سنڌ فيسبوڪ فرينڊز, فيسبوڪ ذريعي قائم ٿيل هڪ اهڙو فورم آهي جنهن ٿر ۾ ڏڪار دوران سوشل ميڊيا تان رضاڪار, دوائون ۽ فنڊس گڏ ڪري ٿر جي مختلف علائقن ۾ وڃي ڪم ڪيو. ٿر کان پوءِ هن فورم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۽ ڪوهستان ۾ طبي ۽ امدادي ڪيمپون لڳايون. هاڻي سنڌ فيسبوڪ فرينڊز جي ٽيم ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي جي انتهائي پسمانده ڳوٺن ۾ وڃي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي, جنهن لاءِ ٽيم کي مالي سهڪار ۽ دوائن جي بيحد ضرورت آهي. ضروري دوائن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي. سرندي وارن کي اپيل آهي ته اهي دوائون خريد ڪري ڏين. Tab. Oflabid 200 mg Cap. Vibramycin 100 mg Cap. Amoxil 500 mg Syp. Augmentin 156 mg Syp. Amoxil 125 mg Fucidin cream Betnovate cream Polyfax eye ointment Hydrocortisone cream Nilstat oral drops Dermovate ointment Calamine lotion Syp. Calpol Syp. Spasler Tab. Ponstan Tab. Spaler Syp. Gaviscon Syp. Acefyl cough Syp. Hydraline Syp. Vidaylin Syp. Camoplex lysine Neomycin cream Gynosporin cream Tab. Baydal Syp. Zyrtec Zovirex cream دوائن جي ڊونيشن يا رقم لاء دوست احمد سومري سان رابطو ڪن. سندس رابطي جو نمبر آهي 03322366327
ماشا الله ! تمام سٺو ۽ خير جو ڪم آهي . ادا سائين پاڻ جو هڪ ادارو جيجل فائونڊيشن به ٿر ۾ خير جي ڪم ڪار ۾ مصروف آهي ، جيڪا کوهه هڻائڻ ، نلڪا لڳرائڻ ، راشن ورهائڻ سان گڏوگڏ مفت طبي ڪيمپون پڻ لڳرائي ٿي . اڄ آئون گهوٽڪي کان ٿر لا روانو پيو ٿيان ۽ اتي ڳوٺ سانگهار يونين ڪائونسل مهراڻو تعلقه مٺي ۾ هڪ ماڊل ڊسپينسري قائم ڪرڻي آهي ، دوستن کي اطلاع ۽ دعا لا عرض رکجي ٿو . سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت ! وڌيڪ رابطي لا : جاويد علي گهوٽو : 03018319019