نون صوبن جي ڳالهه، سنڌ جي وحدت ۽ سرڪار جون ذميداريون ڊاڪٽر ايوب شيخ هاڻي وري پاڪستان جي وحدت خلاف اهي ساڳيا عنصر تيز ٿي ويا آهن، جيڪي هر حساب سان 1947ع ۾ ملڪي وحدت جي خلاف هئا. اهڙو رويو ۽ راءِ رکندڙ ملڪ ۾ موجود انهن پارٽين ۽ گروپن کي اسان رڳو ايترو چئي سگهون ٿا ته اسان پاڪستان جي وحدت جا خالق، امين ۽ ان کي قائم ڪندڙن منجهان آهيون. جي اسان جي پاڪستان سان محبت اوهان کي اسان جي ”ڪمزوري“ محسوس ٿي ٿئي ته پوءِ اسان پنهنجي اهڙي ”ڪمزور محبتن“ جا امين رهندي هاڻي پنهنجي سنڌ ۽ ان جي ڪروڙين ماڻهن سان گڏ رهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر جي باهه ٺاري وسائي سگهڻ جو ڪم وساري نه ٿا سگهون. اچو ته هن سڄي معاملي تي جيئن ڪاوش جو مسٽر منظور ميراڻي چوي ٿو ته سنجيدگي سان سوچي ڪا گڏيل راءِ جوڙيون. ڪي وصفون: Indigenous People يا اصلوڪا رهواسي: دنيا ۾ وصفن جي مڃيل ڪتابن ۾ چيل آهي ته اصلوڪا رهواسي يا Indigenous People يعني ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ اهڙا ماڻهو هجن ٿا، جيڪي ڌرتي جي ڪنهن مخصوص حصي تي رهندا هجن، انهن جي تاريخ هجي، اهي تاريخي سلسلي سان ڳنڍيل هجن، انهن جي وڻج واپار ۽ رهڻي ڪهڻي جا ساڳيا طريقا، ريتون ۽ رسمون هجن، انهن کي چئبو آهي اصلوڪا ماڻهو. گڏيل قومن جو موقف: 13 سيپٽمبر 2007ع تي گڏيل قومن پاران ”دنيا جي اصلوڪن ماڻهن جي حقن جو پڌرنامون“ جاري ڪيو ويو. مختلف وصفن کانپوءِ 45 آرٽيڪلز يا شقون ڏنل آهن جن ۾ رهاڪن جي باري ۾ هر قسم جي قانوني، آئيني، جمهوري، انساني حقن جي باري ۾ بحث ٿيل. انهن شقن جي آخر ۾ هڪ سٽ لکيل آهي ته ”پڌرنامي کي انصاف، جمهوريت، انساني حقن جي عزت، برابري. بهتر سرڪاري سسٽم سان ملائي پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.“ ان پڌرنامي جا پهريان ٽي آرٽيڪل پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪيئن دنيا جا عالمي ادارا اسان سان گڏ آهن ۽ اسان اڪيلا نه آهيون. آرٽيڪل نمبر 1 ۾ چيل آهي ته. اصلوڪن رهاڪن کي گڏيل طور يا اڪيلي طور انساني حقن ۽ انساني حقن جي چارٽر ۾ ڏنل آزاديون ماڻڻ جو حق حاصل هوندو، جيئن گڏيل قومن ۽ ڪائنات جي انساني حقن جي عهدنامي ۽ عالمي انساني حقن جي قانون هيٺ چيل آهي. آرٽيڪل نمبر 2 چئي ٿو ته اصلوڪن رهاڪن کي پنهنجي سڃاڻپ يا اصلوڪيت جي حق ماڻڻ ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ گڏيل طور يا اڪيلي سر باقي سمورن ماڻهن وانگر اوتري ئي آزادي ۽ برابري حاصل هوندي. آرٽيڪل نمبر 3 موجب اصلوڪن رهاڪن کي پنهنجي خود اختياري جو حق هوندو. ان حق سان کين اها آزادي هوندي ته اهي پنهنجي سياسي منزل ۽ اقتصادي، ثقافتي، ۽ سماجي ترقيءَ جي باري ۾پاڻ فيصلو ڪن. انهن وصفن کانپوءِ اچو ته ڪجهه اهم سوالن جي باري ۾ سوچيون ۽ جيڪي ڪجهه اسان جا ماڻهو سوچين ٿا، ان جي باري ۾ هڪٻئي سان حال اوريون: ڇا هي ڊرامو آهي؟ ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته ٽينس ۽ ڪرڪيٽ جي رانديگرن ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي شادي ٿيڻ کان اڳ ملڪ ۾ اردو چينلن ايڏو طوفان ڇو مچايو هو؟ ڳالهه هي هئي ته جيئن ئي صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار ڏيڻ ۽ ان باري ۾ اسيمبلي ايوان جي تاريخ ۽ پنهنجي گڏيل خطاب جي ڳالهه ڪئي هئي ته انهن ٻنهي رانديگرن جي رشتي جي ڳالهه شروع ڪئي وئي. هڪ سنڌي سياستدان پنهنجو گراف وڌائڻ شروع ڪيو ته سندس گراف کي اتي جو اتي بيهارڻ ۽ هيڏي ساري 18 هين ترميم کي غير اهم ٺهرائڻ لاءِ ميڊيا هڪ غير اهم اشوءَ کي وڏو ڪري پيش ڪيو. اوهان ان شادي تي غور ڪيو. ڀلا! ڀارت جي ڪهڙي وڏي شخصيت ان شادي ۾ وئي هئي؟ ڪنهن ڀارتي يا پاڪستاني جي شادي آخر ڪهڙي حساب سان وڏي ڳالهه آهي؟ کوکرا پار ريل وسيلي سوين پرڻيل ناريون ۽ نوجوان هتي پهچن ٿا، ڪڏهن اوهان انهن رشتيدارين جو ذڪر به ٻڌو آهي؟ اهو ان ڪري نه ٿا ٻڌي سگهو، ڇو ته ان سان سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي سگهن ٿا ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. 18 هين ترميم جي قومي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ڪالم لکندڙ مسٽر نصير ميمڻ هڪ نجي ڪچهري ۾ چيو ته ”پيپلزپارٽي وڪڻي هيرا پئي ۽ مارڪيٽنگ ڪوئلي جي پئي ڪري.“ گذريل ٻن سالن ۾ هنن جيڪي به غلطيون ڪيون آهن، سي ميڊيا پنهنجو فرض سمجهي سامهون آنديون آهن پر جيڪي تمام وڏا ڪم ڪيا ويا آهن، تن جي باري ۾ اها گهربل پبلسٽي ڪري نه سگهي آهي.“ هاڻي وري بحث هلندو گڏيل قومن جي بي بي قتل رپورٽ تي ۽ شايد گهڻو ڪري 15 ڏينهن اها پوئتي ڪرائڻ تي بحث هلندو. جيڪڏهن اها رپورٽ پنهنجي جانچ ۾ بيت الله کان اڳتي نه وڌي سگهي ته پوءِ ان ڳالهه جا امڪان آهن ته ان تي ڪير به نه ڳالهائي. مالڪيءَ جو غير حقيقي تصور؟ اصولي طور ڪنهن به ڌرتي جي مالڪ نسل ۽ قوم کي اها آزادي هجڻ گهرجي ته هو پنهنجي ڌرتي جنهن سان وڻيس انتظامي ۽ سياسي طور گڏ رکي يا ڌار ڪري. ڪنهن کان به ڌار ٿيڻ جو بنياد رڳو ۽ رڳو ظلم هجي ٿو. بنگالين سان جي اها روش روا نه رکي وڃي ها ته بنگالي الڳ ملڪ ڏانهن نه وڃن ها. بلوچستان جيڪو اجنبي روپ ۾ اسان جي سامهون آهي، تنهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿئي ها ته به شايد ايئن نه ٿئي ها. بلوچستان جي هڪ جج کي صوبي جو گورنر بنائي ان کي عدالتي سسٽم کان رڳو ان ڪري پري ڪيو ويو، ڇو ته هو ٿوري وقت ۾ پاڪستان جو نه رڳو چيف جسٽس هجي ها، پر سڄا سارا 13 ورهيه ان منصب تي موجود هجي ها. اها ڳالهه ناقابل هضم هئي. پنجاب جو سرائڪي بيلٽ وارو ٽن ڪروڙ ماڻهن جو علائقو غريب ۽ بدحال ڇو ٿو نظر اچي؟ هندڪو ڳالهائڻ وارا 1979ع کان اڳ اڪثريتي نسل جا ماڻهو هئا ۽ سرحد صوبي ۾ سندن مرضي کانسواءِ ڪي به فيصلا نه ٿيندا هئا. ايستائين جو غلام احمد بلور وغيره به هندڪو ڳالهائڻ وارا آهن، پر سڏائين پختون ٿا. جيڪي ستر جي ڏهاڪي ۾ پشاور مٿان ڇانيل بزنيس مين هوندا هئا. جنرل ضياءَ جي غلط ترين ۽ ملڪ دشمن پاليسين جي ڪري اڻ روڪ ۽ بي لغام ٽيهه لک افغان پناهگيرن پاڪستان جو سماجي، سياسي ۽ مذهبي رواداري وارو ڪلچر تبديل ڪري ڇڏيو. مذهب جو الڳ نقصان ٿيو. ڪلچر جو ان کان به وڌيڪ نقصان ٿيو. ڏسندي ڏسندي سنڌ ۾ به شهري تنظيم ڪراچي-حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ بااثر وڏيرن پنهنجي پنهنجي انتظامي يونٽن مٿان پنهنجي ڪنٽرول ڪرڻ واري پاليسي شروع ڪري ضلعي ضلعي تي خلق مٿان راڄ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. سابق سنڌ سرڪار ته اصلوڪن رهاڪن خلاف سنڌ اسيمبلي معرفت اهو فيصلو پڻ ڪرايو هو، جنهن هيٺ سنڌي شاگرد ۽ مزدور ڪراچي ۾ تعليم ۽ روزگار جو حق حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ڏنڊي جي زور تي دهلي سرڪار جا منصب دار ۽ صوبدار مقرر ٿيندا هئا پر اهي ڪڏهن به سچا مالڪ ۽ اصل ڌڻي نه سڏبا هئا، ڀلي انهن جو لاڳاپو سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن سان ڇو نه هجي يا اهي اصلوڪن منجهان ڇو نه هجن. پاڪستان ۾ آدمشماري وڌڻ جي ڪري وسيلن جي ورڇ ۾ ناانصافي جي ڪري، امن امان ۽ اميگريشن تي رياست جو ڪنٽرول ۽ رٽ نه هجڻ ڪري، پنج لک ماڻهن جي قومي اسيمبلي جو هڪ ميمبر ۽ ٽي لک ماڻهن تي هڪ صوبائي ميمبر هجڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ سياسي مهانگائي ۽ دولتمند ماڻهن جو جمهوريت مٿان قبضي، انگن اکرن جي نه هجڻ، مناسب پلاننگ نه ڪرڻ، مختلف ادارن کي بي ميار ۽ بي مهار ڇڏي ڏيڻ، قومن، ٻولين جي ترقي ۽ علائقن جي ترقيءَ سان فرَق ۽ تفاوت رکڻ جهڙن معاملن کي جيڪڏهن جيئن جو تيئن ڇڏيو ويو ته هڪ ڏينهن پاڪستان سڀني جي هٿن مان نڪري ويندو. بچاءُ ان ۾ آهي ته ملڪ جي سمورن ماڻهن کي سندن جائز قانوني، سياسي ۽ سماجي حق ملڻ گهرجن. انصاف جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهي سمورا روڪيل ۽ ڏکيا ڪيس اڪلائي ملڪ جي عوام کي ”چور“ ۽ ”ساڌ“ جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. ڪراچي ۾ ڪنهن روڊ تي ٽريفڪ جام نظر اچي ٿي ته سنڌو درياءَ جي خشڪي به نظر اچڻ گهرجي. اصغر خان ۽ ٻين جون اپيلون به اڪلايون وڃن. انصاف رڳو ڪنهن هڪ صوبي يا هڪ پارٽي يا هڪ نسل جي ماڻهن کي بلڊوز ڪندڙ نه هجي، پر اهو سمورن ماڻهن جي لاءِ قابل قبول هجڻ گهرجي. ٻن اکين سان انصاف ٿيندو ڏسڻ سان الاهي مصيبتون ٽري وينديون. ماڻهن جو جڏهن پاليسين، انصاف ۽ عمل ۾ يقين وڌندو ته پاڪستان ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ يقين وڌي ويندو. سنڌ جو بچاءُ ڇا ۾ آهي؟ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب سنڌ صوبي کي ورهائڻ خلاف وقتائتو بيان ڏنو آهي. سڄي سنڌ ڪابينا، سنڌ اسيمبلي، ۽ اسيمبلين کان ويٺل ٻاهرين پارٽين ۽ گروپن کي ان ڏس ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. بظاهر سنڌ جي وحدت کي خطرا ناهن، پر خطرن خلاف اسان جي تياري ڪانهي. قومون چئن بنيادن تي مضبوط ٿينديون آهن. تعليم، صحت، امن امان ۽ معيشت. تعليم مڪمل طور تباهي طرف گامزن آهي. ڪاپي ڪلچر زورن تي آهي. ٽيڪسٽ بڪ بنا مواد جي ڇپجي ٿرپارڪر پهچي چڪا آهن. (ڪي ٽي اين رپورٽ 14 اپريل). اسان جي تعليم کاتي کان اهو نه ٿو پڄي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان سنڌي ٻولي کي ٻارهين جماعت تائين اسڪولن ۽ ڪارگذاري لاءِ دفترن ۾ نافذ ڪرڻ بابت آيل ليٽر جو ڇهه مهينن ۾ جواب به ڏئي سگهي. (ڏسو: هاءِ ڪورٽ جو ليٽر ڪاوش 15 اپريل 2010ع). وري اڳين سيڪريٽري جواب نه ڏنو، ته نه ڪنهن پڇيو، نه سزا، نه جزا. ٻولي اسان جي ذميداري ۾ هجي ها ته ڀلا ايئن ٿئي ها؟ ان ڪري بنا دير هاءِ اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم کي الڳ ڪري ان جا الڳ کاتا ۽ وزارتون ٺاهيون وڃن. جيڪي به تعليم کاتي جا ادارا آهن، انهن مان جيڪڏهن ٻوٽو ٻري نه سگهيو آهي ته ماڻهو ۽ پاليسيون تبديل ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي. تعليم کاتي، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي، سنڌي ٻولي اختياري پاران جيڪي به هر سال خدمتون ٿي رهيون آهن، انهن جي باري ۾ هر سال رپورٽ جاري ڪئي وڃي. اها ڳالهه پڻ عوام کي ٻڌائجي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جهڙن ادارن ۾ سنڌين کي پٽيوالي کانسواءِ ٻي نوڪري ڇو نٿي ملي سگهي؟ (ڏسو فائونڊيشن جو ملازمتن وارو چارٽ). سنڌ سرڪار نم جي وڻ کي ”سرڪاري وڻ“ جو اعزاز بخشڻ جهڙو وڏو ۽ ڀلو ڪم ڪيو آهي. آهستي ضلعي ضلعي کي ماڊل بنائي ان مان ڪاپي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري اسڪولن جي تعليم وڌائڻ جا ٽارگيٽ ڇو نه مقرر ڪجن؟ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ تعليم جي هڪ اي ڊي او کي رڳو پنج ڪروڙ هڙپ ڪرڻ جي سزا طور بدلي ڪيو ويو. اهو ڪم ڀلو. ٻئي ڏينهن بااثرن جي حڪم تي اهو بحال؟ اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي؟ تعليم کاتي جي مڪمل تباهيءَ جا هڪ ٻه نه، پر هزارين قصا آهن. عرض هي آهي ته ڪجهه چڱايون ٻڌڻ به اسان جو حق آهن، جيڪي آهن سي ٻڌائجن. صحت کاتي جي معرفت هر سال بيمارين جي خاتمي جي باري ۾ رپورٽ عوام کي ٻڌائبي رهجي ته آخر بيماريون ڇو وڌي رهيون آهن؟ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دوائون اثر نه ٿيون ڪن، نقلي دوائن جي ڀرمار آهي. مختلف موذي مرضن لاءِ جيڪي پرڏيهه مان دوائون گهرايون ويون سي ناقص ڇو ثابت ٿيون. سڄي سنڌ ۾ اونهاري ۾ گرمي پد چئن مهينن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 45 ڊگري رهي ٿو، پوءِ اهي اسٽور جيڪي سج جي سامهون نه هجڻ گهرجن ۽ اسٽور جي گرمي پد 30 ڊگري کان مٿي نه هجڻ گهرجي. انهن جي باري ۾ ۽ خراب ٿيندڙ دوائن جي باري ۾ ڪير سوچيندو؟ ان سوچڻ لاءِ ڊرگ انسپيڪٽر صاحبن جي ڪمائي نه وڌڻ گهرجي. ڪم ٿيڻ گهرجي. سنڌ جو گهرو کاتي جو وزير سنڌ اسيمبلي ۾ چئي ٿو ته 15 لک غيرقانوني ڪراچي ۾ رهن ٿا. مٿان اجازت ملندي ته پوءِ انهن جي لاءِ پاليسي ٺاهينداسين. وفاق هيٺ اميگريشن جي پاليسي ٺهڻ جي ڪري صوبا مجبور آهن، پر سنڌ تباهه ٿي رهي آهي. هتي ڪو به ماڻهو پنج سئو ڏئي ڪمپيٽرائزڊ شناختي ڪارڊ ٺهرائي پاڪستاني ٿي سگهي ٿو. پي آر سي ۽ ڊوميسائيل ته خير جا ڪم آهن. بنگالين، برمين، افغانين جا مظاهرا سڀ پيا ڏسن. آهستي آهستي امن ۽ امان سنڌ جي پيرن هيٺان کسڪندو وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحب کي هنگامي بنيادن تي بريفنگ تيار ڪرائي وفاقي سرڪار کي مجبور ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ مٿان غيرقانوني پرڏيهين جو ٻوجهه گهٽ ٿئي. سنڌ اسيمبلي ۽ ان سمورا ميمبر جيڪي مکڻ ۽ ماکيءَ جهري زبان ڳالهائي ٿڪجن نه ٿا، اهي مکڻ جهڙن سنڌي ماڻهن جا حق به ادا ڪن. انهن الاهي چڱايون ڪيون آهن، پر سنڌي شاگردن ۽ مزدورن جا ڪراچي ۾ دروازا پڻ کولائين. اهي افهام ۽ تفهيم لاءِ اها سادي ڳالهه ڇو نه ٿا سمجهن ته جيستائين سنڌ جي اصلوڪي آبادي جا حق مروڙڻ بند نه ٿيندا، تيستائين ٻنهي آبادين ۾ تڪرار واسطي هڪ وٿي رهندي. اها وٿي ۽ خال ڀرڻ لاءِ ڪم سنڌ اسيمبلي کي ڪرڻو آهي. سنڌ کي بچائڻ لاءِ انهن سمورن اسمن جي لاءِ سنڌ جي قانون واري وزارت سرڪار ۽ هاءِ ڪورٽ وچ ۾ جيڪي خال آهن، سي پڻ پورا ڪري. قانون جي وزارت ئي ته اصل وزارت آهي جيڪا قانون تي عملداري ڪرائي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان چاهيون ته؟ اچو ته سنڌ جي قانون واري وزارت کي ياد ڪرايون ته سنڌي شاگرد ۽ مزدور قانونسازيءَ جي ڪري ڪراچي ۾ داخلا وٺي نٿا سگهن. هڪڙي ڳالهه اها پڻ قانون واري وزارت کي ياد ڪرايون ته سنڌ جا پراڻا ضلعا بحال ڪرائي سنڌ ۾ ڀائيچارو وڌايو وڃي. بشڪريه روزانه ڪاوش اخبار