هن ضلعي کي ڪاپاري ڌڪ رسيو جنهن جو نقصان اڄ تائين سڄي سنڌ ڀوڳي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪراچيءَ کان ويندي عالمي منڊيءَ تائين ڪو به واپاري دادو جي ڪري اندروني سنڌ جي ننڍن شهرن، بلخصوص لنڪ روڊن وارن شهرن ۾ ڪاروباري سرگرميون سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڦٽين جي سيزن ۾ ڪراچيءَ جا واپاري صرف نيشنل هاءِ وي وارين ڪاٽن فيڪٽرين ۾ ئي خريداريءَ لاءِ ايندا آهن باقي ڪل خير. ڪراچيءَ جو ڪوبه آفيسر، ٻاهرين ملڪن جون تعميراتي، ڪاروباري ڪمپنيون، (چيني انجنيئرن جي اغوا کانپوءِ) هن ضلعي ۾ اچڻ لاءِ سوَ سوَ ڀيرا سوچينديون آهن. جڏهن ته سنڌ جو هي تاريخي ضلعو آهي. هت تاريخي ماڳ مڪان آهن جيڪي سياحن لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. شهنشاهه قلندر جي درگاهه، سيوهڻ جو قلعو، لال باغ، رني ڪوٽ، گورک هل اسٽيشن، گھاٽا ٻيلا، بڊو جبل، منڇر ڍنڍ وغيره... موجود آهن.

اسان کي اهو خوف آهي ته دادو ضلعي مان بدامنيءَ جي باهه کي ڀڙڪائي سنڌ خلاف ٻيهر ڪا نئين سازش ٿي رهي آهي، جنهن تي سنڌ جي عوامي حڪومت کي اکيون ٻوٽي آرامي ٿيڻ بجاءِ ترت ئي گهري غور فڪر سان سندس خلاف ٿيندڙ اهڙي سازش جا هاڻي کان ئي پيرا کڻي بدامنيءَ جي سازش جي ڪاريهر تي چٿڻ گھرجي. ڇو ته دادو سنڌ جي دل آهي، دادو مزاحمتين ۽ جمهوريت پسندن جي ڌرتي آهي، ان جي چهري تي سازش تحت ماضي جي لڳل ڏوهاري ڪلچر واري داغ کي ٻيهر لڳڻ جو موقعو ڪنهن کي به نه ملڻ گھرجي ۽ انهن ڪردارن تي به اک رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪي بخاريءَ جي ڀونءِ تان ٻيهر سنڌ ۾ جمهوريت خلاف سازشون سٽي رهيا آهن، اهو بخاري جنهن ڀٽو لاءِ لکيو ته،

جو اُڀو ڳاٽو، اهو ناهي جھڪيو

دار تي رهندو اُڏو، ناهي جھڪيو

پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه

ڀونءِ تنهنجو پٽ ڀٽو، ناهي جھڪيو.

اهڙي سازش رڳو دادو ضلعي جي عوام سان ئي ناهي پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان به ڪجھ وقت کان وٺي ٻيهر اهڙي ويڌن شروع ٿي چڪي آهي. ڪڏهن انهن کي ڦريو، لٽيو ٿو وڃي ته ڪڏهن انهن کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو ٿو وڃي ته وري ڪڏهن انهن جي عبادتگاهن، مندرن ۽ گرجا گھرن ۾ گھڙي انهن جي مقدس شين کي ٽوڙي، چوري ڪري انهن جي دل آزاري ڪئي ٿي وڃي، اهڙين ڪريل حرڪتن سان سنڌ ۾ مذهبي نفرتن کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي، جنهن کي روڪڻ ۽ اهڙن واقعن تي ترت نوٽيس وٺڻ ۽ متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ ميڊم فريال ٽالپر جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي، جنهن رڳو اتر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ئي نه پر جتي پاڻ ناهي پهچي سگھي اتي پنهنجو نمائندو موڪليو اٿائين، ياد پيم ته ڪجھ وقت اڳ ڏيپلو ڀرسان ”پار برهم جي درگاهه“ تان جڏهن ترشول ۽ ڏيئو چوري ٿي ويو هو ته اتي صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن النجار کي موڪليائين، جنهن انتظاميه کي تحرڪ ۾ آڻي متاثر هندو برادريءَ کي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو. ڪجھ ڏهاڙن کان ڪوٽ غلام محمد ويجھو شوَ ۽ خوشحال پوري، مندرن جي بيحرمتيءَ خلاف هندو برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي. ڪشوري لال ۽ لالچند چواڻي ته ”اسان سنڌ ڇڏي نه وينداسين“. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ۽ سينيٽر هري رام ڪشوري لال چيو ته: ”اسان بلاول ڀٽو جي حڪم تي هتي پهتا آهيون، اسان سنڌ ڌرتي نه ڇڏينداسين، هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت اهي واقعا پوري سنڌ ۾ ڪيا پيا وڃن“. سنڌ جو عوام ۽ هر ساڃهه وند طبقو انهن واقعن کي سنڌ خلاف ۽ جمهوريت خلاف گھري سازش سمجھن ٿا. هڪ طرف سنڌ ۾ ٻيهر ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏئي بدامنيءَ جي باهه کي ڀڙڪايو پيو وڃي، اهڙي غربت جي موسم ۾ بدامني باهه تي تيل جيان هوندي، ٻئي طرف وري سنڌي هندن کي عقيدي جي حوالي کان تاراج ڪري کين ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هندن جي مقدس عبادتنگاهن تي حملا، چورين جي وارداتن واري ڪلچر کي هٿي ڏئي مذهبي نفرتن کي ڀڙڪايو پيو وڃي، اهڙيون وارداتون ۽ واقعا ان وقت ئي ڇو جنم وٺندا آهن جڏهن سنڌ ۾ جمهوريت جي فضا قائم هوندي آهي ۽ وفاق ۾ ڪي ٻيا، آمريت جي هنج ۾ پرورش پاتل ويٺل هوندا آهن. ڇا سنڌ کي اها امن پسند هجڻ جي سزا ڏني ويندي آهي يا آمريت سان ڪيل ويڙهاند واري سزا ڏني ويندي آهي...؟!!
 
Back
Top