مخدوم محمد امين فهيم جون ڳڻ واريو ڳالهيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مخدوم محمد امين فهيم جون ڳڻ واريو ڳالهيون​


    مخدوم صاحب کي ملڪ جو هر سڃاڻ رکندڙ شخص سهڻي نموني سڃاڻي، مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ سندس سهڻي ڪردار کان ڪير واقف نه آهي مخدوم صاحب سنڌ جي مشهور گادي نوح سان تعلق رکندڙ شخص جناب مخدوم محمد زمان طالب الموله جن جا فرزند آهن، ( جيڪي پڻ سنڌ جي عظيم شخصيت مڃيا وڃن ٿا) مخدوم صاحب 4 آگسٽ 1939 ۾ سنڌ جي مشهور شهر هالا ۾ پيدا ٿيا، پاڻ ملڪ جي وڏي پارٽي پيپلز پارٽي سان واسطو رکن ٿا، پاڻ هڪ بهترين سياستدان سان گڏ بهترين شاعر ۽ عظيم شخصيت جا مالڪ آهن،سندس والد مخدوم محمد زمان طالب الموله پڻ هڪ بهترين شاعر ۽ گهمندڙ ڦرندڙ سنڌ جي ثقافت هئا. هت مخدوم امين فهيم صاحب جو هڪ مختصر انٽرويو وڊيوز ڏجن ٿيون اميد ته پسند اينديون

    http://www.youtube.com/watch?v=JDB8y3cv-SA
    http://www.youtube.com/watch?v=MnXSflykw_E














    عالم اديب ٫سياستدان ء وڏو ماڻهون } ​


    سائين جي ايم سيد ​



    هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙ ۾
    اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور
    سوچي ڏسي ڏور ، آڏو آرڻ ڏينهڙا ​

    (
    اياز)​



    سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي،
    ، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.


    سائين جو مختصر احوال ​


    سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو،
    (1) جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽا.
    پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ 9 صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو.
    ۽ ان کي ست پٽ ٿيا،
    (1) سيد معروف شاه (2) موج شاه (3) سيد ڌڻي شاه (4)سيد حاجي شاه (5)سيد داد شاه (6)سيد جهنڊو شاه (7) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )

    جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (1) سيد جرارشاه (2) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن.
    سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر 1905ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو.
    سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي،
    تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله.
    سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو
    شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان 20اپريل 1910ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي.
    مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون.
    عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن،
    ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين ، مگر تقريبن 12،13 سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي.

    سيد صاحب جي ڪجهه ڪتابن جا نالا ​


    (1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.


    (2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي،


    (3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا،


    (4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي.


    (5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن ڪتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.


    (6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن.

    (7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.


    (8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو.

    (09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.

    (10) نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ.........................................)


    (11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................

    (12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................

    (13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................
    (14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................

    (14) چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................

    (15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................

    (16) تحريرون ـــــ.....................................................................
    چونڊ ادبي مضمون ـــ. ...........................................................

    (17) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.

    (18) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب
    جن جا خط سهيڙيل آهن

    (19) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي.

    (20) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي.

    (21) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي.
    (22) شاه جون ڪافيون ـــ .....................................................
    ۽ انهن ڪتابن کان علاوه پڻ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن
    سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان سائين جي ڪتابن جون ڪجهه لنڪون ، سائين جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز پيش ڪريان ٿو، اميد ته پسند اينديون.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مخدوم محمد امين فهيم جون ڳڻ واريو ڳالهيون

    تمام بهترين معلوماتي شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو ادا

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو