سرور بلوچ هڪ صبح جو منهنجي فون تي ٻه يا ٽي دفعا رنگ وڳي پر مون فون ڏانهن نه نهاريو ۽ باربار فون اچڻ ڪري نيٺ ڏسڻو پيو پر جيسين مون فون ڏٺو ته رنگ بند ٿي چُڪي هُئي. مان نمبر ڏسي ان دوست کي ڪال بيڪ ڪئي ته سامهون جواب مليو اوهان جي گهر آڏو جيڪو مين روڊ حيدرآباد وڃي ٿو اُتي پوليس اهلڪار 8 کان وڌيڪ ڪاٺ جون ڀريل ٽراليون روڪي بيٺا آهن، ڏسو ته سهي ڇا معاملو آهي، تفصيل ملي ته اسان کي به ڏجو. مان ها ڪري گهران نڪري پيس ۽ ان هنڌ پهتس ته واقعي 8 کان وڌيڪ تازي ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ته موجود هيون پر انهن ۾ ڪوبه ڊرائيور ويٺل نه هو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم پر ڪوبه نظر نه آيو، روڊ جي ٻئي پاسي هڪ سوزوڪي ۽ پوليس موبائيل بيٺل هيون، جن ۾ جتي 8 کان 10 پوليس اهلڪار موجود هُئا، معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته اسان کي اطلاع مليو آهي ته وڻ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالا سانگهڙ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن، سو جڏهن پيڇو ڪيو ته ٽريڪٽر ٽرالين وارا ڊرائيور ٽراليون ڇڏي فرار ٿي ويا، اسان بيٺا آهيون ته ڪي ڊرائيور هٿ ڪري ٽراليون ٿاڻي تي وٺي وڃون. ڪجهه دير اُتي بيهڻ بعد مان وري گهر ڏانهن نڪري آيس ڪلاڪ مس گذريو ته خبر ملي شهر وچ ۾ ٽريڪٽر ٽرالين وارن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. پهچڻ تي خبر پئي ته ڪاٺ وڍيندڙ ۽ کپائيندڙ ۽ ٽريڪٽر ٽرالين وارا گڏجي پوليس خلاف احتجاج ڪري رهيا هُئا ته اسان قانوني طريقي سان وڻ وڍيا، ان ڪري اسان کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي. سندن هٿن ۾ ڪنهن ڪاٺ کپائيندڙ جو ٺپو لڳل رسيدون موجود هيون. نيٺ پوليس کي اُهي ڇڏڻا پيا ۽ جڏهن پوليس کان معلوم ڪيو ته هنن جو چوڻ هو ته سائين جن جو ڪم سي بي غم ته اسان ڇا ڪيون؟ اهو فاريسٽ جو ڪم هو ته گهٽ ۾ گهٽ ان سلسلي ۾ اسان سان سهڪار ڪري ها. باقي جڏهن هنن وٽ وڻ وڍڻ جون رسيدون آهن ته اسان ڇا ڪيون؟ سائين جي صفائي به ٺيڪ پر اسان رڳو هڪ پل لاءِ سوچيون ته ڇا هن دور ۾ ٺپو يا انگريزي ۾ هڪ ليٽر ٽائيپ ڪرائڻ ايڏو وڏو ڪم آهي ڇا؟ هن وقت صرف هڪ سؤ روپين ۾ جنهن جو وڻي ٺپو ٺهرائي وٺو، 30 کان 40 روپين ۾ وڻ ڇا ڪنهن جي سر وڍڻ جو ليٽر ٽائپ ڪرائي سگهجي ٿو ته وڻ وڍرائڻ جا ڪوڙا ڪاغذ ڪهڙو مسئلو آهي. هڪ پاسي ته اسان ماحوليات کان بچاءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ٻئي پاسي وڻن جي تيزي سان ٿيندڙ واڍي کي نظرانداز ڪيو ويٺا آهيون. هن وقت دنيا ۾ تيزي سان ايندڙ موسمي تبديليون ايندڙ وقتن ۾ اڃان به شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون. ان جو اندازو ڪجهه سال اڳ آيل برساتن، ٻوڏن ۽ هينئر پوندڙ گرمي مان لڳائي سگهجي ٿو. هڪ پاسي اسان قدرتي ماحول کي بهتر بڻائيندڙ وڻن جي واڍي ۾ لڳا پيا آهيون ته وري ٻئي پاسي نوان وڻ لڳائڻ کان به پري ٿي ويا آهيون. مون کي ياد پوي ٿو ته اڳ واهن جي پاسن ۾ قطارن ۾ وڻ لڳل هوندا هُئا، جيڪي نه صرف انهن واهن جي بندن جي مضبوطي جو سبب هُئا پر ان سان ماحول ۾ پڻ بهتري ايندي هُئي پر هاڻ ته واهن جا بند پوٺا ٿي ويا آهن، سڀ وڻ وڍجي ويا آهن ۽ اسان کي اڪثر برساتن وارن ڏينهن ۾ اهو الڪو لڳل هوندو آهي ته ڪٿي واهه جا بند نه ٽٽي پون. ڇو ته گذريل سالن ۾ برسات کان وڌيڪ تباهي انهن واهن جي بندن جي ٽٽڻ ڪري آئي هُئي. اڳ ته ماڻهو ٻنين جي بندن تي پڻ وڻ لڳائيندا هُئا پر هاڻ اهو رجحان پڻ گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ٻيلن جي حالت تي ڇا ڳالهائجي اُهي ته ايڏو تيزي سان وڍجي رهيا آهن ته شايد ڪجهه عرصي کانپوءِ اسان کي ڪٿي ڪو ٻيلو نظر ئي نه ايندو. ڇو ته ماحول کان وڌيڪ پنهنجي ضرورتن، وڏا وڏيرا ۽ زمينن جا مالڪ ٿيڻ جا شوقين ۽ خواهشمند ٻيلن کي تيزي سان ختم ڪري ٻنيون آباد ڪري رهيا آهن. ماحول جي خرابي جا ڪارڻ جتي ڪارخانن جي زهريلي، گاڏين جي دونهين، فصلن ۾ استعمال ٿيندڙ جيت مار دوائن، شهرن ۾ هنڌ هنڌ تي اڇلايل گند ڪچري کي ڏسون ٿا اُتي وري وڻ انهن مسئلن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اڄ سڄي دنيا ۾ ماحوليات جو عام ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اهو ڏينهن (United Nation Environment Program) هر سال 5 جون تي ملهائيندي آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ ماحول بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ هوندو آهي. 1972ع ۾ اقوام متحده جي انساني ماحول بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ان ڏينهن کي ملهائڻ جو وچن ڪيو ويو ۽ ماحوليات جو پهريون عالمي ڏينهن 1973ع ۾ ملهايو ويو، اهو ڏينهن هر سال مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿيم سان ملهايو ويندو آهي. گذريل سالن ۾ ڪينيا، ٿائيلينڊ، بيلجيم، ميڪسيڪو، سوئيڊن، برازيل، چائنا، برطانيه، ڏکڻ آفريڪا، ترڪي، ڪوريا، روس، جاپان، آسٽريليا، لبنان، اسپين، آمريڪا، روانڊا، انڊيا، منگوليا ۾ پڻ ملهايو ويو آهي ته جيئن ماحوليات بابت وڌ کان وڌ مسئلن کي اجاگر ڪري انهن ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي سگهجن. اقوام متحده ماحولياتي پروگرام سال 2014ع کي Small Island Developing States) SIDS) ننڍا جزيرا (ٻيٽ) ترقي ڪندڙ رياستن جي موضوع طور ملهائي رهي آهي. 2014ع ۾ ماحوليات جو ڏينهن بارباڊوس ٻيٽ تي ملهايو پيو وڃي، جنهن کي ماحولياتي تبديلي، سمنڊ ۾ ايندڙ چاڙهه ۽ سمنڊ جي سطح ۾ ٿيندڙ اضافي جي ڪري خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ماحولياتي تبديلي سبب وڌندڙ گرمي جي ڪري گليشر جي پگهرڻ ڪري سمنڊ جي سطح ۾ اضافو نه رڳو بارباڊوس پر ٻين ڪيترن ئي ٻيٽن لاءِ خطري جو باعث بڻجي رهيو آهي. هڪ پاسي گليشير جو پگهرڻ ته وري ٻئي پاسي وڌيڪ برساتون ۽ شديد گرمي پڻ ان ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿي رهي آهي. ماحولياتي تبديلي بابت هڪ پاسي ته ڳالهه ڪجي ٿي ته اهو سڀ وڌندڙ گدلاڻ ۽ وڻن جي تيزي سان واڍي آهي ته وري هڪ ٻيو نظريو چوي ٿو ته اهو هڪ عمل آهي جيڪو هر 50، 100 يا ان کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ ٿيندو رهندو آهي. ٻنهي ڳالهين کي صحيح مڃجي يا ان مان ڪنهن سان اختلاف ڪجي اهو هڪ الڳ بحث آهي پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪو ماحول کي بچائڻ لاءِ اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا ان تي ضرور عمل ڪيو، هاڻ اسان لاءِ زمين تنگ ۽ آبادي وڌندي پئي وڃي، ان ڪري ڪي وڏي تعداد ۾ ٻيلا لڳڻ يا لڳائڻ جو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي، پر هر ماڻهو پاڻمرادو پنهنجي گهر، گهٽي، ٻنين، روڊ رستن، تعليمي ادارن، صحت مرڪزن، واهن، شاخن جي بندن، آفيسن ۽ ڪارخانن مطلب ته جتي به خالي جاءِ هجي جيڪر ته وڻ پوکجي وڃن ته نه رڳو ماحول صاف ٿيندو پر ان ساوڪ جي خوبصورتي پڻ ڏسڻ وٽان هوندي، اچو ته گڏجي هن ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي وچن ڪيون ته هر ماڻهو هڪ وڻ لڳائي ته شايد اسان جي مُلڪ ۾ ڪروڙين وڻ لڳي سگهن ٿا، ڇو ته وڻ بچائڻ معنيٰ پنهنجي پاڻ کي بچائڻ آهي