ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو محمد سليمان وساڻ زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ 4 جون 1942ع تي، هالا شهر ۾ محمد حسين شيخ جي گهر اکيون کوليون. سندن والدين ڪورڪي هنر سان واڳيل هيا. مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان ڪئي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1966ع ۾ ڪيائين. هائوس جاب ڪرڻ کانپوءِ جُون 1967ع ۾، ميرپورخاص ۾، اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1967ع ۾، سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر، ميڊيڪوليگل آفيسر، ٽي بي ڪلينڪ، ايڪسري ۽ ليبارٽريءَ جو ميڊيڪل آفيسر، آپريشن ٿيٽر توڙي پبلڪ وارڊ جو انچارج پڻ رهيو. ڊسمبر 1968ع کان جنوري 1970ع تائين اسڪالر شپ تي، پنجاب يونيورسٽيءَ مان انسٿيسيا ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. جنهن کانپوءِ اپريل 1970ع تائين دادوءَ ۾ رهيو، انهيءَ بعد سندس بدلي سانگهڙ ٿي وئي ۽ اٺين جولاءِ 1970ع تي پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد جي حيثيت ۾ هو جناح اسپتال پهتو، جڏهن ته 25 نومبر 1970ع تي پي ايم اي سنڌ طرفان ڊاڪٽرن جي وفد سان گڏجي تنهن وقت اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ طوفان کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڍاڪا روانو ٿيو. جتي سندس ڊيوٽي سڀ کان وڌيڪ نقصان واري علائقي باڙيسال ضلعي جي “بولا” ٻيٽ ۾ لڳي، تاريخي چونڊن جي ڪري کين ڇهين ڊسمبر تي اتان زوريءَ ڪڍيو ويو. 1971ع ۾ هو واپس ڪراچي اچي ويو ۽ پوءِ سندس تقرري نوشهره ڪينٽ ۾ ٿي، جتي مهينو ڏيڍ رهڻ بعد لبيا هليو ويو. لبيا ۾ تيرنهن مهينا کن رهڻ بعد واپسيءَ تي ٽن سالن تائين ايل ايم سي ۾ انسٿيسيا جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 1976ع ۾ فيڊرل ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو، سندس تقرري جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪئي وئي. جتي 25 سال سروس ٿيڻ تي پاڻ پندرهين مارچ 1993ع تي رضاڪارانه طور ريٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ئي ادب ۽ سماجي ڪمن سان چاهه پڻ رهيو آهي. مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ دوران هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي “انجمنِ فروغ ادب” ٺاهي، “ليڊنگ لائبريري” جو بنياد وڌو ۽ گڏوگڏ ادبي مشاعرن، مضمون نويسي تقريرن جي مقابلن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو. هن ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي دستخطي مهم ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران سي آءِ ڊي وارن کيس گرفتار ڪيو پر ننڍي عمر جي ڪري ڇڏي ڏنو. هو شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو، جنهن دوران کيس جيل پڻ وڃڻو پيو. 1971ع ۾ هن شمشرالحيدري ۽ سائين بخش عباسيءَ سان گڏجي سنڌ گريجوئيٽس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چوٿين جون 1972ع تي ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. سماجي شعبي ۾ سندس نالو نهايت احترام سان ورتو وڃي ٿو. هو ڪيترن ئي ادارن جي بورڊن جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت به اهڙيون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پاڻ 1992ع ۾ زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو اعزازي ميمبر ٿيو، جڏهن ته پهرين جنوري 2000ع کان اڄ تائين زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ڪل وقتي سيڪريٽري آهي. ڊاڪٽر صاحب پاران ميڊيسن ۽ ڊاڪٽري جي حوالي سان ڇپيل ڪم ۾ (i) انسٿيزيا فار ميڊيڪل اسٽوڊنٽس (انگريزي) (ii) رول آف اڪوپنچر ان رليف آف پين (iii) ايڊٽ/ٽرانسليٽ “چائلڊ ڪيئر” اي پبليڪيشن آف يونيسيف (iv) امپيڪٽ آف اسلام اِن ڊولپمينٽ آف ماڊرن ميڊيسن (v) اينسٿيٽڪ مئنيجمينٽ آف ڪليفٽ لپ اينڊ پيليٽ سرجري ان انفينٽس اينڊ چلڊرين (vi) اڪوپنچر ان ٽريٽمينٽ آف مائگرين (vii) رول آف اڪوپنچر ان پين –اي پاڪستاني ايڪسپيرنس پين-86 شامل آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب پاران مختلف جرنلن ۽ ميگزينن ۾ طب ۽ ٻين موضوعن تي 19 ته ڊاڪٽر صاحب ڪافي ڪورسز ۽ ٽريننگس پڻ منعقد ڪيا. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو جن ۾ (i) انجمن فروغ ادب هالا اکڙيون اجايون (ii) سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي پاران 1974 ۾ انسان جا پراسرار دشمن (iii) لبيا جو سفرنامو -سون ورني زندگي، پبلشر-سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد 1974 (iv) ماءُ ٻار صحت بابت ڪتاب “گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن” پبلشر سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي 1976 (v) چائنا جو سفرنامو “پيڪنگ پچارون” پبلشر مهراڻ پبلشرز ڪراچي 1992 (vi) منهنجي دنيا (ڪالمن جو مجموعو) 2014ع ۽ مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي سماج تي ڪالم، سرت جي ڊائري، هلال پاڪستان(vii)تعليم ۽ معاشرو، هلال پاڪستان، منهنجي دنيا، جاڳو اخبار 1990، راڄ ڌانيءَ مان، هلال پاڪستان، الا ائين مَ هوءِ، عوامي آواز (viii) “ويهه مَ وساريج” پبلشر سنڌيڪا پبليڪيشن 1998ع شامل آهن. سندس شخصيت، ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم، ماڻهن سان پنهنجائپ ۽ انسانيت سان پيار تي لکڻ لاء ڪتاب گهرجن، هي سڀ هڪ ڪالم ۾ سهيڙي نه ٿو سگهجي. دعاگو آهيون ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي. ڊاڪٽر صاحب جو تعليمي لياقتن ۽ مختلف ادارن ۾ خدمتن سرانجام ڏيڻ جو رڪارڊ ڪجهه هيٺين ريت آهي. تعليمي رڪارڊ (1) ايم بي بي ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد 1966ع (2) ڊي اي (ڊسٽنڪشن)لاهور، پنجاب 1969ع (3) ايم سي پي ايس (پاڪستان) اينسٿيشيولاجي 1970ع (4) ڊي، اڪيوپنجر (بيجنگ چين) 1975ع (5) فيلوشپ (ڪولمبو پلان-سنگاپور) 1987 (6) ايم ايس (ڪراچي يونيورسٽي) 1991ع (7) اي ايم پي (پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ) 1995ع (8) پي ڊي ايم (ايشين انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ (منيلا فلپائن) 1995ع اين جي او ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ رڪارڊ (1) ڪنوينر، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، 13 فيبروري 1971 کان جون 1972ع (2) جنرل سيڪريٽري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ جون 1972 کان اپريل 1976ع (3) سيڪريٽري جنرل سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 1976ع کان 1980ع تائين (4) چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اپريل 1980 کان جون 1983ع تائين (5) سيڪريٽري ايجوڪيشن (چيئرمين روشن تارا اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اپريل 1988ع کان 1990ع تائين (6) چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اپريل 1990ع کان مارچ 1993ع تائين (7) چيف ايگزيڪيوٽو (اعزازي) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 21 فيبروري 1999ع کان 31 ڊسمبر 1999ع (8) چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن آڪٽوبر 2000 کان آڪٽوبر 2002ع تائين ۽ (9) چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 2012-2006ع (10) سيڪريٽري بورڊ آف ٽرسٽيز زيبسٽ جنوري 2001 کان هن وقت تائين (11) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس آر ايس پي اين اسلام آباد 2000ع کان (12) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پاڪستان پاورٽي ايليوئيشن فنڊ (13) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس ليڊر شپ فار انوائرنمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ (ليڊ پاڪستان) 2005 کان هن وقت تائين (14) چيئرمين ٿرديپ (TRDP) سيپٽمبر 1998ع کان ڊسمبر 2009ع (15) چيئرمين بورڊ آف ٽرسٽيز سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن-سرسو (SRSO) 1999ع کان مارچ 2007ع (16) چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (اعزازي) سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن سرسو (SRSO) جولاءِ 2003ع کان جون 2005ع (17) ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌ لينگويج اٿارٽي 2001ع کان 2004ع تائين (18) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پي سي پي (PCP) 2001ع کان سيپٽمبر 2004ع تائين (19) ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پاڪستان بهبود سوسائٽي آغا خان يونيورسٽي اسپتال 2001ع کان 2003ع تائين (20) چيف ايگزيڪيوٽو ايس پي او (SPO) پهرين فيبروري 1994ع کان 6 آڪٽوبر 1998ع (21) ميمبر اسٽيئرنگ ڪاميٽي آءِ پي پي (IPP) 1998ع کان 2002ع تائين (22) ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر پاڪ ڪئناڊا سمال پروجيڪٽ آفيس (SPO) 4 اپريل 1993ع کان 31 جنوري 1994ع (23) فائونڊر ميمبر /ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس، سنڌ گريجوئيٽس ملٽي پرپز ڪوآپريٽو سوسائٽي 1989ع کان 1993ع تائين (24) فائونڊر ميمبر/ميمبر بورڊ آف گورنرس مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن 1985ع کان 1993ع تائين (25) جنرل سيڪريٽري، ايف آءِ اين ڊي (FIND) 1982ع کان 1988ع تائين (26) وائيس چيئرمين، ليڊي نصرت هارون ميٽرنٽي هوم ڪراچي 1982ع کان 1986ع تائين (27) ڪنوينر /سيڪريٽري جنرل، هالا گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، ڊسمبر 1968ع کان 1970ع پروفيشنل ادارا (1) پيٽرن، ايسوسيئيشن فار دي پروموشن آف اڪوپنچر ان پاڪستان (اي پي اي) (APA) 1979ع کان 1993ع (2) ڊين، دي پاڪستان ڪاليج فار اڪوپنچر سائنس 1985ع کان 1983ع (3) ڪنوينر، ميڊيڪل سب ڪاميٽي اين جي او، ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي فار فلڊ رليف سنڌ 1992ع (4) پراونشل ڪائونسلر، پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن (پي ايم اي) 1985ع کان 1986ع (5) سيڪريٽري جنرل، پاڪستان سوسائٽي آف انسٿيشولاجسٽس 1984ع (6) جنرل سيڪريٽري، پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن سانگهڙ 1968ع (7) سيڪريٽري، ضلعي ٽي بي ايسوسيئيشن سانگهڙ، 1968ع نوڪرين جو رڪارڊ (1) اسسٽنٽ پروفيسر انسٿيشولاجي جي پي ايم سي ڪراچي 9 نومبر 1976ع کان 15 مارچ 1993ع (2) چيف انسٿيٽسٽ ايل ايم سي حيدرآباد، پهرين آڪٽوبر 1973ع کان 10 آڪٽوبر 1976ع (3) ڪنسلٽنٽ انسٿيٽسٽ سينٽرل اسپتال سرت (لبيا) جون 1972 کان سيپٽمبر 1973ع (4) ميڊيڪل آفيسر سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ جون 1967ع کان جون 1972ع تائين ورتل تربيتن جو رڪارڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ /مئنيجمينٽ (1) اورينٽيشن اينڊ اسٽڊي آف اين جي اوز آف بنگلاديش، ٿائلينڊ ۽ فلپائن جولاءِ 1993ع کان آگسٽ 1993ع (2) ايڊوانس مئنيجمينٽ پروگرام، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ 18 آگسٽ 1995ع کان سيپٽمبر 1995 (3) 21 هون پروگرام فار ڊولپمينٽ مئنيجرس، ايشين انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ منيلا، 06 نومبر 1995ع کان 01 ڊسمبر 1995ع ڊاڪٽري (1) انسٿيشولاجي، ميو اسپتال لاهور، نومبر 1968ع کان نومبر 1969ع (2) انسٿيشولاجي، جي پي ايم سي ڪراچي جولاءِ 1970 کان جون 1972ع (3) انسٿيشولاجي، جنرل اسپتال سنگاپور جنوري 1987ع کان جولاءِ 1987ع (4) اڪوپنچر اڪيڊمي آف چائنيز ٽريڊيشنل ميڊيسن بيجنگ چائنا اپريل 1975ع کان جولاءِ 1975ع (5) پين رليف، سينٽ لوئس ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال سينٽ لوئس آمريڪا، آگسٽ 1988ع ورڪشاپ (1) ايڪسپينڊيڊ پروگرام آف اميونائيزيشن، يونيسيف، سکر 1980ع (2) اٺون ساليانو پروگرام سوشل ويلفيئر سيڪٽر، نيشنل ويلفيئر ڪائونسل اينڊ پلاننگ ڊويزن اسلام آباد 1991ع (3) پلاننگ ورڪشاپ آن سوشل ايڪشن پروگرام اي پي پي اين اي (SEHAT) لاهور ڊسمبر 1992ع (4) رول آف ميڊيا ان ڊولپمينٽ اين جي او آغا خان فائونڊيشن /عوامي آواز ڊسمبر 1993ع (5) رول آف اين جي او ان ڊولپمينٽ، يوٿ آفيئرز ڊويزن گورنمينٽ آف پاڪستان 1993ع (6) مئنيجمينٽ آف اين جي او، هاليڊي ان ڪراچي جون 1992ع (7) سارڪ ورڪشاپ، انوالمينٽ آف ڪميونٽيز ان رورل ڊولپمينٽ ايٽ متري ڪراچي جون 1994ع (8) آءِ يو سي اين 42 هين ڪانفرنس آف ڪميشن آن نيشنل پارڪ اينڊ پروٽيڪٽيڊ ايرياز اسلام آباد سيپٽمبر 1994ع (9) انٽرنيشنل لٽريسي ڏينهن نيٽڪام (NETCOM) وزارت تعليم اسلام آباد 2 سيپٽمبر 1994ع (10) ايڊز “ٿريٽ ٽو دي نيشن” KZR 3 کان 4 ڊسمبر 1994ع (11) سيمينار آن پرائمري هيلٿ اينڊ رورل واٽر سپلاءِ / سينيٽيشن اشوز، سوشل ايڪشن پروگرام پاڪستان اسلام آباد، 4 کان 6 ڊسمبر 1994ع (12) ٽين سالياني سائوٿ ايشين اين جي اوز سمٽ کٽمنڊو، نيپال فيبروري 1995ع (13) يونائيٽيڊ نيشن سمٽ آن سوشل ڊولپمينٽ ايٽ ڪوپن هيگن ڊينمارڪ 6 کان 12 مارچ 1995ع (14) گورنمينٽ آف پاڪستان اينڊ يونيسيف ڪنٽري پروگرام 1996-1998 پلاننگ سيمينار اسلام آباد سيپٽمبر 1995ع (15) آءِ يو سي اين ورلڊ ڪنزرويشن ڪانگريس مونٽريال، ڪئناڊا 12 کان 21 آڪٽوبر 1996ع (16) اين جي او گورنمينٽ رليشن ان ايشيا، آرگنائيزڊ باءِ ڪامن ويلٿ فائونڊيشن ايٽ نيو دهلي انڊيا 19 کان 21 نومبر 1996ع (17) نائين سائوٿ ايشين فنڊ ريزنگ ورڪشاپ ايٽ حيدرآباد، انڊيا 3 کان 6 سيپٽمبر 1997ع (18) ٽي او ٽي ورڪشاپ آن سوشل موبلائيزيشن فار پاور ايليويئيشن آرگنائيزڊ باءِ ساپانا (SAPANA)، نيپال 19 کان 21 آڪٽوبر 1997ع (19) 31 هين سالياني جنرل ميٽنگ آف بورڊ آف گورنرس آف دي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ايٽ جنيوا سوئٽزرلينڊ 29 اپريل کان پهرين مئي 1998ع (20) انٽرنيشنل ورڪشاپ گروپ آن ڪيپيسٽي بلڊنگ برسليس بيلجيئم 6 کان 9 مئي 1998ع (21) پاورٽي ايليويشن آف ڊي ايٽ ڪنٽريز ايٽ جڪارتا، انڊونيشيا 16 کان 19 جون 1998ع (22) ٽريننگ ورڪشاپ آن ريسرچ ميٿالاجي آن سول سوسائٽي ان نيو ملينيم، ڪامن ويلٿ فائونڊيشن آرگنائيزڊ باءِ پي آر آءِ اي (PRIA) ايٽ کٽمنڊو نيپال 18 کان 21 آگسٽ 1998ع (23) ڊزائيننگ پروجيڪٽس فار پاورٽي ايليويئشن ان سائوٿ ايشيا ورلڊ بينڪ نيو دهلي انڊيا 7 کان 9 آڪٽوبر 1998ع (24) سوشل موبلائيزيشن آف پوئر (DHULIKHEL II Process) آرگنائيزڊ باءِ ساپانا ڍلي کيل نيپال 25 کان 31 آڪٽوبر 1998ع (25) مينا MENA ڪانفرنس ون سوشل فنڊز ڪائره مصر، ڊسمبر 1998ع (26) نيشنل ڪانفرنس آن واٽر سيڪيورٽي ان ايرڊ زونس آرگنائيزڊ باءِ يونيسيف ايٽ ٿرديپ مٺي 2 کان 4 نومبر 1998ع (27) ڪانفرنس آن انڊيجينيس فلنٿراپي ان پاڪستان آغا خان فائونڊيشن اسلام آباد 16 کان 17 آڪٽوبر 2000ع اعزازي ۽ رضاڪاراڻا عهدا: (1) فائونڊر ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ 