• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
هڪ ڳالهہ تہ اٽل آهي احمد چوي ٿو ، تاريخي سچائي ۽ فطري اصول پٽاندڙ سنڌ رهڻي آهي ، سنڌي مظلوم آهن ، جيت اڳي پوءِ مظلومن جي ٿيندي آهي ، ڇا ڪاڻ تہ هو حق تي هوندا آهن ...،
تاريخ ڏانهن اها پهچ (Mythlael) آهي ، تاريخ ڇا آهي ؟ طاقت ، طاقت ، طاقت ٻيو ڪجهہ بہ نہ ، ريڊ انڊين جو ، يا ٻاهران اچي وسندڙ نو آبدگارن جو ؟ آسٽريليا جا اصل باشندا ڪٿي آهن ؟ خود پنهنجي هندستان کي ڏس دراوڙين ۽ آرين ۾ ! تاريخ جو ڌارو ، دراصل ڪن اخلاقي اصول تي ڪو نہ ٿو رڙهي ، بس Time , Space اندر ڪا اڀريل قوت آهي ، جيڪا فيصلي ڪن رول ادا ڪري ٿي ، پوءِ اهو فورس ، ڀلي نٽشي جو انفرداي فروس هجي ، مارڪس جو ڪلاس فورس هجي ، هٽلر جو نسلي فورس هجي ، بهر حال طاقت ۽ فطري اصول بہ اهوئي آهي تہ ، جو سگهو آهي ، سو رهندو ۽ ڪمزور مرندو ، پوءِ آهستي آهستي يا هڪ ئي دفعي ، ۽ زندهہ رهندو تہ ، محڪوم ٿي .
لڙهندڙ نسل
 
Back
Top