ڪَڪَوري ڪَاڪ وهي، راڻا ! ڀانءِ مَ رَتُ سوڍا ! ايءُ شَربَتُ، نسورو ئي نينهَن جو. سر مومل راڻو ڪَڪَوري = ڳاڙهي، ڳاڙهسُري، رَتَائين ڪاڪ = هي ماٿيلي لڳ لُڊاڻي جي ٽڪر تان وهندڙ هڪ نَئَين، هڪ چشمو، هڪ واهَه نالو آهي .امر ڪوٽ کان لڊاڻو 150 ميل پري آهي. لودورو يا لُڊاڻو جيسلمير کان اتر اولهه طرف پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. هي شهر ڏهين صدي عيسويءَ ڌاري راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هئو. ٽاڊ صاحب پنهنجي ڪتاب راجسٿان جلد 2جي صفحي9 1 ۾ لکيو آهي ته هڪ مشهور جوڳي انهيءَ چشمي تي رهندو هئو سندس نالو ڪاگ يا ڪاڪ هئو، تنهنڪري مٿس ڪاڪ نالو پيو .سندس ڪنڌيءَ تي هڪ ڊٺل عمارت جا نشان اڄ به موجود آهن جنهن کي ماڻهون مومل جي ماڙي ٿا چون. مومل اتي طلسمي يا جادوئي محل اڏايو هو جنهن کي ڪاڪ محل سڏن ٿا. ڇو ته ڪاڪ جي مٽي ڳاڙهسُري هئي تنهنڪري پاڻيءَ جو رنگ به ڳاڙهو يا رتائون هوندو هو. نينهُن = عشق * مومل ٿي چئي او راڻا ! ڪاڪ نديءَ جي پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهسُرو آهي، جيڪو ظاهري طور توکي رتَ جيان ٿو نظر اچي. * سوڍا ! هي ته عشق جو شربت آهي جنهن مان عاشق پڪون پيئن ٿا، سُرڪيون ڀرن ٿا ۽ پنهنجي عشق جي اڃ اجهائين ٿا. سمجهاڻي * ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي ته عاشق کي دلير ۽ بهادر ٿيڻ گهرجي. راڻو ڪاڪ نديءَ جو ڳاڙهو پاڻي ڏسي ڊڄي ويو هو ۽ کيس خوف ۽ خطرا محسوس ٿيا هئا. سو تنهنڪري محبوب ۽ منزلن جي جي تلاش ۾ ممڪن آهي ته تڪليفون ۽ مصيبتون اچن پر سڀني خوف خطرن کان بي پرواه ٿي وک اڳتي وڌايو ۽ تلاش جاري رکو. مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل