مهراڻ جا موتي: بشير خان قريشي محمد عثمان ميمڻسنڌ ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بشير خان ولد غلام مرتضيٰ قريشيءَ جو جنم 10 آگسٽ 1959ع تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي موٽڻ پور پاڙي ۾ ٿيو. بشير قريشي جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. بشير خان پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي. انٽر جو امتحان شڪارپور جي سي. اينڊ. ايس ڪاليج مان پاس ڪيائين. جنهن بعد 1976ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتائين، جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو پهريون ڀيرو کيس 1978ع ۾ ٽنڊو ڄام مان گرفتار ڪيو ويو. 1980ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) زرعي يونيورسٽيءَ جو صدر بڻيو. 1980ع ۾ ٻيو ڀيرو لاڙڪاڻي مان کيس گرفتار ڪيو ويو. 1982ع ۾ کيس جساف مرڪز جو نائب صدر بڻايو ويو. 28 ڊسمبر 1984ع تي شادي ڪيائين. 18 جنوري 1985ع تي وري کيس رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو. فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو ۽ ٻن ڪيسن ۾ کيس هڪ هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي. 15 آگسٽ 1986ع تي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو ۽ 1988ع تائين جساف جي مرڪزي صدر جي عهدي تي رهيو. 11 آگسٽ 1988ع تي لساني فسادن دوران کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 مهينا جيل ۾ رهيو. 1992ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ وجود ۾ آئي. جنهن جو کيس مرڪزي نائب صدر ۽ 1993ع ۾ مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو. 20 جنوري 1994ع تي وري گرفتار ٿي ويو. 1995ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جو وجود پيو ته پاڻ ان وقت جيل ۾ هو. ان دوران جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ ڊپٽي ڪنوينر بشير خان کي چونڊيو ويو. نومبر 1996ع ۾ آزادي بعد کيس جيئي سنڌ قومي محاذ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1997ع ۾ رتوديرو شهري اتحاد جو سرپرست اعليٰ مقرر ٿيو. 1998ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي آخر تائين فائز رهيو. بشير قريشي 17 جنوري 1999ع تي سيد جي سالگرهه دوران وري گرفتار ٿيو. سال جي آخر ۾ 29 ڊسمبر 1999ع تي ضمانت تي آزاد ٿيو. بشير خان قريشي 2000ع ۾ ٻيهر ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران سندس ڪپڙا ڦاڙي کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان بعد زندگيءَ جي آخر ۾ هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچيءَ ۾ رينجرس هٿان گرفتار ٿيو. هيءُ پهريون ماڻهو هو جنهن جي ضمانت لاءِ 150 وڪيلن ڪيس وڙهڻ جون درخواستون جمع ڪرايون. بشير قريشي کي اهو اعزاز حاصل هو ته هو سائين جي. ايم سيد جي تمام ويجهو رهيو ۽ سندس اعتماد جوڳن ڪارڪنن منجهان هڪ هو. سائين جي. ايم سيد جي وفات بعد اهو تاثر عام هو ته سندس نظرياتي پوئلڳي ختم ٿي ويندي، پر سندس وفات بعد ماڻهن سائين جي. ايم سيد جي نظريي تي ثابت قدم رهي، ان تاثر کي غلط ثابت ڪيو. اهو اڪيلو بشير خان ئي هو جيڪو پنهنجي محسن ۽ فڪري مرشد جي نظريي سان آخر تائين قائم رهيو ۽ سندس ڇڏيل مشن کي آخري ساهن تائين جاري رکيو. بشير قريشي ڪيترائي دفعا جيل به ڪاٽيا، ڦٽڪا به کاڌا پر ڪڏهن به جهڪيو ڪو نه. تڏهن ئي ڪنهن شاعر کي هيئن لکڻو پئجي ويو هو ته: ڪي جهڪيا، ڪي وڪيا، ڪن ڪئي ڪن لاٽار، سيد تنهنجا ڏنگا ٻار، اڄ به اوچي ڳاٽ سان. بشير خان هر سنڌ دشمن سازش خلاف مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن هندستاني پناهگيرن سنڌ ۾ رت جي راند رچائي ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌين جو قتلام شروع ڪيو. سنڌي عورتن کي اغوا ڪري سندس ارهن تي ٺپا هنيا ۽ طرحين طرحين جون اذيتون ڏنيون. سنڌي ماڻهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. ان وقت پٽڪي ٽوپي ۽ اجرڪ واري جو حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ مشڪل هوندو هو. اهڙي مشڪل گهڙيءَ ۾ بشير خان قريشي ۽ ٻين سنڌ دوست ڌرين جو ڪردار نهايت قابل تعريف رهيو. بشير خان قريشي 1998ع ۾ ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ گهر گهر وڃي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي سان سنڌ کي پهچندڙ نقصان کان اڳواٽ آگاهه ڪيو ۽ ڊيم خلاف احتجاج ڪرڻ جي سجاڳي ڏني. بشير خان قريشي طبيعت جو نهايت سڌو سنئون سادو ۽ کرو مڙس هو. منجهس روايتي سياستدانن واريون ڪي ڳالهيون نه هيون. هو عيبن کان بنهه پاڪ هو. هن ميڙ منٿ قافلن ذريعي سنڌ ۾ هلندڙ ڪيترن ئي قبيلائي جهيڙن کي روڪرايو ۽ سنڌي ماڻهن کي قومي درس ڏنو. بشير خان هڪ تحريڪ جو نالو هو. هن 18 مارچ 2007ع تي سکر کان ڪراچي تائين ”آزادي مارچ“ جي سلسلي ۾ هزارين ڪارڪنن سميت 27 ڏينهن جو پيادل سفر ڪيو. جنهن دوران سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون پر هو ڪارڪنن سان گڏ گڏ رهيو. هو ميدانن جو مڙس هو. جهڙو چهري جو سادو سٻاجهڙو هو. اهڙو ئي ارادن جو ارڏو هو. هو جيڪو به چوندو هو اهو ڪري ڏيکاريندو هو. هن فيصلو ڪرڻ کانپوءِ ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته ان فيصلي سان ڪهڙو نقصان پوندو ۽ ڪيترو ڀوڳڻو پوندو. ڪافي فيصلن ڪري هن ڀوڳيو به پر پوءِ هو ڪٿي به نه وڪاڻو، نه وري جهڪيو. سنڌ بابت فيصلن تي زندگي ڀر مضبوط رهيو. هن ۾ جذبو ايترو هو جو هر قيمت تي جذبي کي جيارڻ چاهيندو هو. هن جو جذبو ۽ سنڌ سان انوکو عشق ڏسي سنڌ جا لکين ڪارڪن مٿن جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. هو ڪارڪنن سان انتهائي ويجهڙائي وارو رشتو رکي ڪارڪنن جون دليون کٽي هڪ طاقت ۽ هڪ وڏي سگهه بڻجي اڀريو. هن سياست ۾ سرگرم ٿي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ ڪهاڙي واري فلسفي کي پهچائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. هو ڪهاڙي جي پاڇي هيٺ پنهنجا نعرا کڻي سرخرو ٿيو. شهيد بشير قريشي سياسي طور به هڪ پختو ۽ ڪڙهيل ماڻهو هو. هن گذريل ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ جي سياست کي نئون رخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. جيڪا سياسي تنظيم ۽ روايت رڳو تعليمي ادارن تائين محدود هوندي هئي. هن ان کي سنڌ جي عام ماڻهوءَ تائين وٺي وڃڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ گذريل سڄو ڏهاڪو هو عوامي رابطي ۾ مصروف رهيو. ان جو ثبوت سندس ڪوٺايل وڏا وڏا عوامي ميڙ هئا. هو سنڌ جي قومي سياسي تنظيمن مان پهريون اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي پنهنجي سياست جو مرڪز ٺاهيو. شهيد بشير خان سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف اٿي کڙو ٿيندو هو. هو سنڌ جي درد کي پنهنجو درد محسوس ڪندو هو. 23 مارچ 2012ع تي لکين سنڌين کي سڏ ڪري سنڌ جي سجاڳي جو نعرو هنيائين. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اهو نعرو ئي سندس موت ثابت ٿيندو. شهيد بشير خان کي سقراط جيان 7 اپريل 2012ع تي پنهنجي ئي هٿن سان وهه جو وٽو پياريو ويو. سموري سنڌ سوڳوار ٿي وئي. ڌرتيءَ جي هن ڌنار لاءِ سنڌ اڄ به روئي رهي آهي.