اديون عبد اللطيف چئي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    راڻا ! تنهنجي راهَ تي, ڏيهاڻي ڏيکان
    راڻي جي رهاڻ جون, رُوحَ اندر ريکان
    مُحبتَ جون ميکان, تو سين لالَ لپيٽيون.


    سر مومل راڻو

    ڏيهاڻي = ڏهاڙي
    ڏيکان = سرائيڪي محاورو ,ڏسان, نهاريان, انتظار ۾ اکيون وجهيو ويٺي آهيان.
    رهاڻ = ڪچهري, صحبت
    ريکان = سرائيڪي محاورو, تندون, تارون
    ميکان = ميخون
    لالَ = پرين, محبوب
    لَپيٽيون = جڪڙيون

    * او راڻا! تنهنجي دڳن تي, تنهنجي پنڌن تي, جيڪا واٽ, گَسُ ۽ رستو ڏئي ايندو آهين تنهن تي پنهنجون اکيون وڇايون ويٺي تنهنجي راه نهاريان.

    * او راڻا! جيڪي توسان پيارَ ونڊيم, صحبتون ڪيم انهن جون تارون ۽ ساروڻيون منهنجي روح ۾ رچي ويون آهن.


    *سمجهاڻي
    هن بيت ۾ ڀٽائي مومل جي لڇ پڇ, آنڌ مانڌ, اوسيئڙي ۽ انتظار جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي. ڇو ته اڄ رات راڻو ڪاڪ تي جو ناهي آيو ۽ مومل راڻي سان ڪيل رهاڻيون, ڪچهريون, محبتون ۽ صحبتون پئي ياد ڪري جيڪي سندس روح ۾ رچي ويون آهن. انتظار ٿيندو ئي موت مار آهي.

    پنهنجو خيال رکندا ڪيو
    صبح جو سلام.
    سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ جي وال تان کنيل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو