ڀاڱو پنجون ـــ حصو پهريون
ٿر جو احوال
ٿر جا ڀاڱا
ڍٽ ڍري پٽ پييون، پاسي پارڪر (سارنگ)
ٿر جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن، هڪڙو ڍٽ يعني ٿر يا وارياسو ملڪ، ٻيو پٽ يعني ڏاڍي زمين وارو ملڪ. مٿين مصرع ۾ شاهه صاحب پوري ريت ڄاڻايو آهي ته ڏاڍي زمين پارڪر پاسي آهي. مطلب ته ”ٿر“ جدا ۽ ”پارڪر“ جدا آهي، پر ملڪي انتظام جي سهوليت لاءِ اهي ٻئي ڀاڱا گڏي، سڄي ضلعي کي ”ٿرپارڪر“ جو نالو ڏنو اٿس. حقيقتون چوڻ گهرجي ”ٿر ۽ پارڪر“.
ٿر جي جدا جدا ڀاڱن تي اڳي جدا جدا نالا هئا، جي رسالي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سنڌي ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڪينهن، تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
”هن مند مارو سنر، کائر ۾ خوشحال.“
ٿر جو هڪ وڏو ڀاڱو ”کائر جو ٿر“ آهي، جنهن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان جون حدون به ڄاڻايون وييون آهن.
”ستي سيئي ساريا، جي پائر جا پنوهار.“
(مارئي)
ٿر جو ٻيو ڀاڱو ”پائر جو ٿر“ سڏجي ٿو، جو ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ آهي. اهو ٿر ننگر پارڪر ۽ مٺي تعلقن جي ڏاکڻي طرف رڻ سان لڳو بيٺو آهي.
سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
اباڻن جي آسري، ڪتي ڪانه ڪيام،
جا ڍٽ ڍڪيام، تنهنجو پرور پن رهائييين. (مارئي)
جا ڍٽ معنيٰ ٿر يا وارياسو ملڪ، پر حقيقت ڪري اهو به ٿر جي هڪ ڀاڱي جو نالو آهي ۽ ان جون حدون هن طرح آهن. اتر ڏي بهاولپور، روهڙي ۽ خيرپور رياست جو وارياسو ڀاڱو، ڏکڻ ڏي ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ٻلهياري تائين رڻ جي ڪس (دنگ) سان، اُڀرندي ڏي جوڌپور رياست جي سرحد ۽ اُلهندي ڏي نواب شاهه ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڏاڍي زمين واري حد. ٿورن لفظن ۾ هن طرح چئبو ته کائر آهي ٿر جي اتر ڏي، پائر آهي ڏکڻ ڏي ۽ انهن ٻنهي ٿرن جي وچ وارو وارياسو ڀاڱو ”ڍٽ“ سڏجي ٿو.
ڍٽ جي حد وڏي آهي تنهن ڪري ٿري ماڻهن ان جي جدا جدا ٽڪرن تي ڌار ڌار نالا رکيا آهن. مثلاَ ڏيپلي تعلقي جو ڳچ ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو ٿورو ڀاڱو انهن ٻنهي کي گڏي ”سامروٽي“ چون ٿا. رسالي ۾ اهو نالو ڄاڻايل ڪونهي، پر ويڙهي جهپ جو ڳوٺ سامروٽي ۾ آهي، تنهنجو نالو ڏنل آهي ۽ ان جو ذڪر اڳيئي ڪيو ويو آهي.
ٿر جي الهندي طرف وارو ڀاڱو جنهنجي سنڌ ڏانهن مهڙ آهي، تنهن کي ٿري ماڻهو عام طرح ”مهڙاڻو“ يا ”مهڙي“ (موهڙي) سڏين ٿا.
”موهڙي مارئڙن کي، واحد ڏيج وسي“ (مارئي)
هن مصرع ۾ شاهه صاحب مارئي جي واتان چوائي ٿو ته نه رڳو ٿر ملڪ وسي، پر ٿر جو مهڙاڻو يعني سنڌ وارو پاسو (ٽنڊو باگو، بدين تعلقا وغيره) به وسي. مطلب ته هتي به پنهنجي سنڌ ملڪ لاءِ ڌڻي کان دعا گهري اٿس، جا ڳالهه سندس وطن دوستي جو ثبوت ڏئي ٿي.
”ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا“ (مارئي)
ٿر ۾ ڪنهن هنڌ هڪ ٻه کوهه کڻي، پوءِ ان جي آسپاس ننڍا ننڍا ڳوٺ، پاڻي جي سهنج ڪري، ٻڌي وهن ته انهن سڀني ڳوٺن کي به گڏي ”ٿر“ چون. ٿر ۾ جڏهن سوڍن جي صاحبي هئي تڏهن ”ڍٽ“ جي گاديءَ جو هنڌ امرڪوٽ هو ۽ ٻين هنڌ سندن صوبا ڪاروبار هلائيندا هئا. هر هڪ صوبي جي هٿ هيٺ پندرهن ويهه بلڪ وڌيڪ ٿر هوندا هئا ۽ اهو سمورو هنجو راڄ ليکبو هو. اهڙي طرح هر هڪ مکيه ٿر جا ننڍا ڀاڱا به ”ٿر“ سڏبا هئا. مٿين مصرع ۾ مارئي چوي ٿي ته هر هڪ ٿر ۾ منهنجي مارئڙن جا ٿاڪ (ماڳ) آهن.
----------------------
حوالو:
ڪتاب ــــــــ لطيفي سئر
ليکڪ ــــــــــــ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
پهريون ڇاپو ـــــــــــــ 1928ع
--------------------------------------------
هي معلومات فيسبڪ جي هيٺين پيج تان کنئي وئي آهي
https://www.facebook.com/AsanJoBhitaiWadiGalhAa
نوٽ:ـ دوستن کي گذارش آهي ته وڌ کان وڌ هن پيج جي معلومات کي عام ڪريو، شيئر ڪريو،
ڪمينٽس ڪريو جنهن معلومات جي باري ۾ اوهان کي ڪو شڪ شبهو هجي،
هن پيج کي وڌ کان وڌ دوستن تائين پهچايو ۽ کين لائيڪ ڪرڻ لاءِ عرض ڪريو. اسان اڳتي به تمام گهڻي معلومات ڀٽائي ۽ ان جي شاعري جي باري ۾ پوسٽ ڪندا رهنداسون.
اسان کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي، پيج کي وڌ کان وڌ لائيڪ ڪري اسانجو حوصلو وڌايو ۽ اسان جي منصوبي (ڀٽائي جي باري ۾ مڪمل ۽ تحقيقي ڄاڻ هر ماڻهو تائين) کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.
----- جئي سنڌ، جئي لطيف — — — — —