ڪير چوي ٿو ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟؟؟ !!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين الطاف شيخ جي فيس بڪ وال تان ورتل
    اسان جي ملڪ جا ماڻهو انبن جي موسم جو آڌرڀاءُ وڏي گرم جوشيءَ سان ڪن ٿا، اسان وٽ انب غريب توڙي امير جو دلپسند ميوو آهي، هي نه فقط ميوو آهي پر ڀاڄي پڻ. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو انبن جي موسم ۾ ٻوڙ يا ڀاڄي رڌڻ بدران انب سان ڀت يا ماني کائين. انب ذائقي ۽ خوشبوءِ وارو ميوو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي پروٽين ۽ کنڊ موجود آهن، انب اسان جي ماڻهن لاءِ بهترين ميوو آهي، انبن جي موسم ۾ گدرا، ڇانهيون، سردا، چڪون، بادام ۽ زردالون يتيم ٻارن وانگر بنا ڪنهن خريدار جي ڌيان ڇڪائڻ جي دڪانن تي پيا هوندا آهن، هن موسم ۾ ڪو مٺائيءَ کي به نٿو پڇي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي ماڻهن لاءِ انب ميون جو بادشاهه آهي، منهنجي راءِ به انب لاءِ ساڳي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن لاءِ سنڌڙي انب (Madras Alphonso) ميون جو بادشاهه آهي ته ڪن لاءِ چؤسو، لنگڙو، دسهري يا سرولي انب بادشاهه آهن، جي مون کان پڇڻ چاهيندا ته آئون بينگن ڦلي يا سوارن ريکا جو نالو کڻندس، انب لاءِ سڀني کي پيار ۽ ان کي انبن جو بادشاهه سڏڻ جو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون.

    ۱۹۶۸ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ قدم رکيو، ته منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن هتي جي مارڪيٽ ۽ ميوي جي دڪانن تي هر هڪ کي هڪ ڄاهي جي شڪل جي ميوي دورين (Durian) جو ديوانو ڏٺم، منهنجي پڇڻ تي هر هڪ هن ڪوجهي شڪل ۽ ڪنڊن واري دورين کي ميون جو بادشاهه ٿي سڏيو. مون سمجهيو هو چرچا ٿا ڪن يا ٽوڪ خاطر هن ميوي کي بادشاهه ٿا سڏين، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ بدبودار ۽ ڪوجهي شڪل وارو دورين ڪيئن ٿو ميون جو بادشاهه ٿي سگهي.
    پر ڪجهه لڳاتار سامونڊي سفرن ۽ هن تر جي بندرگاهن ۾ رهي رهي، اهو محسوس ڪيم ته هن پاسي بئنڪاڪ کان بينڪولا ۽ سنگاپور کان ڪمپوچيا تائين هر هڪ دورين کي ميون جو سرتاج ٿو سمجهي.
    انب ۽ دورين جي وچ ۾ اهو فرق آهي ته انب کي هر هڪ پسند ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي گهٽ پسند هجي پر هو ڪڏهن به ائين نه چوندو ته انب کي منهنجي ڀرسان به نه رکو پر دورين کي هر هڪ نٿو پسند ڪري، جيڪو پسند ڪري ٿو اهو چرين وانگر هن تي فدا آهي، جيڪو نٿو ڪري اهو بنهه نٿو ڪري، بلڪه هن ميوي سان سخت نفرت ڪري ٿو، دورين جي هنڱ جهڙي اگري ڌپ ڪري هو ان جي ويجهو به نٿو گذري، دورين کائڻ ۾ انب کان به مٺو آهي پر سندس بوءِ تمام خراب الٽي اچڻ جهڙي آهي، ان ڪري هن ميوي کي هڪڙا پسند ڪن ٿا ته ٻيا هن کان پري ڀڄن ٿا. هن پاسي يعني ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ دورين لاءِ اهو عام چيو وڇي ٿو ته:
    ”Durian is most loved and most hated fruit“
    هن ميوي لاءِ ماڻهن کي يا ته سخت پيار آهي يا سخت ڌڪار، ان جي وچ ۾ ٻيو ڪو احساس ناهي. دورين ناريل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ۽ سندس ٻاهرين کل ٿلهي، سخت کهري ۽ ٿلهن ڪنڊن واري آهي، هنن ڪنڊن ڪري هن ميوي جو نالو دورين پيو آهي، ملئي زبان ۾ Duri معنيٰ ڪنڊو ۽ Durian معنيٰ ڪنڊن وارو.
    ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز رستي آئون ڏهه سال کن ايندو ويندو رهيس ۽ اهڙا ڏهه سال مون وڏي ڪوشش ڪئي ته دورين ميوو يا ان مان ٺهيل بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کاڌا وڃن پر مون کي ڪاميابي نصيب نه ٿي، دورين جي ڌپ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪيمسٽري ڪلاس ۾ پيدا ٿيندڙ هئڊروجن سلفائيڊ گئس جي ناسن ۾ چڀندڙ (Pungent) ڌپ جي ياد ڏياري ٿي، جنهن لاءِ اسان جو مرحوم ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو چوندو هو ته اهو Devil’s Dung آهي.
    هونءَ ملائيشيا ۾ ميون جي کوٽ ناهي. ملائيشيا توڙي ڀر وارن ملڪن ٿائلينڊ، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ۾ ڪيترائي لذيذ، مٺي ڳر ۽ سٺي سڳنڌ وارا ميوا ٿين ٿا. جهڙوڪ: مينگواسٽين، رمبوتان، چڪون، ماتاڪچنگ، ڊوڪونگ، چمپداڪ، اسٽار فروٽ، ليچي، انناس، لونگان وغيره، ويندي ملائيشيا جو ڪيلو، خاص ڪري پسانگ اماس (سنهري ڪيلو) بهترين جنس آهي جيڪا جپان ۽ يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ٿئي ٿي. اهڙن لذيذ، سستن ۽ سڀ جي پسند وارن ميون هوندي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن علائقن جا ماڻهو دورين جهڙي بدشڪل ۽ بدبودار ميوي پٺيان چريا ڇو آهن، جيڪو قيمت ۾ تمام مهانگو آهي، ڪنڊن واري کل هجڻ ڪري کڻڻ ۾ ڏکيو ۽ ڳرو آهي، کولڻ ۾ سخت آهي، بلڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو هن ميوي کي ڀڃڻ واري جا هٿ اڪثر زخمي ٿيو پون، ۽ بقول يورپين جي هن ميوي جي ڌپ بدبودار جورابن جهڙي آهي، سڀ کان حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته ههڙي ڳري ميوي مان کائڻ لاءِ ڪي چمچا مس ڳر (Pulp) جا نڪرن ٿا.
    ائگريڪلچر ۽ باٽني جي شاگردن لاءِ اهو لکندو هلان ته دورين ميوي جو Genus Durioفئملي سان تعلق آهي، هو پنهنجي وڏي سائيز، منفرد بوءِ ۽ چڀندڙ ڪنڊن واري کل ڪري هڪ نمايان ميوو آهي، دورين ڊيگهه ۾ ۱۲ انچ ۽ گولائيءَ ۾ ۱۶ انچ تائين ٿئي ٿو ۽ تور ۾ ٽي ڪلو جيترو به ٿئي، ان جي ٻاهرين کل سائي کان ناسي رنگن تائين ٿئي ٿي. اندرين کائڻ واري ڳر هئڊي کان ڳاڙهي رنگن واري ٿئي ٿي. هن کائڻ واري ڳر مان بدبوءِ نڪري ٿي، جيڪا ايڏي ته تيز ۽ چڀندڙ ٿئي ٿي، جو بند دورين مان به محسوس ٿيندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا هوٽل يا ڪا عمارت سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڪمري ۾ آيل دورين ميوي جي ڌپ سڀني ڪمرن ۾ رهندڙن کي محسوس ٿئي ٿي، مزي جي ڳالهه اها ته دورين جي اها ڌپ ڪن کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڪن لاءِ اها بدبودار ڌپ نه پر عطر عنبيرن کان بهتر خوشبوءِ آهي، دورين کائڻ وارن عاشقن کان پڇبو ته هو توهان کي چوندا ته هن ميوي جي بادامن جهڙي خوشبوءِ آهي پر ٻيا ان کي سڙيل بصرن جي ڌپ سڏين ٿا، ٻٻر جي ڪنڊ واري هن ميوي جي ان بدبوءِ ڪري هن پاسي جي ملڪن جي وڏين هوٽلن ۾ هن ميوي کي آڻڻ تي بندش آهي. سنگاپور ۾ ته نه فقط هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پر ميٽرو ريل (MRT) ۽ ۽ پبلڪ بس ۾ به کڻي اچڻ جي اجازت ناهي. جتي ڪٿي توهان کي Durians not Allowed جا بورڊ نظر ايندا، منهنجي خيال ۾ هتي جي حڪومتن جو اهو سٺو فيصلو آهي، نه ته هن ميوي جي ڌپ کان ونءُ ويندڙ توهان ۽ اسان جو ساهه گهٽجي وڃي.
    جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز جون جي مهيني ۾ ڪراچي ايندو هو ته منهنجا جهاز هلائڻ وارا ساٿي مون پاران خوشيءَ سان ڊيوٽي ڪندا هئا، جيئن آئون ڳوٺ جو چڪر هڻي اچان ۽ واپسي تي انبن جو کوکو به کڻي اچان، پر انب اهڙو ميوو آهي، جنهن کي هر هڪ پسند ڪري ٿو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو کڻي گهٽ کائيندو هجي. هتي ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي آفيس ۾ ڏهه کن جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هوندا هئاسين. مون اٺ نو سال کن هن آفيس ۾ ڪم ڪيو، هر سال دورين جي موسم ۾ اسان هڪ يا ٻه دفعا چيني چيف انجينئر لائوسينگ جي ڊيوٽي ڪندا هئاسين، جيئن هو پنهنجي ڳوٺ موئر (Muar) ٻه ڏينهن وڃي واپسي ته دورين ميوي جو کارو کڻائي اچي، پوءِ اهو ڏينهن اسان جي آفيس ۾ مڪاني ملئي ۽ چيني آفيسرن لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي، باقي اسان چار پنج ٻاهرين ملڪن جا دورين جي ڌپ ۾ بي حال ٿي ويندا هئاسين، هن ميوي جي ايڏي ته چڀندڙ (Pungent) ڌپ ٿئي ٿي، جو اسان جا يار کائڻ بعد چڱي طرح صابڻ سان هٿ ۽ چپ ڌوئي ايندا هئا ته به سندن جسم مان خاص ڪري پگهر مان اها ڌپ پئي ايندي هئي، اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ برطانيا جو ڪئپٽن ڪئرو، جنهن هڪ دفعي همت ڪري دورين جي ڳر چوسي هئي، اهو چوندو هو: ”Mr.Altaf! Eating Durian is like eating custard in public toilet.“
    چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ دورين فقط ملئي ماڻهو کائيندا هئا ۽ ناريل، ڪٺهل ۽ انناس وانگر تمام سستو ميوو هوندو هو، پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ۾ رهندڙ چينن کي دورين جو اهڙو چشڪو لڳو جو هاڻ توهان کي جتي ڪٿي چيني خريدار نظر ايندا، جيڪي ملئي ماڻهن کان وڌيڪ امير آهن ۽ دورين جي قيمت گهڻي هجڻ جي باوجود خريد ڪن ٿا.
    دورين جو وڻ ۲۵ کان ۵۰ ميٽر اتاهون ٿئي ٿو. ان جا پن رٻڙ پلانٽ وانگر سدا ساوا ٿين ٿا، اهو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا گل ۽ ڦل ڏئي ٿو. اها ڳالهه اسان جي ماڻهن لاءِ شايد عجيب هجي جتي چار مختلف موسمون ٿين ٿيون، پر ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري اتي ٻارهوئي ساڳي موسم مينهن ۽ گرمي واري رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو هوس ته اسان جي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ لڳل انب ۽ چڪن جا وڻ به سال ۾ ٻه دفعا ٻور ڏيندا هئا.
    نئون لڳايل دورين جو وڻ چئن کان پنجن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو، ٻور جهلڻ (Pollination) بعد ٽي مهينا وٺي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو دورين ۽ ڪٺهل (jack fruit) کي ساڳيو ٿا سمجهن، ڪٺهل بنگلاديش ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به ٿئي ٿو، جيڪو سائيز ۾ ڊگهو ٿئي ٿو، ان جي کل کهري ضرور ٿئي ٿي پر دورين جي کل کان تمام گهڻي نرم آهي، گيدوڙي وانگر گهٽ درجي جو هجڻ ڪري بيحد سستو آهي، ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ دورين سڀ کان مهانگو آهي، مثال طور دورين جون زياده دلپسند جنسون ڊي ۲۴ (جيڪاDuro Zibethinus آهي)، سلطان ۽ مائوشان وانگ جو هڪ ڪلو ۵ کان ۱۰ آمريڪن ڊالر آهي، هڪ دورين جو سراسري وزن ٻه ڪلو به لڳايو وڃي ته هڪ هڪ داڻي جي قيمت هڪ هزار کان ٻه هزار رپين تائين ٿئي ٿي، ان ۾ کائڻ جوڳو حصو يعني گودو جنهن کي هتي Aril سڏين ٿا، اهو ۱۵ کان ۲۵ سيڪڙو مس ٿئي ٿو، باقي رڳو ٿلهي کل ۽ ٿلها ٻج ٿين ٿا.
    دورين ميوي ۾ کنڊ، وٽامن سي، پوٽئشيم ۽ Theserotonergic Amino acid Tryptophan تمام گهڻو ٿئي ٿو، ڪاربو هائيڊريٽ، پروٽين ۽ چرٻي جو به Source آهي. هن پاسي جي ماڻهن جو اهو وهم آهي، بلڪ ديسي چيني حڪيمن موجب دورين جو تاثير گرم آهي ۽ کائڻ واري کي تمام گهڻو پگهر ٿئي ٿو، هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن ۽ پيٽ وارين عورتن کي دورين هرگز نه کائڻ کپي، دورين معجونن ۽ ڪشتن جو ڪم ڏئي ٿو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته دورين چونڊڻ وقت هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) پائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ڇو جو وڻ مان ڪو دورين هيٺ هلندڙ ماڻهوءَ جي مٿي ۾ لڳڻ سان هن کي سخت زخمي ڪري سگهي ٿو، هونءَ دورين لاءِ چون ٿا ته هن کي اک ٿئي ٿي، اهو وڻ مان ان وقت نٿو ڇڻي جنهن وقت وڻ هيٺان ڪو موجود آهي، دورين دنيا جو واحد ميوو آهي، جيڪو وڻ مان پٽي نٿو سگهجي. ملائيشيا ۾ ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙن کان ورتو وڃي ٿو پر اهي به دورين جهڙو ڳرو ۽ ڪنڊ وارو ميوو پٽڻ جو جوکو نٿا کڻن، هي ميوو جڏهن پچي راس ٿي هيٺ چڻي ٿو، ان وقت وڻ هيٺان کنيو وڃي ٿو، دورين گهڻو ڪري رات جو ڪري ٿو. ۽ پوءِ ڏينهن جو کنيو وڃي ٿو.
    منهنجي هڪ ملئي دوست پاڪستان ۾ انبن جا مختلف نالا ٻڌي مون کي چيو ته يار توهان جي ميون جي سردار ”انب“ جا هي ڪهڙا عجيب نالا آهن... طوطا پوري، بينگن ڦلي، گلاب خاصو، لنگڙو، فجري، زردالو، ڪليڪٽر، راجا پوري...! ملائيشيا کان آيل مهمان کي ته مون ڪو جواب نه ڏنو پر ڏٺو وڃي ته سندن ميون جي بادشاهه دورين جا به عجيب نالا آهن، جيڪي انهن ان جي رنگن، سائيز، ذائقي، شڪل، بوءِ مطابق رکيا ويا آهن، هن شهر ملاڪا ۽ ڀر واري رياست ”جوهور“ ۾ دورين جون جيڪي جنسون مشهور آهن، انهن جا نالا آهن: برونگ هنتو (چٻرو)، ڪچنگ تيدور (ستل ٻلي)، جينتار بومي (زلزلو)، وغيره، پينانگ پرسان پلائو باليق نالي هڪ ٻيٽ دورين کان مشهور آهي، جتي جون ڪجهه جنسون هن ريت آهن: انگت انجنگ (غمگين ڪتو)، ناسي ڪنيت (هيڊ وارو ڀت)، تيمباگو (ٽامو پتل)، سموت (اڏوهي)، ڪيپاس (پنکو)، ايتريقدر جو دورين جي هڪ جنس جو نالوKurap يعني خارش وارو ڪينئون (Ring worm) به آهي.
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    انب قدرت جو انمول ميوو ۽ سمورن ميون جو بادشاهه ميوو

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    سرزمين سنڌ جو هي سدابهار ميوو (وڻ) قدرت جو هڪ انمول سمورن انسانن لاءِ تحفو آهي هن جي ڦر کي انبڙي سڏبو آهي جيڪا پڪل ناهي هوندي ان جو رنگ به سائو ٿيندو آهي مگر پڪل انب تمام مٺو کائڻ ۾ به لاجواب ذائقو ٿيندو اٿس هن وڻ جي پڪل ميوو انب کي (شاخ ) به چونداآهن انبن کي پچائڻ لاءِ پال ڪبو آهي ڇو ته پهريان انب جو ميوو ڪچو هوندو آهي بعد ۾ پڪل انب کي رسائي کائبو آهي هن جو مٺاڻ به بهترين هوندو ۽ مٺو هوندو آهي ۽ خوشبودار به ٿيندا آهن ڪچن انبن منجهان انبڙيون ٿينديون آهن هن منجهان (کٽاڻ ) به لاجواب ٺاهي ويندي آهي انب جا وڻ جسامت ۾ 15 کان 20 فوٽ ڊگها ٿيندا آهن سدن عمر به تمام گهڻي ٿيندي اٿن انب جو اصل ملڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا علائقا جنهن منجهه انڊيا جو علائقو آسام يا وري برما ۽ ملايا وغيره آهن مگر درست نموني انب جي اوسر برصغير هند پاڪ ۾ ٿي آهي هن انب سون سالن کان ٿيندا پيا اچن چيو وڃي ٿو ته گووا ۾ پورچوگيزن انب ۾ پيوندي نظام سرشتو قائم ڪيو مغل بادشاهن انب جي ميوي کي زبردست نموني معتارف ڪرايو انب کي خصوصي ترقي ڏياري هڪ لک وڻن جا باغ ( لکي باغ )پوکرايو انب کي ميون جو ( باڊشاهه ) ميوو به چيو ويندو آهي هن وقت هي خطو وڌ کان وڌ انب پيدا ڪري ٿو ۽ هن ئي خطي مان دنيا انب جي پوک کان معتارف ٿي هاڻوڪي زماني ۾ سريلنڪا برما آسٽريليا فلپائن بنگلاديش برازيل ميڪسيڪو پاڪستان جنوبي آفريقا جنوبي آمريڪا ڪمبوڊيا ۽ ٿورو گهڻو آمريڪا جي رياست فلوريڊا کان علاوه ٻين ملڪن منجهه به انب ٿين ٿا انب وڻ هميشه سائو رهندو آهي جنهن سبب هن کي (ايورگرين ) به سڏيندا آهندنيا جي گرم آبهوا ۾ هي بهترين نشو نما ڪري ٿو انب ٿد جو ڪمزو ڀاڙي آ ان ڪري هن جو ٿد ۾ وڌڻ مشڪل ٿئي ٿو ۽ واڌ گهٽ ڪندو آهي سئ گهٽ برداشت ڪندڙ وڻ آهي سم ڪلر کان آجي زمين ۾ هي وڻ لاجواب ۽ تڪڙي واڌ ڪندو آهي لٽاسي زمين ۾ هي وڻ زبردست ٿيندو آهي هاڻوڪي زماني منجهه انبن جا ٻه قسم ٿين ٿا هڪڙا (ديسي انب ) ٻيا (فارمي انب) آڳاٽي وقت ۾ صرف ديسي انب هوندا هئا جن جا قسم به مختلف هوندا هئا انهن منجهه پتاشو لڏون ڦاروو هاثي ۽ گڏهه مار وغيره جڏهن ته هاٿي ۽ گڏهه مار جنس وارو انب وزنائتو ۽ ڊگها ٿيندا هئا انهن منجهه وري پتاشو