• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڀ آسمان سڀ ڳاڙهو جنهڊو هيو

اڀ آسمان سڀ ڳاڙو جهنڊو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
جنهن جي مورت مٺي جنهن جي صورت سٺي
قول پنهنجي قوم سان پاڙي سڀ پورا ڪندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
هر اشو سنڌ تي للڪار ٿي لهندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
سنڌ پوري گهميو پيادل ٿي پيچرن
وک هميشه وڏي وڏو رکندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
سنڌ جي سوچ جنهن جي سيني ۾ هئي
سو ته سنڌين جي روح ۾ رهندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
ساه سنڌ ۾ سدان جنهن جي سيني رهيو
ديس دشمن جي اک ۾ سو ته ڪنڊو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
هن جي دل ۾ سدان سڪ رهي سنڌ جي
ڳالهائڻ ۾ سدان جو مرڪندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو
آسماني اڇل هن جي آغوش ۾
هر سنڌ جي مسئلي تي مچندو هيو
ڪو ته بندو هيو ڪو ته بندو هيو .....بشير خان کي ڀيٽا
 
Back
Top