هندستان فلم انڊسٽري ۾ هاليووڊ سان مقابلو ڪندڙ شايد اڪيلو وڏو مُلڪ آهي ۽ بالي ووڊ وارا ڪافي ترقي ڪري چُڪا آهن. تازو هنن پنهنجي سؤ ساله تاريخ به ملهائي آهي. ڪُجهه ڊائريڪٽر ۽ ائڪٽر ته بلڪل تاريخ بڻجي پيا. توڙي جو ورهاڱي کان اڳ هتان جي ماڻهن به انهيءَ ۾ حِصو ورتو ٿي ۽ پهرين سنڌي فلم ايڪتا ماتلي جي هڪ ثقافت پسند زميندار رئيس ڪريم بخش نطاماڻي ٺاهي پر ورهاڱي کان پوءِ اسان وارو پاسو انهيءَ ڪم ۾ پوئتي رهجي ويو ۽ هو اڳتي وڌندا ويا ايستائين جو هُنن تاريخي واقعن ۽ ماڳن تي ٺهندڙ فلمن ۾ خوب نڀايو. گُذريل وقت جي ماڳن ۽ ماڻهن کي انهيءَ انداز سان ڏيکارڻ جو بلڪل هو بهو اهو ماحول لڳي اهو ڪمالِ فن وٽن آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن اسان وٽ موئن جي دڙي جي لتاڙ ۾ ڄٽ ته ڄٽ پر پڙهيا لکيا ۽ وس وارا به پيا پاڻ ملهائن ته انهيءَ عظيم ورثي کي ڀيٽا ۽ انهيءَ دؤر جي عڪاسي به اڄ هندستان جي هڪ ڊائريڪٽر پنهنجي ذِمي کنئي آهي جيڪو اڳ به اهڙين فلمن ٺاهڻ ۾ مشهور آهي. انهيءَ ڊائريڪٽر جو نالو آهي آشوتوش گواريڪر جيڪو هن کان لگان ۽ جوڌا اڪبر جهڙيون مقبول فلمون ٺاهي چُڪو آهي. آشتوش جي ڪاميابي پُٺيان سندس جدوجهد ڀري زندگي ٿي ڏِسجي جيڪا مسلسل محنت جو ٻيو نالو ٿي ڏسجي. پاڻ اداڪاري به ڪيائين ۽ حيرت انگيز طور تي هڪ غير مقبول سيريز سرڪس (1989 دؤر جو ڊرامو) اڄ جي باليووڊ ڪنگ خان شاهه رُخ سان گڏجي ڪم ڪيو هُئائين. توڙي جو اهو ڊارمو ته ڪو خاص نه هليو پر هي ٻئي اڄ فن ۾ ڪمال تي پُهتل آهن. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته رومانس جي آئڪون شاهه رُخ ڪيترن ئي قِسمن جا رول ڪيا جيڪي ڪامياب ويا ۽ هن جون فقط اُهي ئي فلمون ڪامياب ويون جيڪي هن تاريخي تي ٺاهيون مثال طور لگان ۽ جوڌا اڪبر. جڏهن ته شاهه رُخ سان ئي ٺاهيل فلم سوديش به ڪامياب نه ٿي جنهن ۾ توڙي جو هڪ وڏو مقصد ۽ پيغام سمايل هو.
سنڌو تهذيب جي سڀ کان وڏي شهر موهن جو دڙو لاءِ به ٿيڻ ته ايئن گهُرجي ته ڪُجهه سين اصل ماڳ تي فلمايا وڃن پر هن مُلڪ جي سيڪيورٽي ۽ هندستان سان اصل کان ڪشيده تعلقات وڏ سبب آهن انهن جي هتي نه اچڻ جا. نه 2013 ۾ ڄڳ مشهور ڊان دائود ابراهيم تي ٺهيل فلم D-Day به جيڪر ڪراچي ۾ فلمائن ها ۽ ڪڇ ڀُڄ جا سين به اصل ماڳ تي ٿين ها. يقينن کين انهيءَ دؤر کي ڏيکارڻ لاءِ اهو موئن جو دڙو تباهه يا اونڌو ٿيل نه پر اصل هالت ۾ ڏيکارڻو پوندو جنهن ۾ اهي وڏيو ويڪريون گليون به ڏيکارڻيون پونديون ته سئمنگ پول به ڏيکارڻو پوندو ۽ تجارتي مرڪز پڻ. پر يقينن کين هاڻ وارو موئن جو دڙو به فلمائڻو پوندو جيڪر اهو اصل ماڳ تي فلمائن ته بهتر. ڊائريڪٽر پاران وڏي وقت کان انهيءَ پروجيڪٽڙ هلندڙ ڪم ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ريتڪ جي چونڊ ٻوڌائي ٿي ته هي هڪ شاندار فلم هوندي. افسوس سان اسان جي موجوده حالتن ۾ ڪنڌ اوچو ڪري پاڻ کي تهذيب آفته هُجڻ لاءِ اهو وڏو ذريعو ئي بچيو آهي جنهن انهيءَ انداز سان پاڻ ئي پيش ڪجي ها ته ڀلو هو پر جيڪر هندوستان وارا ڪن پيا ته اهو به ڀلو. اسان کي 5000 سالن اڳ اهو شهر ڪيئن هو؟ جو جواب ڏيڻ لاءِ خيالي تصويرن سان وڊيو به هندوستان جي هڪ شاگرد ڏني. اسان وٽ ته اڃان اها لپي ئي ناهي سمجهي وئي جيڪا موئن جي دڙي مان ملي پر انڊيا جي هڪ تحقيقدان شاگرد پنهنجي تصور ۾ موئن جو دڙو کي ڪيئن ڏٺو اهو هڪ دلچسپ نمونو آهي۔ هتي اوهان جي پسند خاطر اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو.
سنڌو جي تهذيب ته مون کي انهن ڏينهن ئي موهي وِڌو هو جڏهن مون انهي بابت اسڪول دؤر ۾ تاريخ جي مضمون ۾ پڙهيو هو. توڙي جون مون ڪيتريون ئي ٻيون فلمون ٺاهيون پر موئن جو دڙو سدائين منهنجي دماغ تي ڇانيل رهيو. جوڌا اڪبر ٺاهي وٺڻ کان پوءِ مون موئن جو دڙو تي وڌيڪ سوچڻ شروع ڪيو ۽ پڙهڻ لڳس. تحقيق ڪندي انهيءَ نتيجي تي پُهتس ته انهيءَ دؤر بابت تمام گهٽ معلومات موجود آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ دؤر بابت تمام گهڻا احساسن سان ڀريل قصا ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون پر اڃان به گهڻو ڪُجهه آهي جيڪو وسريل يا نظر انداز ٿيل ٿو لڳي ۽ مون کي لڳو ته آئون اهو سڀ پنهنجي فلم ۾ پيار ڪهاڻي جي انداز سان آڻي سگهان ٿو. اهو سوچي مون هڪ پيار ڪهاڻي لکي جيڪا انهيءَ دؤر مان گُذري ٿي. توڙي جا اها بُنيادي طور بس هڪ پيار ڪهاڻي ئي آهي. جيڪا اوهان کي رُڳو پيار ڪندڙن جي نظر سان موئن جو دڙو کي ڏيکاري سگهي ٿي.
ها بلڪل ۽ مون ڪافي تحقيق ڪئي به آهي. مون ذري گهٽ اُهي سڀ ڪتاب پڙهيا آهن جيڪي آثارِ قديمه جي ماهرن موئن جو دڙو تي تحقيق ڪندي لکيا آهن. مون کي نه ٿو لڳي ته هاڻي ڪو اهڙو ڪتاب رهيو هوندو جيڪو موئن جي دڙو تي هُجي ۽ مون نه پڙهيو هُجي. آئون هڙاپين شهر ”ڍولاويرا“ جو ڀيرو به ڀڃي آيو آهيان جيڪو هتي انڊيا ۾ آهي. اهو اڪيلو شهر آهي جيو اندس ويلي تهذيب دؤر جو آهي ۽ اڄ به قائم و دائم آهي.
بهترين ليک... يقين نه ٿو اچي... ته هتي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي جنهن کي کنڊر سمجهن ٻاهر انهن کي وڏي اهميت پئي ملي...
خيال ته واقعي ئي ڀلو آ... ۽ جيئن بقول توهان جي ته هتي اچڻ جي اجازت هجي ته اڃان بهتر طريقي سان ڪم ٿي سگهيو ٿي... خاص طور جڏهن موئن جي دڙي جو فزيڪيلي ۽ روبرو تحقيقي دورو ڪيو ويندو ته يقينن اهي پاسا به وائکا ٿي پوندا جيڪي متان بي خيالي ۾ رهجي وڃن...
اميد رکجي ٿي ته هي فلم روايتي طريقي بجاءِ درست طريقي سان تيار ڪئي ويندي.. گڏ ان دور جي عڪس، ان دور جي ترقي جي رازن ۽ تباهي جي سبب کي به فلمي انداز سان ڏيکاريو ويندو...
هتي پنهنجي دوست رنجيت کي به ٽيگ ڪريان ٿو جيڪو هن وقت انڊيا ۾ آهي... ۽ ممڪن آهي ته ڊي اين اي انڊيا جي ان رپورٽ بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيل پيش ڪري