انب ننڍڙوزبردست سهڻو ۽ ميٺاج سان ٽم ٽار هوندو هاڻوڪي وقت ۾ انب جي مختلف جنسن بابت تجربا تحقيق ڪري انهن جون چاليهه کن نئيون جنسون معتارف ٿيون آهن جن کي( فارمي انب )جنسون سڏيو وڃي ٿو هنن جنس جي اهيا خاصيت زبردست آهي جو هنن منجهه ڄارو ۽ ريشو ٿئي ڪونه باقي ڳر ۾ لاجواب ۽ ڪوئلو ننڍو ٿئي ٿو هنن سڀني جنسن منجهه (سنڌڙي) انب سهڻو ۽ سڀني خوبين سان ٽمٽارپڻ آهي جنهن سڄي دنيا ۾ سنڌ ڌرتي جو نالو ڏيهان ڏيه ملڪان ملڪ مشهور ڪيو آهي سر زمين سنڌ لاءِ به انبن منجهه سنڌڙي جنس پوکائي لاءِ وڌيڪ موزون سمجهي وڃي ٿي جنهن کي سڄي سنڌ منجهه تمام وڏي ايراضي تي پڻ پوکيو وڃي ٿو هي جنس سنڌڙي وچولي مند ۾ لهي ٿي آڳاٽي فصل ميوي حاصل ڪرڻ لاءِ وري ٻيون جنسون جهڙوڪ سرولي دسهري ۽ انور رتول بهتر آهن ۽ وري پاڇاٽي جنسن منجهه هنن جنسن جو شمار ٿئي ٿو چونسو سوارنيڪا ۽ واڱڻ پالي پوکيون وڃن ٿيون ان کان علاوه فجري نيلم لنگڙو طوطاپوري گلاب خاص زعفراني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جنسون پوکيون وڃن ٿيون باقي پيداوار جهجي مقدار ۽ مارڪيٽ جو ملهه زبردست ملڻ جي لحاظ کان وري دسهري سنڌڙي ۽ چونسو جو نالو عام جام ورتو وڃي ٿو انب عمومن مئي ۽ جون وارن مهينن منجهه فصل ڏيندا آهن هن مند ۾ وڻن ۾ پڪل انب به ملي ويندا آهن انب عمومن پٽي پال ڪيا ويندا آهن اهي مٽن کوکن يا ڪوٺين ۾ بند ڪري رکندا آهن انهن ۾ ڪونه ڪو ڦر ( گڊرو) وغيره وجهندا آهن يا اڄڪلهه ڪارپيٽ به وجهندا آهن جنهن جي خوشبو تي انب ٽن چئن ڏينهن منجهه پچي راس ٿيندا آهن انب غذائي جزن سان مالامال آهي ۽ غذائي جزن سان ٽمٽار لڳو پيو هوندو آهي منجهس مٺاڻ 13.7 سيڪڙو پروٽين وٽامن بي 1وٽامن بي 2 وٽامن بي 3 وٽامن بي 5 وٽامن بي6 وٽامن سي وٽامن ايي وٽامن ڪي ڪيلشم مگنيشم فاسفورس پوٽيشم سوڊيم آئرن سان ڀرپور هوندو آهي انبن جا ٻوٽا شالامار باغ ۾ به لڳايل مغل بادشاه شاهجهان جي زماني ۾ لڳايا ويا هئا سي اڄ ڏينهن تائين ڦر ڏيندا رهن ٿا مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته اڪبر بادشاه جي زندگي جا شروعاتي نو ڏهه سال سنڌ ۾ فتح باغ واري علائقي ( ماتلي جي ڀر ۾ جوڻ واري ) علائقي ۽ سيوهڻ واري علائقي مان گذرياهئا ان زماني ۾ فتح باغ سميت سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ انبن جا باغ عام جام هوندا هئا اڪبر بادشاهه دهلي جي حڪومت سڀالڻ کان پوءِ به هر سال سنڌ فتح باغ مان انب گهرائي سڄو سال پيو کائيندو هو انب جو وڻ صرف ميوي جي لحاظ کان ڪارائتو نه آهي مگر هن وڻ جو ڪاٺ عمارتي ڪاٺ طور به ڪم ايندو آهي انب جي ڪاٺ منجهان دهل به زبردست ٺهندا آهن حڪيمن موجب انب جا طبي به زبردست فائدا آهن انب دل دماغ ۽ معدي کا طاقت بخشي ٿو جسماني قوت به لاجواب اٿس ۽ بدن کي ٿهلو به ڪري ٿو ۽ پيشاب به جاري ڪري ٿو انب جي کٽاڻ (آچار ) به طبي لحاظ کان مفيد آهي انب کائڻ سان آنڊن بڪين ۽ مثاني ۾ قوت ٿئي ٿي ۽ انب کائڻ سان منهن به کلي پوي ٿو انب جي ککڙي جو پتو کائڻ جو تاثير ٿدو ۽ خشڪ ٿئي ٿو جيڪو مٺڻ پيشاب ( شگر ) جي مريضن لاءِ نهايت ڪارائتو آهي انب گرم به تمام گهڻو آهي جڏهن ماڻهون وافر مقدار ۾ انب کائيندا آهن ته جسم جي ڪيترن ئي حصن منجهه ڦرڙيون ظاهر ٿي پونديون اٿن انب واحد ميوو آهي جيڪو ماني ۽ چانورن سان به گڏ کائي سگهبو آهي فرهنگ جعفري ڪتاب جو مصنف 411 صه تي لکي ٿو ته ڪچي انب کي باهه ۾ پچائي ان جو پاڻي ڪڍي پيارجي ته جهولي ( هيٽ اسٽروڪ ) جو خطرو ئي جسم ۾ نٿو رهي انب کي کائڻ کان اڳ خوب ڌوئي صفا ڪري پوءِ هن جي کونئرجا بونڊي جي چوڌاري چنبڙيل هوندي آهي سا نڙي ۾ خارش پيدا ڪري ٿي انب کي برف يا ٿڌي پاڻي منجهه ٿورو وقت رکي پوءِ کائڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان سندس گرمي گهٽجي پوي ٿي جنهن ڪري طبيعت ۾ ڪو ناگوارا واقعو پيدا نٿو ٿي سگهي هن جي مٿان کير جي لسي سون تي سهاڳي جئان آهي انب چور ( هن منجهان پائوڊر نموني تيار ڪيو ويندو آهي سڪروي مهارن جي مرض لاءِ مفيد ۽ ليمي جهڙا فائدا رکندڙ آهي انب جنسن جي واڌاري مطابق 35 کان 40 فوٽ جي مفاصلي تي پوکيا ويندا آهن هاڻوڪي دور ۾ وڻن کي گهاٽو ڪري پوکڻ جو رواج پئجي رهيو آهي ان سان ٿوري وقت اندر وڌيڪ پيداوار ملي ٿي پر ساڳئي وقت اڳتي هلي گهاٽن وڻن کي ٿورو وٿيرڪو ڪرڻو پوي ٿو انبن جي وڻ کي گهڻو ڪري ٻه مرض لڳندا آهن عمومنن ۽ فصل کي نقصان رسائيندا آهن هڪ مهلو ۽ ٻيو ميلي بيگ ٻنهي مرضن جو ڪارڻ ننڍڙا جيت هوندا آهن جيڪي انب جي ٻور توڙي پنن کي تمام گهڻو نقصان ڏئي فصل جو ستيو ناس ڪري ڇڏيندا آهن انبن جي پيداوار ۾ سڄي دينا ۾ انڊيا پهريون نمبر چين ٻيون نمبر ٿائلينڊ ٽيون نمبر انڊونيشا چوٿون نمبر تي ۽ ميڪسيڪو ملڪ پنج نمبر تي آهن مگر سنڌي انب سنڌڙي جو مٽ سڄي دينا منجهه ناهي
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
    ابراهيم لاشاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو