آخر سون ئي ايترو اهم ۽ قيمتي ڇو؟؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جسٽن رولٽ

    ميزبان ڊيلي بزنس، بي بي سي ورلڊ


    انسان جي سون سان رغبت ڪافي عجيب و غريب آهي. جڏهن ته ڪيميسٽري جي حساب سان هي ڌاتو هڪ انتهائي غير اهم ڌاتو آهي. ڇو ته اهو ٻين عنصر سان تمام گهٽ ئي عمل (Reaction) ڪندو آهي. تنهن هوندي به دؤري جدول (Periodic Table) ۾ سون واحد عنصر آهي جنهن کي ماڻهن سدائين ڪرنسي طور استعمال ڪرڻ لاءِ ترجيح ڏني آهي.

    پر آخر ڇو؟ آخر ڇو ايئن ناهي ته ٻين عنصرن مثال طور اوسمسيم، ڪروميم يا هيليم يا وري سيبورگم جي ايتري ئي اهميت هُجي؟

    اهو سوال منهنجو يا مون جهڙي ڪنهن ٻي جي طرفان پهريون دفعو نه ٿي رهيو آهي؟ پر اڄ اهو سوال آئون ڪولمبين دؤر کان اڳ جي سون جي نودارات جي نمائش جي موقعي تي برطانوي عجائب گهر ۾ ڪري رهيو آهيان. هتي منهنجي ملاقات ٿئي ٿي انڊريا سٽيلا سان جيڪا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ ڪيميسٽري جي پروفيسر آهي. کائنس اهو سوال ڪرڻ تي هو وراڻي ٿي.

    ”ڏِس دؤري جدول جي ساڄي پاسي جا ڪُجهه عنصر ته اهڙا آهن جيڪي انهيءَ قدر يا اهميت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ مان آساني سان ڪڍي ڦِٽو ڪري سگهجن ٿا. هُن وڌيڪ چوي ٿي ته ”جيئن ته گئس کي ڪرنسي طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي جو ماڻهو گئس جا ٿيلها ڪيئن کڻي هلن؟ ۽ اها بي رنگ به ٿئي ٿي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا آهي؟ ساڳي طرح بروميم يا مرڪري (پارو) جهڙا ڪُجهه عنصر انتهائي خطرناڪ يا زهريلا آهن. ساڳي طرح آرسينڪ سميت اهڙي قسم جا ڪيئي عنصر انهيءَ مقابلي کان ٻاهر ڪڍي سگهجن ٿا.“

    ”هاڻي دؤري جدول جي کاٻي پاسي ڏِس. هتي به ڪافي اهڙا عنصر آهن جيڪي انهيءَ مقابلي ۾ نه ٿا اچن.“ ڊاڪٽر سٽيلا چوڻ لڳي ”مثال طور الڪلي يا الڪلائين ڌاتو تمام تيزي سان عمل ڪن ٿا. ڪافي ماڻهن کي ياد هوندو ته اسڪول/ڪاليج جي زماني ۾ سوڊيم يا پوٽيشيم کي پاڻي ۾ وِجهبو هو ته زري گهٽ باهه جو شُعلو ٻري پوندو هو. ظاهر آهي اهڙي ڌماڪه خيز شئي به ڪوئي ڪرنسي طور ڇو استعما ڪندو؟ ايئن وري اهڙا عنصر جيڪي شُعاع ڇڏين يا گرمي پُهچائن انهن کي به ڪرنسي طور ڪيئن چونڊي جو اهڙي ڪرنسي کين سُڀاڻي ڪئنسر جهڙو مرض ڏيئي وِجهي؟ انهيءَ بُنياد تي به ڪافي عنصر انهيءَ ڊوڙ مان نِڪريو وڃن.“

    پر ساڳي وقت اهڙا به عناصر آهن جيڪي سون کان به گهٽ درجي جو عمل ڪرڻ جي خاصيت رکن ٿا پر اهڙن عنصرن کي ٻين عنصرن کان ٽوڙي الڳ ڪرڻ به هڪ جهنجهٽ آهي. توهان کي خبر ئي نه پوندي ته ڪرنسي طور اوهان وٽ جيڪا شئي آهي اها اصل ۾ ڇا آهي؟“

    ”انهيءَ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ اسان وٽ وڃي بچن ٿا 49 عنصر جِن ۾ لوهه، ايلومينيم، ٽامو، سيهو يا وري چاندي. جيڪڏهن اوهان انهن سڀني جو جائزو وٺو ته انهن ۾ ڪو نه ڪو نُقص آهي. هڪ طرف اسان وٽ پائيدار ۽ سخت عناصر آهن جهڙو ڪر ٽائٽينيم يا زرڪونيم. جن لاءِ مسئلو اهو آهي ته انهن کي بُنيادي مادي مان الڳ ڪيئن ڪجي؟ ڇو ته انهيءَ ڪم لاءِ بُنيادي مادي کي هِڪ هزار ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرم ڪرڻو پئي ٿو جيڪو ڪم زمانهِ قديم ۾ ڪافي مُشڪل هو. ايلومينيم کي الڳ ڪرڻ به ڪافي مُشڪل هو ۽ انهيءَ جا ٺاهيل سِڪا به ڪافي ڪمزور پئي ٺهيا. ساڳي گروپ جا ٻيا عناصر وري ايترا مُستحڪم نه هُئا ڇو ته انهن هوا ۽ پاڻي سان عمل ٿي ڪيو جنهن سان کين زنگ پئي لڳو.“
    اهي سڀ ڪڍي باقي ڇا بچيو؟

    118 مان صرف اٺ عناصر باقي بچن ٿا جِن ۾ پلاٽينيم، روڊيم، اريڊيم، اوسميم ۽ روٿينيم آهن ۽ انهن سان گڏ سون ۽ چاندي پڻ. انهن سڀني کي نوبل ڌاتو چيو ويندو آهي. ڇو ته نوبل گئسز جيان اهي ٻين ڌاتو سان تمام گهٽ عم ڪن ٿيون ۽ انهن جو مقدار ۾ گهٽ هُجڻ به انهن جي ڪرنسي طور اهميت وڌائي ٿو.

    لوهه وري به سوايو ملي ٿو ته ساڳي وقت کيس زنگ به لڳي ٿو. زنگ واري ڳالهه کڻي رد به ڪجي تڏهن به انهن جي وافر مقدار ۾ ملڻ جي ڪري انهيءَ جا وڏا وڏا سِڪا ٺاهڻا پون ها جيڪي کڻڻ ڏُکيو هُجي ها. هاڻي انهيءَ جي مُقابلي ۾ اٺ ڌاتو مان باقي وري صفا گهٽ ٿيون ملن تنهن ڪري انهن جا ايترا ته ننڍا سِڪا ٺهن ها جو اهي آساني سان گُم ٿي پئي سگهيا. انهن کي حاصل ڪرڻ به ڏُکيو. مثال طور پلاٽينيم جي پگهرڻ جو درجو 1768 ڊگري آهي.

    ڪُل ملائي وڃي سون ۽ چاندي بچن ٿا. ٻنهي جي پگهرڻ جو درجو به گهٽ آهي. تنهنڪري انهن کي آرام سان زيورن ۽ سِڪن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. پر چاندي هوا ۾ سلفر سان عمل ڪري ٿي تنهنڪري انهيءَ کي به زنگ لڳيو وڃي. نيٺ وڃي سون ئي بچيو.

    سون لاءِ اهو مزو آهي ته اڄ اوهان انهيءَ مان ڪُجهه به ٺاهيو مثال طور ڪنهن چيتي جو مجسمو ته اوهان اها خاطري رکي سگهو ٿا هزار سالن کان پوءِ به اهو اوهان کي لنڊن جي هِن جهڙي ڪنهن عجائب گهر ۾ ساڳي حالت ۾ ملندو.

    تنهنڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته سون اهو واحد ڌاتو آهي جنهن ۾ اُهي سڀ خاصيتون آحن جيڪي کيس ڪرنسي طور استعمال ڪرڻ لاءِ اسان کي آماده ڪن. اهو ڪافي ناياب به آهي. ڪنهن کي به اندازو ڪونهي ته دُنيا ۾ ڪيترو سون آهي؟ جيڪڏهن اوهان سڄي دُنيا جا زيور، سون جا سِڪا، ڪمپيوٽر جي چِپ ۾ موجود سون جو زرو، ڪولمبين دؤر کان اڳ جا سڀ سونا مجسما ۽ هر شادي جي سوني مُنڊي تائين به جمع ڪري پگهاريو ته اهو 20 ڪيوبڪ فُٽ جو هڪ ڪعب ئي مس ٺهندو.

    پر سون جون صرف اهي خاصيتون ئي کيس ممتاز ڌاتو نه ٿيون ٺاهين پر سون جو سُنهري رنگ به وڏي اهميت جو حامل آهي. اهو کيس خوبصورت بنائي ٿو ۽ سون جي ٺهيل هر شئي انتهائي سُهڻي لڳي ٿي.

    سون کي هاڻي ڪرنسي طور ڇو استعمال نه ٿو ڪيو وڃي؟

    1973 ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن آمريڪي ڊالر جو سون سان تعلق ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . نڪسن جي انهيءَ فيصلي پُٺيان هڪ عام وجه اها ٻُڌائي وئي ته آمريڪا وٽ ضرورت جو سون ختم ٿيڻ لڳو هو جنهن جي بدلي ۾ ڊالر ڇپجي سگهن ها ۽ اصول موجب سون کي زرِ ضمانت طور رکڻو پوي ها.

    هتي هڪ ٻي به اهم ڳالهه آهي سون جو معيشيت سان سِڌي نسبت هاڻي ناهي رهي. بلڪه انهيءَ جي نڪري سگهڻ سان مشروط آهي. مطلب ته ڪو مُلڪ ڪيترو سون ڪڍي سگهي ٿو اهو ئي ڪافي آهي. سورهين صدي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ سون جي دريافت ۽ پوءِ وسيع ذخيرن جي ملڻ سون جي ماليت ۾ ڪافي گهٽتائي آندي ۽ نتيجي ۾ هر شئي مهانگي ٿيڻ لڳي.

    سون جي طلب گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي. 2001 ۾ سون جي هڪ اونس جي قيمت 260 آمريڪي ڊالر کان وڌي ۽ سيپٽمبر 2011 ۾ 1921 ڊالر جي ويجهو پُهتي جنهن کان پوءِ وري هيٺ اچي 1230 جي موجوده قيمت تي پُهتي آهي.

    ظاهر آهي ايتري گهٽ وڌائي ڪنهن مثالي ڪرنسي جي نشاني ڪانهي. شايد تنهن ڪري ئي چرچل چيو هو ته سڀني عنصرن ۾ سون بدترين ڪرنسي آهي.

    [​IMG]

    بي بي سي جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو