
شاهه رخ خان جي ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز IPL 2014 جي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ڪلڪته جي ٽيم فائنل ۾ سخت ۽ سنسني خيز مقابلي کانپوء آء پي ايل جي سڀ کان ڪامياب ٽيم ڪنگز اليون پنجاب کي آخري اوور ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏني.
پهريان بيٽنگ ڪندي ڪنگز اليون مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي عيوض 199 رنسون ڪري 200 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو هڪ مشڪل ٽارگيٽ هيو. ووهرا 67 ۽ ساها 115 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
جواب ۾ ڪلڪتي جو سڀ کان ڪامياب رانديگر رابن اٿاپا جلد ئي آئوٽ ٿي ويو ۽ وڪيٽون ڪرنديون رهيون .... پر منيش پانڊي هڪ اينڊ تان لاجواب راند پيش ڪندو رهيو. ڪلڪتي جي رانديگرن گهربل رن ريٽ 10 برقرار رکيو ۽ هر اوور ۾ هڪ بائونڊري هڻندا رهيا. پانڊي صرف 50 بالن تي 94 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آخري اوور ۾ ڪلڪتي جي ٽيم 7 وڪيٽن عيوض مقرر ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. منيش پانڊي کي ميچ جو بهترين رانديگر ۽ گلين ميڪسويل کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جا اوارڊ مليا.
هن ٽورنامينٽ ۾ ڪلڪتي جو رابن اٿاپا 660 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، سمٿ 566 ۽ ميڪسويل 528 رنسون ٺاهيون. بالنگ ۾ چنئي سپر ڪنگ جي موهيت شرما سڀ کان وڌيڪ 23 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته سريش نارائن 21 ۽ ڀنيشور ڪمار 20 وڪيٽون ورتيون. ميڪس ويل 36 ڇڪا جڏهن ته سمٿ 34 ڇڪا هنيا.