قصو عورت ۽ ڏيڏر جو ؛)

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2014۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    ”ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾. اديون منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾..“ اڃان هن پنهنجي کوه ۾ ڪريل ڇلڙي تي افسوس ڪيو ئي پئي ته خوشقسمتي سان اهو ڇلڙو نيسر مان ٿي وريو ۽ ٻنيءِ جي پاسي ۾ واپس مليس. هن اڃان اهو ڇلو کڻي چيچ ۾ وڌو ئي پئي ته ڀرسان هڪ ڏيڏر آلن ٻُوڙن ۾ ڦاٿل نظر آيس . ڏيڏر کيس ڏسندي ئي منٿ ڪيس ته جيڪڏهن هوءِ کيس آجو ڪندي هو هن جون 3 خواهشون پوريون ڪندو.
    ان عورت سندس ڳالهه مڃي کيس آزاد ڪيو، جنهن تي ڏيڏر ٿورا مڃيندي چيس،
    ” اوهان جي مهرباني، پر مونکان هڪ ڳالهه چوڻ وسري وئي ته ته اوهان جيڪا به خواهش پوري ڪرڻ لاءِ چوندئو، اوهان جي مڙس کي ان جو ڏهوڻو حصو ملندو.“
    عورت پهريان ته سوچ ۾ پئجي وئي پوءِ ان شرط تي به رضامند ٿي وئي.
    پهرين خواهش ۾ عورت مرضي ڏيکاري تي هوءَ دنيا جي سڀ کان خوبصورت عورت بنجڻ ٿي چاهي. ڏيڏر ياد ڏياريس ته سندس مڙس ڏهوڻو وڌيڪ خوبصورت بنجي ويندو ۽ ٻيون عورتون هن ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿيون. جنهن تي عورت جواب ڏنس، ”ڪا ڳالهه ناهي، مان دنيا جي خوبصورت عورت هوندس ته هو ڪنهن ٻي عورت ڏي ڇو ڀٽڪندو!!؟. “
    ٻين خواهش جي لاءِ عورت دنيا جي امير ترين عورت بڻجڻ جي جي مرضي ظاهر ڪئي. ڏيڏر ياد ڏياريس ته سندس مڙس کانئس ڏهوڻ تي وڌيڪ دولتمند ٿي ويندو. عورت جواب ڏنس، ”جيڪو منهنجو آهي اهو منهنجي مڙس جو آهي، جيڪو منهنجي مڙس جو آهي اهو منهنجو آهي، مان پوءِ به دنيا جي اميرترين عورت ئي رهندس.“
    ڏيڏر ڪجهه پڙهيو ۽ عورت دنيا جي امير ترين عورت ٿي وئي.

    ان کان پوءِ ڏيڏر ٽين خواهش پچيس، جنهن تي عورت جواب ڏنو ته، ”منهنجي ٽين خواهش آهي ته مونکي هلڪڙو دل جو دورو پوي.“
    ـــــــــــــــــــــــــــــ

    ڏٺوَ! عورتن ڪيڏيون هوشيار هونديون آھن، ان ڪري انهن سان گهڻي کئونس صحيح ناهي....

    *خواتين پڙهندڙ توجهه ڏين* هتي اوهان لاءِ هن لطيفي جو اختتام ٿيو. اميد ته هانءَ تي ڇنڊو پيو هوندو. هاڻي خوش ٿيو.
    ــــــــــــــــــــــــــــ
    مرد حضرات هتان کان اڳتي پڙهڻ لاءِ هيٺ اسڪرول ڪن:
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .
    .

    ها! ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو مڙس کي زال کان ڏهوڻ تي *هلڪڙو* دل جو دورو پيو...
    ــــــــــــــــــــــــــــ

    *ڪهاڻي جو سبق* عورتون آهن ته بي عقل پر سمجهن ٿيون ته هو تمام گهڻيون هوشيار آهن. ههههه

    ـــــــــــــــــــــــــــ
    ڀلي ويچاريون مٿي ٿائين پڙهي خوش ٿين. ؛)
    .
    .
    .
    .
    اهي خواتين جيڪا اڃان تائين هي پڙهي رهيون آهن انهن اهو قول صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو ته عورتون ڪنهن جي هڪ نه ٻڌنديون آهن. ؛)
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    :p:p:p:p غلط
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هتي ان مائي وانگر منهنجو هڪ دوست پڻ سوچيندو آهي.. جيسين کيس اهڙو ڪو ڏيڏر ملي تيسين سندس حال ڪنهن ڏيڏر کان گهٽ ناهي... :)
    مان هتي پنهنجي هڪ دوست عرس پريو کي به ٽيگ ڪندس... متان منهنجي ڏسيل مٿئين دوست جي مدد ڪري وجهي.. :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شبير احمد

    شبير احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو