هڪ بادشاهه جي محفل ۾ ڪو مشڪرو ماڻهن کي کي کِلائي رهيو هو، جڏهن محفل ختم ٿي ته بادشاهه پنهنجي لَٺ ان مَشڪري کي ڏني ۽ چيائيس ته پاڻ کان وڌيڪ ڪو بيوقوف ڏسين ته ان کي هي لٺ ڏجانءِ. ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ اهو بادشاهه سخت بيمار ٿي پيو، تڏهن اهو ساڳيو مشڪرو بادشاهه کان طبيعت پڇڻ لاءِ آيو ۽ بادشاهه کان پڇيو ته بادشاهه سلامت ڇا حال آهي؟ بادشاهه جواب ڏنو ته حال پورو آ، وڏي سفر جي تياري آ، مشڪري پڇيس ته ڪهڙي وڏي سفر تي ٿو وڃي ؟ بادشاهه چيس ته ان سفر تي جتان ڪير نه موٽندو آهي. مشڪري چيس ته ڀلا هيڏي وڏي سفر تي ٿو وڃي ڪو سامان ڪا تياري ڪئي اٿئي؟ بادشاهه چيو ڪجهه به نه صفا هٿين خالي ٿو وڃان. ان تي ان مَشڪري چيس اچي وٺ هي لَٺ مون کان وڌيڪ بيوقوف تون ئي آهين.