1997ع کان 1998ع (2) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ 1997ع کان 1999ع (3) ميمبر بورڊ آف ٽرسٽيز زيبسٽ جنوري 1992ع کان ڊسمبر 1999ع (4) ميمبر بورڊ آف گورنرس زيبسٽ لاڙڪاڻو 1995ع کان 1999ع (5) چيئرمين بورڊ آف ٽرسٽي ايس آر ايس پي او حيدرآباد 1999ع (6) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس نيشنل ڪائونسل آف ڪرافٽس اسلام آباد 1996ع کان هن وقت تائين (7) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس ياسمڪ نوري آباد 1993 کان هن وقت تائين (8) چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرس ٿرديپ رورل سپورٽ پروگرام مٺي سنڌ 1998ع کان (9) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 1998ع کان (10) ميمبر اسٽيئرنگ ڪاميٽي آءِ پي پي آغا خان فائونڊيشن اسلام آباد 1998 کان 2002ع (11) ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس آر ايس پي اين پاڪستان 2000ع (12) چيئرمين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سيپٽمبر 2000ع کان 2002ع تعليمي دلچسپيون ڇپيل ڪتاب (1) انسٿيشيا فار ميڊيڪل اسٽوڊنٽس (انگريزي) 1978 (2) رول آف اڪوپنچر ان رليف آف پين (ميڊيڪل لرنر واليم ون) 1978 (3) ايڊٽ/ٽرانسليٽ “چائلڊ ڪيئر” اي پبليڪيشن آف يونيسيف 1979 (4) امپيڪٽ آف اسلام آن ڊولپمينٽ آف ماڊرن ميڊيسن-اينلس آف جي پي ايم سي (واليم 2، نمبر 2) فيبروري-مارچ 1984 (5) اينسٿيٽڪ مئنيجمينٽ آف ڪليفٽ لپ اينڊ پيليٽ سرجري ان انفينٽس اينڊ چلڊرين- اينلس آف جي پي ايم سي واليم 2، نمبر 3، جولاءِ –آگسٽ 1985 (6) اڪوپنچر ان ٽريٽمينٽ آف مائگرين-اينلس آف جي پي ايم سي واليم-2، نمبر 3، سيپٽمبر –ڊسمبر 1985 (7) رول آف اڪوپنچر ان پين –اي پاڪستاني ايڪسپيرنس پين-86 جرنل آف ايسوسيئيشن فار پروموشن آف اڪوپنچر ان پاڪستان پيپرس (1) اڪوپنچر-دي سائنس آف فيوچر –ايل ايم سي سلور جوبلي ڪانفرنس، مئي 1976 (2) رول آف اڪوپنچر ان رليف آف پين، ساليانو سمپوزيم جي پي ايم سي ڪراچي، ڊسمبر 1981 (3) هيلوٿين/آڪسيجن انيسٿيشيا فار نيوروسرجيڪل ڪيس، ساليانو سمپوزيم جي پي ايم سي ڊسمبر 1984 (4) انيسٿيٽڪ مئنيجمينٽ آف هيڊ انجري، ساليانو سمپوزيم جي پي ايم سي ڪراچي، ڊسمبر 1984 (5) انيسٿيٽڪ مئنيجمينٽ آف ڪليفٽ لپ اينڊ پئليٽ سرجري ان انفنٽس اينڊ چلڊرين، انٽرنيشنل سرجيڪل ڪانفرنس پشاور، اپريل 1984 (6) اڪوپنچر ان پين رليف (پاڪستان ايڪسپيرنس)نائين ورلڊ ڪانگريس آف ميڊيسن الٽرنيٽو، ڪولمبو، آڪٽوبر 1984 (7) اڪوپنچر فار پين رليف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن بينيل ڪانفرنس ايٽ ڪراچي، نومبر 1984 (8) پين مڪينزم اينڊ اڪوپنچر-ائسوسيئيشن فار پروموشن آف اڪوپنچر ان پاڪستان فرسٽ سيمينار ايٽ ڪراچي، جنوري 1985 (9) اڪوپنچر فار ميگرين-فورٿ يورپين ڪانگريس آف اڪوپنچر ڪوپن هيگن، آگسٽ 1985 (10) ٽريٽمينٽ آف ميگرين اينڊ اڪوپنچر فرسٽ ورلڊ ڪانگريس آف اڪوپنچر