تون ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي. ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي. تون تہ ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نہ موٽئين ميگھ ملهارن ۾، اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾. ڏني ڪانگ نہ ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي، توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا تہ پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾. اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاب پيا، اڄ تائين نہ پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾. ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتي تنهنجا پار پڇيا، اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾. تاجل بيوس