بيدل مسرور بدوي ”فقير مسرور“ شڪارپور جي ”احمداڻي بدوي“ خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏا عراق جي لق و دق بيابانن ۾ رهندا هئا، جن مان ”احمد“ نالي هڪ ”بدوي“، حضرت شيخ عبدالقا...در جيلاني غوث الاعظم دستگير قدس سره العزيز جي ارادتمندن ۾ داخل ٿيو ۽ روحانيت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هي خاندان پـُشت به پـُشت حضرت پيران پير دستگير رحمت الله عليـه جي اولاد پاڪ جو دست بيعت ٿيندو آيو. اٽڪل ٽي صديون پوءِ جڏهن سيد السادات حضرت محمد غوث اُچي رحمِ الله عليه حلب کان هجرت فرمائي ته حڪيم، مغل، ميرزاده ۽ ”احمداڻي“ خاندان به ساڻن گڏ خراسان، ترڪستان، سنڌ کان ٿيندي اچي ”اُچ“ ۾ مقيم ٿيا. هي خاندان قريب هڪ صديءَ تائين اُچ ۾ رهندا آيا، جنهن کانپوءِ جڏهن حضرت موسيٰ پاڪ عليه رحمهِ جي شهادت ٿي ته سندن خدمتگار (حڪيم، مغل، ميرزاده ۽ احمداڻي بدوي) به اُچ کان ملتان ۾ منتقل ٿي ويا. دنيوي دستور موجب هي خاندان پنهنجي جدامجد جو نالو برڪت سبب پنهنجي اولاد تي رکندو ايندو هو. اهڙيءَ طرح هن خاندان جو هڪ چشم و چراغ ارڙهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري جنم ورتو جنهن جو نالو به ”احمد“ رکيو ويو ۽ پنهنجي خانداني روايتن مطابق ننڍي هوندي کان مخدوم سيد شمس الدين بن سيد حامد گنج بخش ثاني عليه رحمه جي خدمت ۾ رهيو ۽ سندن گهوڙن جي سنڀال تي مقرر ڪيو ويو. بدوي خاندان جو شڪارپور ۾ اچڻ: شڪارپور شهر جي اڏجڻ کان اڳ ئي هتي جي دائود پوٽن جو روحاني تعلق اُچ جي گيلاني سيدن سان هوندو هو. شڪارپور جي ماڻهن ۾ سيدن لاءِ عقيدت ۽ محبت کي ڏسي ڪيترائي سيد سڳورا اُچ ۽ ملتان کان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهيا. اُچ ۽ ملتان جي سيدن ۽ سندن خادمن جي شڪارپور ڏانهن رغبت ۽ لڏپلاڻ کي ڏسي ”احمد بدوي“ به مستقل طور ملتان ڇڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو. وڏڙن کان روايت آهي ته ”احمد بدوي“، ”پنجن پِيرن“ سان گڏجي شڪارپور آيو هو ۽ اهو دور سنڌ تي ميرن جي حڪومت جو اوائلي دور هو پر شڪارپور تي افغانين جو قبضو هو. احمد بدويءَ شڪارپور جي دايا خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس محمد بچل نالي هڪ پٽ ڄائو. محمد بچل ٽي شاديون ڪيون. پهرين گهر مان کيس 1852ع ڌاري ميان رحيم بخش تولد ٿيو، جنهن جي ڀاڳڀري گهر ۾ سنڌ جي هن سدا حيات فقير، ”ميان غلام علي مسرور فقير“ جو جنم ٿيو، جنهن اڳتي هلي عشق. عرفان ۽ علم ادب ۽ آرٽ ۾ تمام وڏو نالو پيدا ڪيو. ولادت: ”ميان غلام علي مسرور فقير“، تاريخ پهرين جولاءِ سن 1894عيسوي مطابق 26 ذوالحج 1311هجري تي جمعي جي ڏينهن تولد ٿيو. تعليم ۽ تربيت: ”ميان غلام علي مسرور فقير“ جي تربيت سندس سڄاڻ ۽ حليم طبع والد ميان رحيم بخش بدوي بمعروف ”ماستر“ مرحوم جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. سن 1899ع ڌاري سندس والد کيس پڙهڻ لاءِ ورنيڪيولر اسڪول نمبر هڪ شڪارپور ۾ داخل ڪرايو. ورنيڪيولر فائينل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سن 1910عيسويءَ ڌاري حيدرآباد ۾ تپيداريءَ جي ٽريننگ حاصل ڪرڻ ويو جتان ٻن سالن جي تربيت وٺي ڪاميابي حاصل ڪري 1912ع ڌاري موٽي شڪارپور آيو. جنهن کان پوءِ ملازمت ۾ داخل ٿيو. ملازمت: تپيداريءَ جي ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 14 سيپٽمبر 1912ع تي کيس شڪارپور تعلقي جي تپي نور محمد شجرا تي ڪچو تپيدار مقرر ڪيو ويو ۽ 26 آگسٽ 1915ع تي نوڪريءَ ۾ پڪو ڪري کيس سکر تعلقي جي ”ڇتو سانگي“ تپي تي رکيو ويو. 1928ع ڌاري کيس ترقي ملي ۽ پاڻ بئراج مختيار ڪار سکر وٽ سپروائيزنگ تپيدار مقرر ٿيو. ملازمت دوران ”فقير مسرور“ مدئجي، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، نوشهروفيروز ۽ شهدادپور ۾ به رهيو ۽ ڊسمبر 1947ع تي نوابشاهه کان بدلي ٿي لينڊ گرانٽ مختيار ڪار سکر وٽ سپروائيزنگ تپيدار ٿي آيو. ملازمت تان اڳواٽ رٽاير ڪرڻ لاءِ درخواست به ڏني هئائين، جنهن ڪري پاڻ ملازمت کان هڪ سال اڳ ۾ 1948 عيسوي ڌاري رٽاير ڪيائين. سندس ملازمت وارو عرصو، ذميداري ۽ توڪل جو هڪ دلچسپ مجموعو هو. عزيزن ۽ مائٽن کيس تپيداريءَ جي ٽريننگ انهيءَ ڪري ڏياري هئي ته انهيءَ زماني ۾ تپيداري نه صرف هڪ معزز نوڪري ليکبي هئي پر خاص طور تمام وڏي آمدنيءَ جو ذريعو پڻ هوندي هئي. پر جنهن شخص ننڍپڻ کان ئي سوز، عشق، عجز، برهه ۽ انڪساريءَ جو مزو ماڻيو هجي ۽ تقويٰ ۽ توڪل جو عرفان حاصل ڪيو هجي. اهڙو حق پرست، فقر جي آبرو ۽ وضعداريءَ کي ڪٿي ٿي ڇڏي سگهيو. اهوئي سبب هو جو سپروائينزگ تپيداريءَ تان رٽاير ڪرڻ کانپوءِ وٽس نه مال هونه ڪا مڏي هئي. الٽو پينشن تي اچڻ کانپوءِ به ٽن سالن تائين پينشن جا ڪاغذ تيار ڪرائڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ گذري ويس. رٽايرمينٽ کانپوءِ ملازمتون: ”فقير مسرور“ جو خيال هو ته پاڻ ڪجهه سال اڳ ۾ ملازمت تان رٽايرمينٽ وٺندو ۽ پينشن سبب گهريلو مالي الڪو لاهي، وڃي پير مغان شهنشاهه فقير قادربخش بيدل عليه رحمه جي درگاهه تي رهندو ۽ سنڌ جي ٻين پيرن فقيرن جي درگاهن تي عشق ۽ راڳ جون محفلون مچائيندو، پر عاشق پاڻ ئي، پاڻ ۾ پاڻ اڙائي عشق ۽ نينهن وچان سنساري سئر ۽ ان جي سڀني ذميدارين کي پوري ڪرڻ جا بار به پاڻ ئي سِرَ تي چائيندا آهن ۽ جن سچن جوساڻي عشق هجي اهڙن مانجهي مڻيارن کي ڪهڙو اونو. سو ”فقير مسرور“ رٽاير ڪرڻ کانپوءِ ملازمتون به ڪيون ته نينهن جا ڪونتل به ڪڏايائين، جنهن لاءِ فرمائي: سوءُ عيش کان سرس آ هڪ سور عشق جو، شاهن کان وڌ آ شان ۾ مزدور عشق جو. پهريائين جيڪب آباد ۽ اوستي محمد ۾ شڪارپور جي معروف اميرن: ميان رحيم بخش سومري ۽ ميان غلام حسين واگهي جي سارين جي ڪارخاني تي مئنيجر ٿيو، ٻن سالن کانپوءِ وري شڪارپور جي هڪ پيٽرول پمپ تي ملازم ٿيو پر پگهار نه ملڻ سبب سردار محمد بخش ”ڪوجهي“ مرحوم کيس پنهنجي زمينن جو ڪـُل مختار ڪري ٽنڊي آدم موڪليو ۽ سندس پگهار به مقرر ڪيائين. وصال: ”فقير مسرو“ 19 آگسٽ 1953ع عيسوي مطابق 8 ذوالحج 1372 هجري صبح جو ٽنڊي آدم ويجهو، محبوب حقيقي جي دعوت تي وڃڻ لاءِ هن ديهه مان پرواز ڪيو. گهريلو زندگي: ”فقير مسرور“، ٽيهه سال، هڪ مجرد جي زندگي گذاري. کيس شادي ڪرڻ جو ڪو خيال نه هوندو هو، مگر عزيزن، مائٽن ۽ ملتان جي گيلاني سادات جي زور ڀرڻ تي پاڻ سڀئي روحاني مدارج طئي ڪرڻ کانپو”، سندن مرضيءَ تي، شڪارپور جي دايا خاندان مان شادي ڪيائين. صاحب اولاد ٿيو، کيس ڇهه فرزند ۽ پنج نياڻيون تولد ٿيون. پاڻ گهريلو زندگيءَ ۾ به نهايت همدرد ۽ فرض شناس ثابت ٿيو. ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ جون ڪوششون ورتائين. پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي وڏين نياڻين جون شاديون ڪرايائين. پنهنجي عزيزن قريبن جي به تمام گهڻي خدمت ڪيائين. انهيءَ کانسواءِ پنهنجي سمورن ڏيهي پرڏيهي دوستن، سندن گهر ڀاتين ۽ ٻارن سان به پريم ۽ پريت جو پيوند رکندو آيو. مطلب ته پوري حياتي سنساري ذميدارين کي مڪمل ڪرڻ ۽ انسان جي خدمت ڪرڻ ۾ به سک ماڻيائين. مسلڪ: سلطاني سير جي سامين سالڪن ۽ عاشقن وانگر ”فقير مسرور“ جو مذهب عشق هو ۽ مسلڪ فقيري هو. سندس ْظاهر باطن پنهنجي پير مـُغان هادي راهه هدايت و طريقت و معرفت شهنشاهه فقير قادر بخش بيدل عليه رحمه جي صوفي قادري حنفي رنگ ۾ رڱيل هو. پاڻ سندس مماتيءَ ۾ پنهنجي پير مغان کان روحاني رهبري حاصل ڪيائين، انهيءَ ڪري ”اويسي“ به هو. ”فقير مسرور“ هڪ عاشق، عارف، ڪامل صوفي ۽ هڪ سالڪ فقير هو. الله تعاليٰ جي مخلوق سان پيار ڪرڻ، قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جي پيروي ڪرڻ، خداوند ذوالجلال جي اطاعت ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن سان عشق، روحاني تسڪين لاءِ ذڪر ۽ راڳ جي ڪيف ۾ گذارڻ، بزرگن ۽ متقدمين جو احترام ڪرڻ ۽ انهن جي درگاهن جي حاضريون ڏيڻ سندس ”فقيري مسلڪ“ جون بنيادي رياضتون هيون. فقيري فيض: ”فقير مسرور“ چوڏهن سالن جي عمر ۾ سراج السالڪين شهنشاهه فقير قادر بخش بيدل رحمه الله عليهه جي درگاهه فيضماب تان روحاني فيض حاصل ڪيو. سندس حقيقت جي هاديءَ مٿس فيض جي اها پالوٽ ڪئي جو صوفيءَ جي سلوڪ جون سموريون منزلون طئي ڪيائين ۽ عشق جي بحر بيڪنار جو غازي غواص ۽ رندن جو رازدان ٿيو. سندس مرشد طرفان کيس، فقيري خرقو، عصا، ڪشتو، بيراڳڻ، ستار جو ساز، ۽ بيڪس باجو عطا ٿيو ۽ اويسي عشق جي روحاني رهنمائيءَ ۾ ڪلام چوڻ ۽ عوام جي رهنمائي ڪرڻ جو حڪم مليو، جنهن تي پاڻ سدائين قائم رهيو، جنهن لاءِ فرمايو اٿس: پريم پيالو بيدل پياريو - غير اندر جو جنهن اڪاريو، خوب چڙهيا خمار - نشو ٿيو نينهن جو تارون تار. مرحوم حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو: ”فقير مرحوم غلام علي مسرور جڏهن رٽاير ڪري وڃي شڪارپور رهيو تڏهن ته مٿس عشق جو ايڏو غلبو ٿيو جو سَنڌ سَنڌ وٺجي ۽ وڪوڙجي ويس. عامي لٽا لاهي کڻي گيڙوءَ رتو جامو ڍڪيائين. يڪتارو ۽ راڳ، رات ڏينهن تن ۾ اهائي تنوار هيس. موت سان ملاقي گهڻو پوءِ ٿيو پر ان کان ڪيترو ئي اڳ هن دورنگي دنيا کان ڌار ٿي ڪنهن خاص مقام ۾ داخل ٿي چڪو هو. گهڻو ڪري ته ٻنهي جهانن جي بازي کٽي ويو.“ ”فقير مسرور“ اصل ۾ وڏي لِڪَ جو صاحب هو. هو پنهنجي رندي ۽ عاشقي عام تي ظاهر ڪرڻ نه ڏيندو هو، جنهن لاءِ پاڻ هڪ هنڌ فرمائي ٿو: ڀل لوڪ هلائن سمجهه ذري، تون کول نه ڳجهه جي ڳالهه ڳري، ڪر ماٺ متان ”مسرور“ وري، پائن نه مٿئون پَڙُ پير ڪري. راڳ ۽ سماع: ”فقير مسرور“ کي راڳ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. راڳ جي ابتدائي تعليم ته پاڻ پنهنجي والد ميان رحيم بخش بدوي مرحوم کان ورتائين جو هو صاحب علم موسيقيءَ کان به خوب واقف هوندو هو. پر پوءِ باقاعدگيءَ سان، خانصاحب سينڌي خان جي صحبت ۾ راڳ جي تعليم مڪمل ڪيائين. شڪارپور جا گويا، خانصاحب گامڻ خان وارا جيئن ته پاڻ به يڪتاري ۽ تانپوريءَ جي ساز تي ڳائيندا هئا، انهيءَ ڪري ”فقير مسرور“ به سنڌي راڳ يا شاستري سنگيت جا راڳ يڪتاري ۽ تانپوري تي ڳائيندو هو. پاڻ ڳائڻ جي علم سان گڏ سازن وڄائڻ ۾ به مهارت حاصل ڪيائين، خاص طور ستار اهڙي ته سهڻي وڄائيندو هو جو خود استاد سينڌو خان به حيرت ۽ خوشيءَ وچان ڪيترائي ڪلاڪ سندس ستار مان عشق جا عجب احساس ۽ آواز ٻڌندو هو. محترم شيخ اياز مرحوم سندس ستار وڄائڻ جي تعريف ڪندي لکي ٿو: ”هو ستار ڏاڍي چڱي وڄائيندو هو، جنهن وقت ستار تي پنهنجون گوريون چٽيون آڱريون رکندو هو ته مون کي ائين لڳندو هو ته ستار جي تارن مان رابيل جا گل ڦٽي پوندا. هڪ ڀيري اسان آرهڙ جي گرميءَ ۾ هن جي اوطاق تي وياسين ته هو اڳ ئي ستار هلائي رهيو هو ۽ جڏهن هن ستار هلائي بس ڪئي ته مون ائين محسوس ڪيو ته اونهاري جو ڏينهن هڪ تازي سنگتري وانگر ڪپجي ٻه اڌ ٿي پيو هو. جنهن جو ميٺاج ۽ تازگي شام تائين منهجي روح کي فرحت ڏيندي رهي.“ ”فقير مسرور“ جيڏي سهڻي ستار وڄائيندو هو اوترو ئي قدرت کيس ڪَنٺ رس ڏنو هو. سندس آواز نهايت مٺڙو، سريلو ۽ سوز وارو هوندو هو. ٻڌندڙ سندس آواز ۾ مگن ۽ مست ٿي ويندا هئا. جنهن جاءِ تي ٻڌندا هئا ته ”فقير مسرور“ آيو آهي ته سڀ ڪم ڇڏي ڊوڙندا ايندا هئا ۽ سندس پورنماس سنگيت ساگر ۾ تڙڳندا هئا. لوڪرام ڏوڏيجا لکي ٿو ته: ”فقير مسرور ڪمال جو شاعر هو ۽ ڏاڍو سريلو ڳائيندو هو. سندس اوطاق تي هندو مسلمان ڪٺا ٿيندا هئا. شڪارپور جي شهر ۾ اهڙن لاهوتي سڄڻن جي ڪري ئي حياتيءَ جو لطف هوندو هو، جتي صوفي ڪلام جي ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. فقير مسرور شاستري سنگيت جو به وڏو ڄاڻو هو پر ماڻهو سندس دلي ۽ يڪتاري واري محفل ۽ سندس واتان صوفياڻا ٻول ٻڌڻ لاءِ بيقرار رهندا هئا.“ ”فقير مسرور“ پنهنجو سمورو ڪلام طرب واري حالت ۾ چيو آهي ۽ جيئن ته کيس راڳ جي وڏي ڄاڻ هئي انهيءَ ڪري سندس شاعري بي اختيار ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي روپ ۾ نمودار ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح پاڻ جيڪو ڪلام چيو اٿس اهو اٽڪل ٽيهن راڳن تي مشتمل آهي. چونڪيون: ”فقير مسرور“ پنهنجي ڳائڻ سان گڏ راڳ سرود ۽ ڪيف جون محفلون جاري ڪرڻ لاءِ شهر توڙي شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ پيرن فقيرن جون چونڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن جي ڪري نه صرف هر هنڌ راڳ سرود جون محفلون شروع ٿي ويون پر انهن محفلن جي ڪري ڪيترائي نوان نوان راڳي ويراڳي ميدان تي آيا. پاڻ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي جهنگلن، بيابانن ۽ جبلن ۾ جايون جوڙي ويهندڙ درويشن، عاشقن، پيرن، فقيرن جون وڏيون حاضريون ڀريائين ۽ چونڪيون ڏنائين. ساڳيءَ طرح جڏهن کان پاڻ پنهنجي پير مغان جي قرب ۾ قبول پيو ته شهنشاهه بيدل فقير عليه رحمه، دولهه درازي سرڪار سچل سرمست عليـه رحمه، حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رحمه الله عليـه ۽ سنڌڙيءَ جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليهه جي عرس کانسواءِ به سندن درگاهن جون حاضريون ڏيڻ سندس مسلڪ ۾ شامل هوندو هو. چونڪين کان علاوه پاڻ شڪارپور ۾ گائن ڪلا جي اُپاسنا لاءِ ٿيندڙ ڪاروباري هانڊن جي منورتيءَ ۾ ڦيرو آندائين ۽ ٻاهران آيل گويَن سان چٽاڀيٽيءَ لاءِ شهر جي گويَن کي به شامل ڪرڻ جي رسم جو بنياد وڌائين. صورت ۽ سيرت: ”فقير مسرور“ نهايت وجيهه، کلمک ۽ هر دلعزيز هوندو هو، نه رڳو سندس من موهيندڙ ۽ سريلي آواز، ستار وڄائڻ يا يڪتاري تي فقيري سنگ ڀرڻ سبب هرڪو سندس ساٿي ٿيڻ لاءِ آتو هوندو هو پر سندس فڪر انگيز ڳالهين، سدائين مرڪندڙ مورت، پـُروقار رهڻي ڪهڻيءَ ۽ مرداڻي حسنَ تي به هزارين ماڻهو موهت هوندا هئا. سندس صورت اهڙي پـُر نور ۽ جاذب هوندي هئي جو ورلي ڪو اکيون کڻي سندس منهن ۾ نهاري سگهندو هو. سندس اکيون مشعلن وانگر ٻرنديون هيون. ڳالهائيندو هو ته هر فقري تي ٻڌندڙ جا نيڻ اشڪبار ٿي ويندا هئا. نهايت مـُدلل، فصيح ۽ بليغ گفتگو ڪندو هو. قد به ڄڻ شاهه بلوط جيان سنئون سڌو هوندو هوس ۽ سندس هلڻ به هزارين دلين کي ونگ وجهي ڇڏيندو هو. سندس صورت توڙي سيرت ٻئي لڀائيندڙ هيون. پاڻ اعليٰ اخلاق وارو ۽ رلڻو ملڻو فقير هو. ننڍن سان شفقت ۽ پاٻوهه وچان ۽ وڏڙن کي ٻئي هٿ جوڙي ملندو هو ۽ هڪ جيڏن دوستن ۽ فقراءَ سان ڀاڪر پائي ملندو هو. نهايت بلند حوصلي وارو، انتهائي وضعدار شخص هوندو هو. نوڙت، نياز ۽ محبت جو پيڪر هو. خاندان جي عزت، انسان جي عظمت ۽ انساني ذميدارين جي احساس سان گڏ سڄڻن دوستن ۽ سندن ٻارن ٻچن جي پر گهور، لحاظ ۽ خيال رکندو هو. سندس حسن، جيترو جوانيءَ ۾ زود اثر هو اوترو ئي سندس پوئين زندگي ۾ نکريل مهڪندڙ گلاب جهڙو هو. آخر ايام ۾ کيس دل جو عارضو ٿي پيو هو ته به سندس شگفتگيءَ ۾ ٿورو به فرق نه آيو. پوشاڪ: پاڻ شروع کان ئي تمام سهڻن ۽ کليل رنگن جا ڪپڙا زيب تن ڪندو هو. ملازمت واري مخصوص وقت ۾ سفيد شلوار قميص، جنهن جي مٿان موسم آهر اڇي صدري يا اڇو ڪوٽ پهريندو هو. مٿي تي گول ٽوپي يا پٽڪو پائي پنهنجا ڊگها وار بند ڪندو هو. سندس پسند جو رنگ بادامي، بوسڪي ۽ گيڙو هو. شڪار جو شوق: ملازمت جي ابتدائي دور ۾ جڏهن پڙتال لاءِ وٽس هڪ سهڻو متارو بور گهوڙو هوندو هو تڏهن مختيار ڪار صاحب کيس پاڻ سان گڏ شڪار تي وٺي ويندا هئا. انهيءَ جي ڪري گهڻو پوءِ پاڻ به هڪ ڊبل بيرل بندوق، برجس ۽ ليگنس به خريد ڪيائين مگر ڪڏهن بندوق کڻي پاڻ شڪار تي نه ويو، رهندو سال کانپوءِ بندوق به وڪڻي ڇڏيائين. سير سفر: ”فقير مسرور“ سير سفر جو ڪوڏيو هوندو هو. روهڙي، سکر، جهوڪ، شاهه درازا، سيوهڻ شريف ۽ ڀٽ شاهه جو ته خاص پانڌيئڙو هو. ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن لاريءَ تي، ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن بگيءَ تي. سنڌ کانسواءِ ڪيترن بزرگن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ عاشقن جي درگاهن جون چونڪيون ڏيڻ لاءِ بلوچستان ۽ پنجاب به ويندو هو. هڪ ڀيري زيارت لاءِ اجمير شريف کان به ٿي آيو. انهيءَ کان علاوه عزيزن ۽ دوستن سان ايترو پيار هوندو هوس جو انهن سان ملڻ، حالي احوالي ٿيڻ ۽ انهن جي خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ به سدائين وٽن ويندو رهندو هو. انهي سلسلي ۾ پاڻ هڪ ڀيرو دوستن سان ملڻ لاءِ بمبئي به ويو هو. هم عصر، دوست ۽ مداح: ”فقير مسرور“ حسين ماڻهن کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ جيئن ته پاڻ به حسين هوندو هو انهيءَ جي ڪري سندس عاشقن، محبن، دوستن، مداحن ۽ عقيدتمندن جو تعداد به ڳڻڻ کان مٿي آهي، ان جي ڪري ڪجهه اهم نالا هت ڏجن ٿا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر علامه دائود پوٽو، محمد هاشم مخلص، محمد بخش واصف، حافظ حيات شاهه، حاجي محمد صديق مسافر، رئيس شمس الدين بلبل، رئيس ضياءَ الدين بلبل، عثمان علي انصاري، ميران محمد شاهه، علي نواز علوي، ڄيٺمل پرسرام، ڪشنچند بيوس، حاجي امام بخش خادم، حاجي محمود خادم، نواز علي نياز، سردار محمد بخش ڪوجهي، آغا صوفي، مخدوم الله بخش عاصي، کيئلداس فاني، بولچند راجپال، لوڪرام ڏوڏيجا، پروفيسر ڦيرواڻي، پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، پروفيسر لطف الله بدوي، صوفي هولا رام پورن، مولا بخش مسڪين ڀٽو، آغا عبدالنبي عليگ، غلام محمد نظامي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، مرزا افضل بيگ، مرزا جاني بيگ، علي گوهر يڪتا، غلام عباس قادري، حبيب الله ڀٽو، احسان احمد بدوي، لعل محمد لعل، شيخ اياز، پرسرام ضيا، شفيع احمد اوج علوي، حافظ محمد احسن چنا، محمد خان غني، شاهنواز شاه عارف الموليٰ، عبدالفتاح عبد، فقير عبدالوهاب ناظم، نعيم صديقي وجدي، خواب حيدرآبادي، مولوي عبدالڪريم چشتي، شير محمد چغدو ۽ آغا گل حسن گل. فنڪارن مان: حافظ احمد، موريل فقير ڌمالي، فقير گورڌن داس، ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنور رام، ڀائي ڇيلو، گلشن صوفي، الله رکي، جيوڻي، قدرت الله خان، سينڌو خان، الله ڏنو نوناري، جمالو خان، مٺو ڪلهوڙو، مبارڪ علي خان، مراد علي خان، ۽ بيبو خان وغيره. عاشقن فقيرن مان: سائين قطب شاهه جهانيان، سيد قلندر شاهه، سيد ڇٽل شاهه رتو ديرو، سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، ميان امير شاهه جيلاني ملتاني، محمد فقير کٽياڻ، فقير هدايت علي تارڪ نجفي، فقير غمدل سائين، شهنشاهه بيدل فقير جو صحبتي فقير الله اوباهي شاهه، نصير فقير جلالاڻي ۽ سندس مريد پرسرام ڪيسواڻي جوڳي، سيد ولايت شاهه هنباهه وارو (چڪ) ميرل فقير هنباهه وارو، سائين انور شاهه جهانپور وارو، شائق فقير عمراڻي (جيڪب آباد) فقير قلندر بخش هيسباڻي (ڪنڊيارو) نيڀراج بابا (روهڙي)، غلام علي فقير (ثاني) ڪنڊڙيءَ وارو، فقير ايسرداس لکيسر، ڌرمداس لاڙڪاڻي وارو، فقير اڌارام درويش ۽ سندس مرشد فقير جئرام داس شڪارپور وارو، فقير روچلداس روهڙيءَ وارو، فقير آغا نادر، فقير عبدالرحمٰن مست بابا شڪارپور وارو. پيارن مان: رگهو مل پنجابي، ايسر داس، ڪنيا لال اڇپليا، ڪشن چند، نور محمد ڀٽي، هر بخش، هولارام پورن، گورڌن داس، آئل مل تپيدار، سانوڻ مل تپيدار وغيره. ادبي خدمتون: شڪارپور جي مردم خيز مٽيءَ مان، وڏا وڏا شاعر، نثر نويس، علم ادب، تاريخ، ثقافت، تصوف ۽ طب جا ڏاها، دانشور، رهنما، عاشق ۽ اڪابر طبيب پيدا ٿيا آهن. ”فقير مسرور“ جو جنم ان دور ۾ ٿيو جڏهن سنڌي شاعريءَ جي موضوعن ۾ تصوف سان گڏ قومي ۽ سماجي رنگ به باقاعدي شامل ٿيو ۽ سنڌي شاعرن، عشق ۽ عروض جي موج ۽ اوج مان ڪافيون، غزل ۽ نظم لکڻ شروع ڪيا. مشاعرن ۾ شرڪت: ”فقير مسرور“، پذيرائي کان پاسو ڪندو هو پر چوندا آهن ته لعل گودڙين ۾ لڪي نه سگهندو آهي. اهائي ڳالهه هئي جو ”فقير مسرور“ علم ادب جي کيتر ۾ هڪ وڏي صوفي شاعر جي حيثيت ۾ نمودار ٿيو، جنهن ڳالهه جو احساس کيس به هو، جنهن لاءِ فرمائي ٿو: عشق ۾ ”مسرور“ تنهنجو نانءُ هرجا ويو هلي، گرچ ٿي مشهور دنيا ۾ ويو ديوان گل. ”فقير مسرور“ جو لاڙڪاڻي جي ملازمت وارو عرصو (1936ع - 1945ع) سندس علمي ادبي سرگرمين جو نهايت شاندار ۽ شهرت وارو رهيو آهي، جنهن عرصي ۾ ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين ۽ جيئن ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادب پرور، سخن شناس موجود هئا انهيءَ ڪري ”فقير مسرور“ به عشق ۽ ادب جي ٻهڳڻ ٻوليءَ جا سهڻا سانگ رچايا. مشاعرن ۾ شرڪت سان گڏ، پاڻ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ علمي ادبي ڪالم لکيائين ۽ بزم مشاعره سوسائٽي جو باقاعدي ميمبر ٿي، اداري جي هر طرح مالي ۽ اخلاقي مدد ڪيائين ۽ سوسائٽي ۾ رهي علم ادب جي ترويج ۽ ترقيءَ لاءِ وڏيون ادبي ذميداريون پوريون ڪيائين. محقق جي حثيت: ”فقير مسرور“ سنڌي علم ۽ ثقافتي تاريخ جو محافظ هو. طبع جي فطري لاڙي سبب تقريبن سنڌ جي سڀني درگاهن تي چونڪيون ڏيندو هو. جتي پنهنجي توڙي انهن بزرگن جي ڪلام کي، نِت نَون سـُرن ۾ سينگاري، سندن اڱڻ تي بيهي وار کولي، ساري ساري رات يڪتاري تي ڳائيندو هو. سندس انهيءَ طرح درگاهن، خانقاهن ۽ اوتارن تي ڳائڻ سان، اهڙن اهڙن بزرگن عاشقن جو اهو سنڌي، سرائڪي، هندي توڙي فارسي ڪلام به ماڻهن ۾ عام ٿيو جيڪو اڃا قلمي صورتن ۾ درگاهن يا پراڻن ڪتب خانن يا ڪجهه فقيرن ڳائڻن تائين محدود هوندو هو. قدرت کيس فقيرن جي وڏي صحبت ۽ محبت به ميسر ڪري ڏني هئي، انهيءَ ڪري انهن جي ڪتب خانن ۾ ۽ درگاهن تي سانڍي رکيل مسودا به سدائين ”فقير مسرور“ جي مطالعي ۽ نقل ڪرڻ لاءِ حاضر هوندا هئا. درگاهن تان اتاريل ڪيتروئي مواد پوءِ ڪجهه ته محققن ۽ پبلشرن کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنائين پر ڪجهه نقل ڪيل مسودا سندس وفات کان پوءِ چورائجي ويا. جن جو تفصيل هن ريت آهي: پبلشرن ۽ محققن کي ڏنل ڪلام: 1 - بيدل جو سنڌي ڪلام - بولچند وسومل راجپال. 2 - صوفي قطب شاهه جو ڪلام - پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه. 3 - بيدل جي سوانح ڪلام - پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه. 4 - فقير قادر بخش بيدل جو ڪلام - پروفيسر لطف الله بدوي. (تذڪره لطفي) 5 - حمل فقير جو ڪلام - پروفيسر لطف الله بدوي. (تذڪره لطفي) 6 - فقير محمد صديق سومري جو ڪلام - پروفيسر لطف الله بدوي. (تذڪره لطفي) 7 - فقير محمد محسن بيڪس جو ڪلام - پروفيسر لطف الله بدوي. (تذڪره لطفي) چوري ٿي ويل مسودا: 1 - ڪليات خادم. شايع ٿيل، مؤلف پروفيسر لطف الله بدوي. 2 - روحل فقير جو ڪلام. شايع ٿيل، مؤلف پروفيسر لطف الله بدوي. 3 - مراد فقير جو ڪلام. شايع ٿيل، مؤلف پروفيسر لطف الله بدوي. 4 - فقير واليڏني جو ڪلام. پروفيسر لطف الله بدوي کان واپس مليو. 5 - بيدل جو فارسي ڪلام. پروفيسر لطف الله بدوي جي لئبريري ۾ رکيل. 6 - دريا خان زنگيجي جو ڪلام. گم ٿي ويل. 7- فوائد المعنوي. بيدل فقير جي عربي تصنيف. جنهن جو سنڌي ترجمو ”فقير مسرور“ جو ڪيل هو. (تازو هٿ آيو آهي جنهن کي فقير احمد بخش بدويءَ مسرور پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايو آهي. ۽ فقير روحل ۽ مراد فقير جو ڪلام، ”فقير مسرور“ جي هٿن سان اتاريل تازو پروفيسر جهامنداس جي ذاتي ڪتب خاني مان مليا آهن. ادبي رهنما: هن باعمل صوفي فقير ۾ علم، ادب ۽ فن جي خدمت جو جيڪو جذبو هوندو هو. انهيءَ کان جتي سنڌ جا عالم، دانشور ۽ محقق متاثر هوندا هئا، اتي شڪارپور شهر جا اديب ۽ دانشور به سندس ڀاڳڀري صحبت ۾ گذارڻ ۽ کانئس سکڻ پرائڻ کي پنهنجي خوشنصيبي ۽ مانُ سمجهندا هئا. ساڳي وقت پاڻ شڪارپور جي نوجوان نسل جي به وڏي همت افزائي ڪيائين، خاص طور شفيع احمد اوج علوي، احسان احمد بدوي، لعل محمد لعل ۽ شيخ اياز کي شاعريءَ ڏانهن راغب ڪرڻ جو بنيادي ڪم ”فقير مسرور“ ئي ڪيو. سندن طبيعت ۾ موزونيت ۽ شاعراڻو جولان پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخ ۽ ادب، فڪر ۽ فلسفي جي ڳالهين سان گڏ کين وياڪرڻ، علم صرف نحو ۽ علم عروض جي تعليم به ڏيندو هو ۽ همت افزائي ڪندي سندن ڪلام تي شفقت واري نظر به ڪندو هو. تصنيفون: نثر: 1 - دشمن. 2 - من جي مستي. 3 - سلطاني سهاڳ. 4 - قيامت نامو. 5 - راڳ جي شرعي حيثيت. 6 - واچوڙو مل (ناٽڪ). نظم: 1 - مسدس مسرور عرف هيرن جو هار. شايع ٿيل ڇهه ڀيرا. 2 - مداح ستگرو سائينءَ جي سوکڙي. شايع ٿيل چار ڀيرا. 3 - مجازي معشوق (مسدس) شايع ٿيل ٻه ڀيرا. 4 - مسرور نامو (منتخب ديوان) ڪليات مسرور (حصو پهريون) ۾ شامل 5 - پريم ساگر - (هندي ڪلام) 6 - قلقل عندليب - (فارسي ڪلام) 7 - حسن ازل (حمديه نعتيه ڪلام) 8 - اسرار حسيني (761 بندن تي مشتمل مسدس) 9 - ڪليات مسرور فقير - (ڪافين غزلن ۽ ٻين مصنفن تي چيل 553 ڪلام، 133 بيت، رباعيون ۽ شلوڪ.) 10 - مثنوي هير رانجهو (1389 بيتن تي مشتمل قصو) شاعري: ”فقير مسرور“ بنيادي طور ”ڪافي“ جو وڏو ساعر آهي. پاڻ چوڏهن سالن جي عمر کان ڪلام چوڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام ٻوليءَ جي وقار، شاعريءَ جي حسن، خيال جي لامحدود پرواز، تخيل جي بلندي، صوفياڻن ۽ ناصحاڻن نڪتن ۽ اڪيچار موضوعن جو بحر بيڪنار آهي. جنهن ۾ لوڪ داستانن تي چيل بيت ۽ ڪافيون به آهن ته راڳن ۾ چيل ڪافيون به آهن، جيڪي مسرور پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران مارچ 2000ع ۾ ڪليات مسرور (حصو پهريون) ۾ شايع ڪيون ويون آهن. انهيءَ کانسواءِ سندس ڪلام ۾ مناجات، ٽيهه اکريون، حمد، نعت، مولود، مرثيا، مداحون، مناقبا سهرا به شامل آهن. سندس ڪافين ۾ خيال فڪر ۽ موضوع سان گڏ عروضي خوبيون به آهن. سندس ڪلام سنڌيءَ جي لوڪ ڪلاسيڪي صنفن کان علاوه عروض جي نهايت دلپذير صنفن تي به چيل آهي جن ۾ غزل، مستزاد، رباعي، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، مسبع، مثمن ۽ معشر شامل آهن. ”فقير مسرور“ سنڌي ٻوليءَ جو اهو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي جنهن جي ڪلام ۾ زماني جي نِتُ نون رنگن ۽ تنقيد، اخلاق ۽ انسانيت جا درس، ناصحاڻا نڪتا، ناسوت جا سئر، لاهوت ۽ باهوت جا راز، ذات الاهي جا اذڪار، عشق جي ظاهر باطن جا اسرار ۽ منصوري موج مستي آهي. سندس ڪلام سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاهڪار آهي جنهن کيس پنهنجي وحدتي وڳر ۾ هڪ منفرد حيثيت بخشي آهي. سندس ڪلام جي موضوع، ٻوليءَ جي سلاست، فصاحت سان گڏ ترنم، رواني ۽ محاورن جي ڪري کيس عروضي دور جي شاعرن ۾ به هڪ وڏو مقام حاصل آهي. ”فقير مسرور“ سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي، هندي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ به ڪلام چيو آهي جيڪو لفظي صنعتن سان گڏو گڏ معنوي صنعتن جو خزانو آهي