ڪَرَهَو ڪميڻيءَ تي, سوڍا وار -سُڄاڻَ ڪُهُ ڪريان ڪاڪ کي ؟ تَنَ توهين تاڻَ لاهي غيرَ گَماڻَ , اَڱَڻَ آءُ اُڪنڍيين. سر مومل راڻو ڪَرَهَو = اُٺُ, راڻو مومل سان ملڻ لاءِ اٺَتي چڙهي ايندو هو. وار- = ورائي اچ, هڪلي اچ, ڪاهي اچ سُڄاڻَ = سياڻو, عقل, فهم, ۽ شعور رکندڙ ڪُهُ = ڇا ڪيان, ڪاڏي ڪيان, ڪيئن ڪيان تَنَ = جان, جسم, بدن, ساهه, دل تاڻَ = ڇڪ, سڪ, طَلَبَ,گهرج, ضرورت غير گماڻَ = شڪ شبها اُڪنڍيين = سڪنديين, واجهائيندڙ, منتظر, جن کي دل ۾ هر وقت ڪُنڍو لڳل آهي, جنهن جون هميشه دڳن ۾ ديدون آهن. * راڻو مومل کان رُسي ويو آهي ڪنهن ڳالهه تي. ڪيترا ڏينهَن ٿيا هن جو مومل کيس ناهي ڏٺو. مومل جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سو مومل منٿون ڪري پئي چئي ته او راڻا مان ته چري ۽ پاڳل آهيان تون ته سياڻو سيبتو آهين .هاڻي ته اٺ تي چڙهي ڪاڪ تي موٽي اچ. * او راڻا تو سوا ڀلا هن ڪاڪ کي ڪاڏي ڪيان, تو سوا ته ڪاڪ زهر ٿي لڳي, سڃي ٿي لڳي. توسان ته هيءَ ڪاڪ سُونهَندي آهي. هاڻي ته هي اکيون توڏانهن پيون تاڻين. تنهنجي سڪ, ڇڪ, اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ پئي گذاريان. .* راڻا شڪُ گمان لاهي, ختم ڪري ڪاڪ تي موٽي آءُ .تنهنجو دل ۾ هر پل ڪُنڍو لڳل رهي ٿو, نه مران ٿي نه جي سگهان ٿي. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل