منصور سرور
سينيئر رڪن
فيروزه لاشاري
عالمي ادب جا ڄاڻون چون ٿا ته هوءَ بي خوف ٿي لکي ٿي. هوءَ پوري سچائي سان اندر جي پيڙائن کي قلم جو سهارو وٺي پني تي اوتي ٿي. نقاد چون ٿا ته هو ايترو ته پختو لکي ٿي جو تنقيد ڪرڻ لا ڪجهه نه ٿو ملي، مزاحمتي ادب جا پارکو چون ٿا ته هوءَ جڏهن لکي ٿي ته نتيجن جي پرواهه نه ٿي ڪري. هن جي تحريرن ۾ اتساهه آهي، اميد آهي، اڳتي وڌڻ جي سگهه ۽ حوصلو آهي. هن جي تحرير ستل ضميرن کي جهنجهوڙي اٿارڻ جي سگهه رکي ٿي. امن جا پرچارڪ چون ٿا ته هن جي تحريرن ۾ ڪوملتا آهي، سنڌو جي لهرن جهڙي نرمي آهي، سنڌ جي سينڌ جهڙي سرسبزي آهي، سانوڻ جي ٿڌڙين هيرن جو تسلسل آهي. اهي سڀ ڪنهن جي ڳالهه پيا ڪن؟ پڪ سان اهو اهڙو ڪو ليکڪ هوندو جنهن پنهنجي زندگي ۾ صدين جا لڪ لتاڙيا هوندا، سورن ۽ سختين جا سمنڊ جهاڳيا هوندا، جنهن تي پيڙائن جي اڻکٽ سنگباري ٿي هوندي پر تحرير جو اهو انداز ته ان ڇوڪريءَ جو آهي، جنهن زندگي جون 31 بهارون ته ڏٺيون پر ان جي گهر جي اڱڻ تي ڪنهن به بهار ۾ ٽهڪن جا گل نه ٽڙيا، مرڪن جي مهڪ نه اٿي، جنهن جي گهر جا ڀاتي ايترا ته اوڄاڳيل آهن جو اهي خوابن کان اڻواقف آهن. تحرير جو اهو انداز فاطمه ڀٽو جو ئي ٿي سگهي ٿو، پاڪستان جي تمام وڏي سياسي خاندان جي باغي راڻي جنهن هٿيار طور قلم کنيو ته عالمي ادب ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو.
گذريل هفتي فاطمه ڀٽو جي 31 هين سالگرهه ملهائي ويئي. فاطمه ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي آهي. فاطمه ڀٽو جي پيدائش 29 مئي 1982ع تي شام جو ڪابل جي ھڪ فوجي اسپتال ۾ ٿي. ان وقت ڪابل ۾ ڪرفيو ھو، جتي فاطمه جي ماءُ فوزيه کي سخت پھري ۾ اسپتال ۾ آندو ويو، تڏهن اھو به خطرو ھيو ته ڪٿي مجاھدين ان اسپتال کي ٽارگيٽ نه بنائين ۽ ان حملي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي باغي پٽن کي ختم نه ڪيو وڃي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجيب طرفان اسپتال ۾ خصوصي انتظام ڪيا ويا ھيا. ايستائين جو ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس زال به اسپتال ۾ پھچي ويا ۽ ان وقت مرتضيٰ ڀٽو، فلسطيني يونيفارم ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ٻاھران ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو. جڏھن فاطمه جو جنم ٿيو ته سندس پيءُ مرتضيٰ جي خيال ۾ ٻه نالا ھئا، جيڪي نئي ڄاول ڌيءَ لاءِ ھن سوچيا ھئا، جن ۾ ھڪ سندس ماءُ جي والده جو نالو فاطمه ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءُ جو نالو خورشيد هو. بعد ۾ ايراني پڙڏاڏيءَ جو نالو فاطمه ئي تجويز ڪيو ويو ۽ اھڙيءَ طرح سؤٽ ۽ چاچي گوگيءَ (شاهنواز) جي ڌيءُ جو نالو سنڌ جي ھڪ لوڪ داستان جو ڪردار ”سسئي“ رکيو ويو. ڏاڏي نصرت چوندي ھئي ته جي مڙس کي قتل ڪيو ويو ته پنھنجي اولاد کان پھرين مرڻ پسند ڪنديس. ھن پنھنجي ڪنھن ٻئي پياري جو موت زندگيءَ ۾ ڏسڻ نه ٿي چاھيو .
فاطمه ڀٽو شروعاتي تعليم آمريڪن اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي برنارڊ ڪاليج مان ۽ ماسٽرس اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هن جيئن ئي هوش سنڀاليو ته ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي جيل ۽ ڦاهي جا قصا ٻڌڻ لڳي، ان کان ترت پو جڏهن کيس موت ۽ وڇوڙي جي پيڙا جي صحيح ڄاڻ نه هئي ته چاچي گوگي جو موت سندس اکين ڏٺو. ڊگهي جلاوطني کانپو پنهنجي وطن وريا ته پيءُ کي ان وقت جيل جي سلاخن پٺيان ڏٺو. پڦي جي حڪومت ۾ پنهنجي ڏاڏيءَ سان گڏ والد سان ملڻ جيل ڏانهن ويندي هئي. اها ان جي لا عجيب ڪيفيت هئي. وري دردناڪ واقعو جڏهن پيش آيو ته ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندڙ پي پي پي جي حڪومت ۽ ان جي پڦي جي وزيراعظم هوندي پنهنجي محبوب پيءُ کي گهر ٻاهران 20 سيپٽمبر 1996ع تي 70 ڪلفٽن کان ڪجهه پنڌ تي شهيد ڪيو ويو. ان دور ۾ کيس سياست جا عجيب روپ ڏسڻ لا سامهون آيا، سانحن پٺيان پيش ايندڙ سانحن فاطمه جي سوچ تي انتهائي منفي اثر وڌا. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو پنهنجي اندر جي پيڙائن ۽ اذيتن ۽ درد ڪٿائن کي بيان ڪرڻ جو رستو ڳولي چڪي هئي ۽ هن ان لا قلم جو سهارو ورتو.
پيش آيل صدمن توڙي جو هن جي نيڻن جو ننڊ سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو هيو پر ماضي جا عڪس هن جي وجود کي ڌوڏي ڇڏيندا هيا. شايد انهيءَ ڪري ئي هن ڪتابن ۽ اکرن کي پنهنجي لا بهترين پناهگاهه سمجهيو ۽ انهي ڪري هو اڄ هڪ سٺي ليکڪا ۽ شاعره طور دنيا جي سامهون آهي. سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان پهريون “Whispers of the Desert” سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، اُها شاعري هن 15 سالن جي عمر کان وٺي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پيءُ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي يادن کي احساساتي روپ ڏنو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’8:50 am‘ آهي، جيڪو 8 آڪٽوبر 2005ع تي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت آهي. هي ٻئي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڇپايا ويا آهن. هوءَ پاڪستان جي وڏين اخبارن ۾ هفتيوار ڪالم به لکندي رهي آهي. هن تازو لبنان جي دوري دوران اسرائيلي حملن متعلق هفتيوار ڊائري به لکي آهي. هوءَ پنهنجي پيءُ جي جدوجهد کي اڳيان وڌائي رهي آهي. فاطمه ڀٽو جو نئون ڪتاب ‘Songs of Blood & Sword’ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جو مهورت اپريل 2010ع ۾ ڀارتي شهر بئنگلور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڌار ڌار ٿيو. هن پنهنجي ڪتاب ”رت ۽ ترار جا گيت، هڪ ڌي جون يادون“ سندس پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ياد ۾ لکيل آهي . اڄ به جڏهن فاطمه مير مرتضى کي ياد ڪندي آهي تڏهن هو معصوم ٻار وانگر اچي هنج ۾ مٿو رکي سمهي پوندي آهي. انهي ڪري شايد فاطمه پنهنجي ماءُ لا چوي ٿي ته هوءَ هڪ مثالي ما آهي بابا جي شهادت کان پو جنهن انداز ۾ اسان کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي يا سازشون سٽيون ويون اهو هڪ المناڪ دور هيو ۽ اڄ تائين سازشن جو سلسلو جاري آهي پر انهن مڙني حالتن ۾ جنهن جرئت ۽ بهادري سان منهنجي ما منهن ڏنو، اسان جي خاندان جي ساک کي سنڀاليو ۽ ڪارڪنن تي شفقت ڀريو هٿ رکيو انهن کي بيان ڪرڻ لا مون وٽ لفظ ناهن.
فاطمه سياست ڪندي يا نه اهو وقت ٻڌائيندو پر هو عوام سان پنهنجي ڏاڏي ۽ پي جيان محبت ڪندي آهي جڏهن به عوام تي ڏکيو وقت آيو آهي ته فاطمه پنهنجي تحريرن ۾ تيزي آڻي عوام جو آواز بڻي آهي ۽ عملي طور انهن جي مدد ڪئي آهي ڀلي چاهي اهو گلگت بلتستان جو زلزلو هجي يا 2010 ڌاري سنڌ ۾ آيل ٻوڏ هجي يا ٿر ۾ ڏڪار هجي هو هر جا تي پهتي آهي ۽ هوءَ ليکڪ جي حيثيت سان سسٽم مان ٻاهر رهندي مسئلن تي آزادي سان آواز بُلند ڪندي رهي ٿي.
ھن پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ياد ڪندي لکيو آھي ته بابا جڏھن ملڪ کان ٻاھر جلاوطن ھو ته به پنھنجي گھر ۽ سنڌ کي ياد ڪندو ھو ۽ ھو جمالو وارو سنڌي لوڪ گيت ترنم ۾ ڳائيندو ھو. ھو سنڌ جو روايتي اجرڪ استعمال ڪندو ھو. شڪارپور جو آچار کائيندو ھو. جيڪو ھن کي شڪارپور مان سوکڙي ٿي ايندو ھو. ھن وڌيڪ اھو به لکيو آھي ته بابا مون سان ڪڏھن به اردو ۾ نه ڳالھايو ۽ ھو مون سان ھميشه انگلش ۾ گفتگو ڪندو ھو. ھن پنھنجي پيءُ ۽ غنويٰ ڀٽو جي شاديءَ ۽ محبت جو احوال به سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪيو آھي، جو ٻنھي جي پھرين ملاقات ھڪ لفٽ ۾ ٿي ھئي، پوءِ اهي آھستي آھستي ھڪٻئي جي ويجھو اچي ويا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنهنجي تحريرن کي ايتري ته ايمانداري سان پڙهندڙن جي سامهون رکيو آهي جو پڙهندڙ يا تاريخ جو شاگرد حيران ٿي ويندو، جيڪا پنهنجي تحرير ۾ ان حد تائين سچائي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.