ٻڍو فقير : ورسيءَ تي سندس سار ٻڍو فقير سنڌ جو مشهور راڳي، ريڊئي ۽ ٽي وي جو فنڪار ٿي گذريو آهي. ٻڍو فقير ولد محمد صديق ذات مڱڻهار، مٺي شهر ۾ 1942ع ڌاري ڄائو. ڳائڻ جي شروعات 15 سالن جي عمر ۾ ڪيائين. هن ڳائڻ جي سکيا استاد مراد فقير کان ورتي. مراد فقير کي 1967ع ۾ ڀالوا ۾ لڳل مارئيءَ جي ميلي ۾ ڳائڻ کان پوءِ ريڊيي تي پروگرام مليو. سندس ڪيترائي رڪارڊ موجود آهن. کيس ڪراچي ٽي ويءَ تي 1995ع ۾ پروگرام مليو، ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ٻڍي فقير شاهه لطيف، سچل سرمست، مرتضى ڏاڏاهيءَ، عباس علي شاهه ۽ حاجي احمد ملاح کي ڳايو آهي. کيس ٻه اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ٻُڍي فقير 3 جون 2005ع تي وفات ڪئي . انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل ___ https://www.facebook.com/video.php?v=10203687637769684