زيب نظاماڻي ٻه جون جو سج نِٽهڻ اُس، ڌرتيءَ کي ارپڻ لاءِ اُڀريو آهي، ٻرندڙ موسم من اندر کي به ڀڙڪائي ڇڏيو آهي. يادون ٻرندڙ جبل جيان لفظن جو لائو کڻي پني تي پلٽجي رهيون آهن. پن ڇڻ رُت ۾ رابيل ٽڻڻ جا خواب ڏسندڙ اکيون اڄ نور شاهه کٽياڻ روڊ ٽنڊو ڄام جي شهر خموشان ۾مٺي ننڊ سُتل آهن. بُٺيءَ تي پوکيل تازا گلاب به کين جاڳائي نه سگهيا آهن، پر انهن ابدي ننڊ ستل اکين ۾ جاڳرتا ۽ جدوجهد جا خواب اڄ به جاڳيل آهن، اهي خواب نثار حسينيءَ جي نيڻن، ڏٺا هئا، پر کيس ماءُ جي لولي جا ٻول ۽ ڪوڏاڻا ڪنائڻ لاءِ جيجل جي جهولي رڳو پنجن سالن لاءِ نصيب ٿي. سائين نثار جا اهي لفظ اڄ به نماشام جي انهن اُداس پلن جيان اڃا به اسان جي ذهن تي آهن: پنجن سالن جي عمر ۾ هن پيڙاءَ ۽ درد کي تڏهن سمجهيم، جڏهن بابا حسين شاهه (هوت) جو وڇوڙو مليو. سيد حسين شاهه (هوت) جنهن جي چپن تي سدائين چَنگ چُرندا هئا، هو يڪتاري تي ڀٽائي جي وائين ۽ صوفي شاعرن جي ڪافين کي ائين آلاپيندي هو، جيئن ميران ٻائي جا ورلاپ اتهاس جي اڱڻ تان پڙاڏو ٿي اسان تائين پهچندا هجن، جيئن درازا جي اڱڻ تي صوفي فقيرن جا سنگ سچل جي وائين کي ورلائيندا هجن. هن کي پنهنجن استادن جا نه رڳو نالا بر زباني ياد هوندا هئا، پر سندن رويا به کيس ساريل هئا. هن کي پنهنجن جنم کان پنهنجي وفات جي ويجهڙن پلن تائين، هر ڳالهه ائين ساريل هئي، جيئن ميٽيل پٽيءَ تي لکيل سنڌيءَ جي آيوٽا. هن ٻڌايو ته، هو ٻه فيبروري 1945ع ۾ پيدا ٿيو. سيراڻي بدين جي ڪکائن گهرن ۾ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ سيد نيڪ محمد شاهه کي سندس جيجل نيڪن ڪري ڪوٺيندي هئي، پر ماءُ جي وڇوڙي جي گهاءُ کيس ٻالڪ پڻ ۾ ايترو ته پختو ۽ سمجهو بڻائي ڇڏيو هو، جو هو نه رڳو قلم ڌڻي بڻيو، پر قلم ڌڻين ۽ آرٽس سان واڳيل ڌرتيءَ جو درد رکندڙن جو مسيحا بڻجي ويو. ڦليلي ڪنڌيءَ تي پرپات آرٽ سرڪل جي آفيس ڏيکاريندي مونکي ٻڌائيندو هو ته هن اڱڻ تي ادب جا ڪيترائي چنڊ اُڀريا آهن، سرت ۽ ساڃاهه جا سوين سج نکري نروار ٿيا. آرٽ ۽ فن سان واڳيل آرٽسٽن هن اڱڻ تي گلاب بڻجي ٽڙي خوشبوءَ پکيڙي ته ساري ڦليلي خوشبوءَ خوشبوءَ ٿي پوي ٿي. پنهنجي پوري زندگي اسٽيج ڊراما، ٽيبلوز جن ۾ ”جلجل مشعل جل،“ ”اڳتي قدم،“ ”ميٽ دي وتايو“ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا تخليقي ڊراما ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ هدايتڪاري ڪندي رنگ منچ تي اهڙا ته حسين رنگ وکيريا، جن جو عڪس اڄ به ڏسندڙن جي اکين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سائين نثار جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۽ سندس هدايتڪاريءَ ۾ڪرايل تمثيلن جو مثال اڄ تائين بي مثال بڻيل آهي. هن پنهنجي نالي تخلص بابت مون کي هينئن ٻڌايو ته، نواز ۽ ناقص تخلص رکيم، پر جڏهن مولانا غلام محمد گرامي هڪ ڏينهن ٻانهن مان جهلي مون کان پڇيو ته، نواز ته ٺيڪ آهي ته ناقص ڇو؟ اسان جا تخلص احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وارا نه هجڻ گهرجن ۽ نه ڪي غرور وارا. اسان پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي ۽ علم ادب جا جانثار هجڻ گهرجون، ان ڪري اڄ کان تنهنجو تخلص ناقص حسيني نه پر نثار حسيني آهي ۽ اهڙي ريت غلام محمد گراميءَ جي بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پلجندڙ سيد نيڪ محمد شاهه عرف نثار حسيني پنهنجي جيون مسلسل تحريڪ جي صورت ۾ ڌارڻ شروع ڪيو، هن جي جاڳ ۽ هن جي ننڊ ۾ هڪ لمحو به نه ڪمي نه ٿي. هن جي اکين ۾ سدائين سنڌ جي سجاڳيءَ جا سپنا علم ۽ آرٽ ذريعي ساڀيان ماڻڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيا. ڀڳڙا ميمڻ ڳوٺ دينار خان ٽالپر اسڪول کان بنيادي تعليم حاصل ڪندي مسلم هاءِ اسڪول ۾ تعليم جي سفر کي هن مون سان هينئن اوريو. چار درجا سنڌي دينار خان ٽالپر ۾ پڙهيم، پهرين درجو سائين غلام محمد ٽالپر ۽ ٻيو ۽ ٽيون سائين علي لوهار ۽ چوٿون درجو سائين محمد حسن ٽالپر جيڪو هيڊ ماسٽر پڻ هيو، هن پڙهيو. چوٿين درجي جو امتحان سائين محمد اسماعيل عرساڻي ورتو. انگريزي پهريون درجو گهر ويٺي پنهنجي ڀاءُ سيد ملوڪ شاهه وٽ پڙهيم ۽ ٻيو درجو عبدالرحيم جهيجا مڊل اسڪول ۾ پڙهيم، اتي به امتحان وٺڻ لاءِ سائين محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آيل هو، ان درجي ۾ آئون پهريون نمبر آيو هئس، ٽيون ۽ چوٿون درجو (سڌار سڀا جيڪو اُتم ۽ سنڌري اُتم ورهاڱي کان اڳ اڏيو هو) جيڪو هن وقت مسلم هاءِ اسڪول جي نالي سان ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ اڄ به موجود آهي، اُتي جڏهن قريشي نالي استاد ماريندو هو ته، مونکي ڀڳڙا ميمڻ جو سائين عبدالرحمان مندرو به ياد اچي ويندو هو، جنهن جي مار سبب سنڌي ٻئي درجي ۾ فيل ٿيو هئس. پنجون، ڇهون ۽ ستون انگريزي نور محمد برانچ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيم ۽ اهي سڀئي درجا پهرين نمبر ۾ پاس ڪيم. اتي جڏهن پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ايندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي ته ان تقريب جو خاص مهمان سائين علامه آءِ آءِ قاضي هو، هن سان جڏهن انعام وٺڻ وقت هٿ ملايم ته کير جهڙن ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙن ملائم هٿن جي ڇوهاءَ مون ۾ علم پرائڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو ۽ منهنجي جيون ۾ هڪ نئون تحرڪ جنم ورتو. شاعري، پبليشنگ، ناٽڪ نويسي، ناٽڪ هدايتڪاري ۽ خاص ڪري تمثيلن ناٽڪن ۽ راڳ ناٽڪن ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سڀا جهڙو ماٺيڻو محبتي مرڪڻو ماڻهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاموش خادم جي حيثيت ۾ پنهنجي پبليشنگ ايجنسي (آگهم) آڌار خدمت ڪندي اڄ جي سنڌي ادب جي سگهارن نالن کي متعارف ڪرائيندڙ منفرد استاد پبلشر ٿي اُڀريو، جن مان ڪيترن ئي پنهنجي اعلى ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي کيس پنهنجو ادبي محسن ۽ علمي ادبي تربيت ڪندڙ ادبي استاد ۽ سچو دوست مڃيندي، مختلف موقعن تي اظهار به ڪيو آهي. انهن ۾ اڄ جو سگهارو نالو نصير مرزا سرفهرست آهي. منهنجي خوشنصيبي اها رهي جو مونکي سندس ازدواجي سفر جو ساٿ هجڻ جو شرف به حاصل رهيو ۽ مونکي علم ادب، سرت ساڃاهه آرٽ ۽ ڪلچر جي ڄاڻ ۽ سگهه ڏيندڙ منهنجو جيون ساٿي سائين نثار حسيني جن جو ساٿ جو هر هڪ پل مون لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، جيڪو پئي پراڻو ٿيڻو ئي ناهي. ان جي ڏنل شعور جي شمع جي لاٽ مون کي سدائين سرت ۽ ساڃاهه جي واٽ ڏسيندي آهي. مون پنهنجي سانڀر ۾ ساڻس گهاريل شريڪ حيات جي حيثيت واري سفر دوران سندس اڻ ٿڪ محنتن ۽ خدمتن کي ڪڏهن قليچ جي ڏهاڙن جي صورت ۾، ڪڏهن ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ جي صورت ۾، ڪڏهن سماج سڌارڪ ناٽڪن پيش ڪرڻ جي صورت ۾، ڪڏهن ڀٽائي جي اڱڻ تي سهڻي ميهار جهڙا اعلى ٽيبلو پيش ڪرڻ جي صورت ۾، ته ڪڏهن يوم مادر وطن تي سسئي ۽ سور جهڙو ڊرامو پيش ڪندي ته، ڪڏهن شيخ اياز جي سالگرهه تي کيس ڀيٽا ڏيندي ۽ دودي سومري جو موت اسٽيج ڪرائيندي ڏٺو. فڪر فهم ۽ آگهئي جي مٽيءَ سان ڳوهيل هي سٻاجهو سيد نون نڪور لکندڙن جي ۽ آرٽ جي دنيا ۾ پهريون پير رکندڙ آرٽسٽن جي حوصلا افزائي ڪندي هڻان وڻان ڏيئي کين اڳتي وڌائي پاڻ سائين پوئين ڪرسي تي ويهي، سندن پيشڪش تي تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندو رهيو. ڀٽائيءَ جي سهڻي، نوري، ماروي، سورٺ ۽ مومل کي تمثيلن ناٽڪن کي جيئرو جاڳندو، اسٽيج تي پيش ڪندڙ ڏسندڙن کي حيران ڪري پنڊ پهڻ ڪندڙ نثار حسيني، اياز جي ڇولي جي پايل جي ڇم ڇم جا گيت، آزاديءَ جي گيتن سان پوري سنڌ ۾ جاڳائي ڇڏيا. هن عظيم ڪردارن کي، جن ۾ وتايو فقير، مير رسول بخش خان ٽالپر، مرزا قليچ بيگ، مير علي نواز ناز مطلب ته اهڙن عظيم ڪردارن کي اهڙي مهارت ۽ قابليت سان تمثيلي روپ ڏيئي ترتيب ڏيندو هو، جو اکيون اَچرج مان کليل رهجي وينديون هيون . نثار کي موکيءَ جي ڪردار کي تمثيل جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي حسرت رهجي وئي. نثار، اياز جي راڳ ناٽڪن ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ جي رڪارڊنگ پڻ ڪرائي، پر اڃا اهي اسٽيج ڪرائي نه سگهيو. نثار حسيني بنيادي طور کاٻي ڌر سان گڏ رهيو، انهي ڪري ڀوڳنا جو اُڻ کٽ تسلسل ڀوڳيندو رهيو. هو شهيد حسن ناصر ۽ شهيد نظير عباسي جو ذڪر هر وقت ڪندو رهندو هو. ڌرتي ۽ ڌرتي خاطر جاکوڙيندڙ انسان ۽ انسانن کي اڏيندڙ انسان پنهنجي جڳهه تي هڪ منفرد شخصيت جي صورت ۾ هوندا آهن، پر هو هڪ عظيم اداري جي صورت ۾ پنهنجو عڪس پنهنجي وڃڻ کانپوءِ ڇڏي ويندا آهن، سندن پيرا ايترا ته مضبوط هوندا آهن، جن تي جيڪڏهن هلجي ته طبقاتي اڻ برابريءَ کان آزاد سنڌ اَڏي سگهبي.
نثار حسيني جون سنڌي ادب ۾ خدمتون اڻ ميون رهيون آهن. خاص ڪري پبليڪيشن جي مد ۾ هن وڏو ڪم ڪيو آهي. اڄ نثار حسيني اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪم ۽ سندس يادن کيس امر بڻائي ڇڏيو آهي.
گهڻا ڏينهن گذريا، وري ياد نه آيا..... هيءَ ڪٿا...جيڪا اڄ آئون اوهان سان ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کڻي چُڪو آهيان، اُها ڪجهه آگم پبلشنگ ايجنسي گاڏي کاتي جي آهي ۽ ڪجهه پنهنجي سائينءَ نثار حسينيءَ جي. جيڪو ست ورهيه اڳ، اڄوڪي ئي تاريخ تي نور شاهه قبرستان ٽنڊي ڄام جي قبرستان ۾ اَبدي آرامي وڃي ٿيو هو. اِجهو رات گاڏي کاتي ۾ قاضي منزل ۾ قائم انهيءَ آگم جي آفيس کي وڃي مون تلاش ڪيو، جڏهن ته چوطرف ڪاريءَ وارا ڪَک ڏِٺم ۽ اُن جاءِ تي هڪ نئون جهان موجود...دل دانهن ڪئي، اڙي بابا! هن هنڌ ڪو ادارو آباد هوندو هو!؟ ۽ پنهنجي ڏات ۽ ذات ۾ اُن کان به وڏو ۽ وڌيڪ سگهارو شخص...خود سائين نثار حسيني پاڻ! جيڪو سنڌ ۾ جدت واري پرنٽنگ جو سرواڻ هو ۽ نهايت اعليٰ ڇپائي سونهون پڻ، گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽئبلو صِنف کي آڀاريندڙ... ذوق شوق سان مرزا قليچ بيگ جا ڏهاڙا ملهائيندڙ... قليچ سنگت جو بنياد رکندڙ ۽ علاوه ازين رسالي ’تند تنوار‘، ’ناٽڪ‘ ۽ سنڌي ساهت جو ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي ٻين به عظيم الشان ڪتابن جو پبلشر ... جن منجهان ڪنهن مجموعي جو نالو.. ’جلاوطن‘ (ليکڪ: نو الهديٰ شاهه)، ڪنهن پستڪ جو نالو ’اوتون جوتون‘ (استاد بخاري)، ڪنهن جو نالو ’ديپڪ ۽ ملهار‘ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ڪنهن ڪتاب جو نالو ’سفر من اندر‘ ۽ ڪنهن جو نالو وري ’بَتين واري ناني‘ (اڪبر جسڪاڻي). سچ پڇو ته، سائين نثار جا شايع ڪرايل اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪتاب...محض ڪتاب ٿورو ئي هئا، جهڙا سنڌي ادب جي شاهراهه تي ڪتابن جي صورت ۾... ميل جا پٿر هن نصب ڪيا هئا، هونئن سائين نثار جي، هيءَ آفيس رڳو پبلشنگ هائوس به ٿورو ئي هوندي هئي، جهڙي چوويهه ئي ڪلاڪ کليل سراءِ....اوطاق، يا مُسافر خانو... ۽ مون ناچيز ته ان آفيس جو نالو ئي رکي ڇڏيو هو، ’ميلاپ مرڪز‘ ۽ طارق عالم وري هڪ ڏينهن اُن جي دروازي جي مٿان اڇي چاڪ سان لکي ڇڏيو هو: ’هوم آف هوم ليس‘ ۽ هيءَ آڌي هجي يا مانجهي، منيهن يا طوفان.. اک جو کڻي آئون ان ڏانهن ڏسندو هئس، ته ڪنهن کُليل اک وانگر ان جي دروازي منجهان روشني بڻجي، ڪڏهن سائين محمد ابراهيم جويو پيو نمودار ٿيندو هو، ته ڪڏهن نانگو لائين ڪوٽڙيءَ مان مست الست ڪهاڻيڪار علي بابا... جهمپير مان عزيز، رسول بخش درس، هالا پراڻا منجهان سوز هلائي، عرفان مهدي ... ته ڪڏهن وري دادو جادوءَ مان اُستاد بخاري، سکر مان ادل سومرو، اياز گل، خيرپور مان مختيار ملڪ، نوابشاهه مان ماڻڪ منير ... ڄامشوري مان قيس عالم، ادا اياز عالم ابڙو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تاج بلوچ، ادا مدد علي سنڌي، امداد حسيني ۽ شوڪت حسين شورو به باقاعده ايندا هئا. الاس! اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ پهريان ڏار ان ادب منڊليءَ ۾ ان وقت پوڻ شروع ٿي ويا، جڏهن حيدر چوڪ تي هنگامن منهن ڪڍيو ۽ آسپاس جي ديوارن تي ڪو ٻُٽ ٻڌل ماڻهو، ڪاري رنگ سان ڀريل دٻا کڻي، برش سان پهرين ته ڪلاشنڪوف جو عڪس ٺاهيندو هو ۽ پوءِ ان جي مٿان لکڻ لڳندو هو: ”حقوق يا موت!“ پوءِ اوڻاسي وارو لهو لهان سانحو جو ٿيو ته، شهر ۾ جلاءُ گهيراءُ ۽ ڪرفيو لڳڻ جي رسم شروع ٿي ۽ ان کانپوءِ ته ڪاڏي وئي آگم پبلشنگ ايجنسي ۽ الائي ڪاڏي هليا ويا اديب، شاعر، قلمڪار ۽ ائين آگم ڇا بند ٿيو، ڄڻ حيدرآباد شهر ئي اديبن کان خالي ٿي ويو. پوءِ وڏي وقفي بعد ماحول ۾ جڏهن ٿوري ٺاپر آئي ۽ سائين نثار آگم جا بند دروازا وري کوليا ته، قاضي منزل جي ڪُنڊ ۾ قائم...آگم جي آفيس ڏانهن سائين نثار سان ملڻ لاءِ ويندي آئون ۽ دوست اسرار شاهه گهٽيءَ جي مُهڙ وٽ بيهي خوش دليءَ سان اطلاع طور ڳائڻ لڳندا هئاسين: ”تم جُگ جُگ جيئو مهاراج ري، هم توري نگريا ۾ آئي ري.... دوستن لاءِ آگم جا دروازا برابر ته ٻيهر کليا به.. پر الائي ڇو!؟ اڳوڻيون رونقون بحال ٿي ئي نه سگهيون، ان وچ ۾ پاڻ پرائيويٽ چينلز لاءِ ڏاڍا سٺا ڊراما لکيائين... سنڌي فلم ٺاهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان پنهنجي اعليٰ عهدي تان قبل از وقت رٽائرمينٽ وٺي، سرگرميءَ سان پبلشنگ جي ڪم کي جاري رکڻ چاهيو، پر ان وچ ۾... ڀانئيان ٿو رات جا اڍائي يا ٽي پئي وڳا... جو ڪنهن پراسرار انداز ۾ ڪمري جو دروازو کڙڪايو ۽ پوءِ در کولي ويراڳين جي وڃڻ جي خبر جو ٻُڌم ته ڄڻ پنهنجي وجود ۾ ڪنهن ديوار جيان ڊَهي پيس، ياد اٿم، ٽنڊي ڄام واري نور شاهه قبرستان ۾، شام وقت، نِم جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ هيٺيان... ساميءَ واري هڪڙي قبر ۾... کين آرام سان سمهاري، ...اداس ماحول، بيچين ۽ بي آرام رُوح سان آئون پنهنجي گهر واري پينگهي ۾ اچي ويٺو هئس، تڏهن..منهنجي ڀائيٽي معصومه مليحه وڌي اچي پڇيو هئم: ”انڪل!!! هيءَ جيڪا ڪائونٽنگ ٿيندي آهي نه .. اها ڪهڙي فگر (Figure) تي ختم ٿيندي آهي؟ تڏهن آلين اکين سان نور شاهه واري قبرستان ۾ چپ چاپ سُتل... سائين نثار حسينيءَ جي مڙهه کي تصور ۾ آڻيندي..بي خياليءَ منجهان کيس چئي ويٺو هئس...مليحه بابا...ڪائونٽنگ ختم ٿيڻ جي آخري فِگر آهي: ”ٻي جون، ٻه هزار ڇَهه!“ نصير مرزا/حيدرآباد