اينڊ موڪسي بسشن، بيجنگ، چين، نومبر 1987 (11) دي رول آف اڪوپنچر ان پين رليف، ايران ڪانگريس آف انيسٿيشيا اينڊ ريسڪيوسائيٽ ايشن، مشهد ايران، 1989 (12) پين سپريسنگ مڪينزم آف اڪوپنچر، ٽين نيشنل سيمينار آن پين اينڊ اڪوپنچر ڪراچي، ڊسمبر 1991 (13) ايڪسپيرنس ايٽ پين ڪلينڪ جي پي ايم سي، سالياني ڪانفرنس پاڪستان سوسائٽي آف انسٿيشيالاجسٽ ڪراچي فيبروري 1992 (14) نان فارماڪوليجيڪل ميٿڊس آف پين رليف – بينئل انٽرنيشنل ڪانفرنس آف انسٿيشيا، ڪوئيٽا، آڪٽوبر 1992 (15) دي اشو آف اميگريشن ان پاڪستان پوٽينشل ٿريٽ ٽو سيڪيورٽي اينڊ ڊپلوميٽ – ٽرين سائوٿ ايشين اين جي او سمٿ کٽمنڊو نيپال، فيبروري 1995 (16) ميجر انوائرنمينٽل پرابلم ان سنڌ-شهري، ڪراچي 1995 (17) ايگريڪلچر انڊسٽريل لنڪ اينڊ انوائرنمينٽل ڪانسيڪوئنس-وٿ اسپيشل ريفرنس آف پاڪستان (PANOS) /شرڪتگاهه، ايبٽ آباد، 27 مارچ 1996 (18) پاورٽي ايليويئيشن –اسٽريٽجيز، امپيڪٽ اينڊ اينالائزز –پاڪستان ڪنٽري پيپر فار ڊي-8 ڪنٽريز ورڪشاپ آن پاورٽي ايليويئيشن جڪارتا انڊونيشيا، 16 کان 19 جون 1998 (19) سنڌ پاسٽ، پريزنٽ اينڊ فيوچر –هائر ايجوڪيشن رول آف يونيورسٽيز اينڊ اڌر پروفيشنل انسٽيٽيوشنس ان سنڌ ڪراچي، پهرين مئي 2006 آرگنائيزڊ اينڊ ڪنڊڪٽ ايڊوانس ڪورسز ان انيٿيشولاجي جنوري-مارچ 1982 آگسٽ-سيپٽمبر 1982 فيبروري-مارچ 1983 جنوري –مارچ 1984 آرگنائيزڊ فرسٽ نيشنل ڪنوينشن آف انيسٿيشولاجسٽڪس آف پاڪستان ايٽ هالي ڊي ان ڪراچي ون آن بهاف آف پاڪستان سوسائٽي آف انيسٿيشولاجسٽڪس 15 ڊسمبر 1994 آرگنائيزڊ فرسٽ اينيوئل سمپوزيم آف پاڪستان سوسائٽي آف انيسيٿيشو لاجسٽڪس ايٽ هوٽل هاليڊي ان ڪراچي 19 مارچ 1985 سنڌي ٻولي ۾ ادبي ڪم (1) شارٽ اسٽوريز ڪليڪشن پبلشر باءِ انجمن فروغ ادب هالا 1964 (اکڙيون اجايون) (2) مسٽيريس اينيميز آف مين ڪائنڊ، بڪ آن بيڪٽرالاجي اينڊ پبلڪ هيلٿ، پبلشر باءِ سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي 1974 (انسان جا پراسرار دشمن) (3) لبيا جو سفرنامو -سون ورني زندگي، پبلشر-سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد 1974 (4) ماءُ ٻار صحت بابت ڪتاب “گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن” پبلشر سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي 1976 (5) چائنا جو سفرنامو “پيڪنگ پچارون” پبلشر مهراڻ پبلشرز ڪراچي 1992 (6) مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي سماج تي ڪالم (1) سرت جي ڊائري، هلال پاڪستان 72-1973 (2) تعليم ۽ معاشرو، هلال پاڪستان (3) منهنجي دنيا، جاڳو اخبار 1990 (4) راڄ ڌانيءَ مان، هلال پاڪستان (5) الا ائين مَ هوءِ، عوامي آواز (7) انائونسر پروگرام واءُ سواءُ پاڪستان ٽيليويزن 1977 کان 1978 (8) انائونسر پروگرام اوهان جي صحت ريڊيو پاڪستان (9) سماجي جاڳرتا ان سائوٿ ايشيا ڪتاب “ويهه مَ وساريج” پبلشر سنڌيڪا پبليڪيشن 1998 (10) انيسٿيشيا فار ميڊيڪل اسٽوڊنٽس 1978