جنهن تڙ ڌُوڙون ڌُون، چوٽا چَندَنَ چڪَ ڪيو
اچن ڀؤنئر ڀَنڀَوليا، پاڻيءَ تنهين پون
راوَلَ رَتَو رون، ڪو وَهُ لڳو واسئين.
سر مومل راڻو
تڙ = غسلخانو، وهنجڻ جي جاءِ، Bath room
ڌُوڙون = هڪ جيڏيون، سرتيون، مومل جون سهيليون
ڌُون = ڌوئن
چَندَنَ = خوشبودار تيل
چڪَ ڪيو = مليو
ڀَنڀَوليا = خمارجي پيا، مست ٿي پيا، موهجي پيا
رَاوَلَ = راجائي نسل جا شهزادا، راجپوت
رَتَو = ڳاڙهو پاڻي، رت جا ڳوڙها
وَهُ = اُڪيرَ، مستي، جوش، جذبو
واسئين = کي واسيو، مهڪجي پيو
* ڪاڪ محل جي جنهن تڙ يا غسلخاني ۾ مومل ۽ ان جون سهيليون پنهنجا چيلهه تي پوندڙ ريشمي وار چندن جي خوشبودار تيل سان ٿيون ملن, ڌوئن ۽ وهنجن.
* سندن مهڪندڙ وارن مان ڳڙندڙ پاڻيءَ ۾ اهڙي ته هٻڪار ۽ خوشبو آهي جو ڀؤنئر به موهجي, مست ٿي اچي اُتي ڳاهٽ ٿيا آهن.
* ڪيئي راجا، راجپوت شهزادا مومل جي سونهَن سندرتا ۽ حسناڪين ۾ قيد ٿي وتن ٿا رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا.
سمجهاڻي
* ڀٽائيءَ جي هن جماليات، سونهَن سندرتا ۽ حسناڪين سان ڀرپور بيت ۾ ڪمال جو مشاهدو ۽ ڪمال جي فوٽوگرافي آهي. ايئين جيئن ڀٽائي سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان پئي ڏٺو. وري بياني انداز اهڙو عجيب ۽ شاهڪار آهي جو پڙهڻ وارو پاڻ کي ڪاڪ محل ۾ مومل ۽ ان جي سهيلين جي وچ ۾ پيو محسوس ڪري.
مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل