• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوفناڪ جايون ، جتي هاڻي ڪير به نٿو رهي.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو ! اميد ته خوش خيريت سان هوندا.
اڪثر ماڻهون اهڙن محلن، يادگار ۽ خوبصورت جڳهن جي سير ڪرڻ گھرن ٿا ، جنهن جون ماضيءَ سان ڪهاڻيون لاڳاپيل هجن. پر دنيا ۾ اهڙا به هنڌ آهن جيڪي ڪنهن دور ۾ آباد هئا ۽ هاڻي ويران نظر اچن ٿا ، انهن هنڌن جي ويراني ئي انهن کي خوفناڪ بڻائي ٿي.اڄ توهان کي ڪجهه اهڙن جڳهن جي باري ۾ ٻڌائيندس ۽ تصويرون به ڏيکاريندس.


47576_20.gif

هيءَ جيل پنسلوانيا جي علائقي Philadelphia ۾ 1829 ۾ کوليو ويو ۽ 1971 ۾ بند ڪيو ويو . هتي Willie Sutton (بينڪ ۾ ڌاڙو هڻندڙ) ۽ Al Capone (آمريڪي گينگسٽر) جهڙا قيدي رهايا ويندا هئا..


47576_16.gif

El Hotel del Salto نالي هيءَ هوٽل 1928 ڌاري ڪولمبيا ۾ تعمير ڪيو ويو، هي انهن سياحن لاءِ کوليو ويو جيڪي هوٽل ويجھو Tequendama آبشار ڏسڻ ايندا هئا. بدقسمتي سان اهو آبشار آلوده ٿي ويو ۽ سياحن اچڻ بند ڪري ڇڏيو . جنهن کان پوءِ هوٽل بند ڪيو ويو ۽ هاڻي هيءَ هڪ ويران جڳهه آهي.


47576_04.gif

هي هڪ ختم ڪيل پاور پلانٽ آهي جيڪو بيلجيم ۾ ٺاهيو ويو.


[IMGhttps://web.archive.org/web/20140603013229/www.hamariweb.com/images/articles/articles/47576_06.gif[/IMG]
هن تباهه ٿيل جهاز ايس ايس آمريڪا 54 سالن تائين پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1994 ۾ ان جو استعمال بند ڪيو ويو ان وقت هي بحري جهاز ڪينري آئي لينڊ جي Feurteventura نالي ٻيٽ جي ڪناري بيٺل آهي.


47576_08.gif

پاڻي تي تعمير ڪيل هي قلعو برطانيه ۾ سمنڊ جي ڪپ تي آهي. هي قلعا ٻي مهاڀاري ويڙهه دوران ٽيمز درياءَ جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا هئا.


47576_10.gif

هي مشي گن سينٽرل اسٽيشن آهي جيڪا مشي گن جي علائقي ڊيٽرائيٽ ۾ آهي.هي مشي گن جو هڪڙو ئي مسافر ريل گاڏين جي سامان جو مال خانو هو. جنهن کي 1988 ۾ بند ڪيو ويو.


[IMGhttps://web.archive.org/web/20140603013229/www.hamariweb.com/images/articles/articles/47576_12.gif[/IMG]
Dadipark نالي هي ٻارن جو پارڪ بيلجيم جي علائقي Dadizel ۾ 1950 ۾ ٺاهيو ويو ۽ 2002 ۾ ان کي بند ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هي مڪمل ويران آهي.



47576_14.gif

ونڊرلينڊ تفريحي پارڪ جي اڏاوت جي شروعات چين جي شهر بيجنگ ۾ ڪئي وئي ۽ هي ايشياءَ جو سڀ کان وڏو تفريحي پارڪ هو پر مالي بُحران جي ڪري هي اڃا به مڪمل نه ٿيو آهي ۽ هاڻي ويراني جي ور چڙهيل آهي.


47576_18.gif

هي ريل جي پٽڙي ميسوري جي علائقي Lebanon ۾ آهي، پر هاڻي هتان ريل نٿي هلي.


47576_02.gif

هي سٽي هال اسٽيشن ، نيويارڪ ۾ 1904 ۾ اڏيو ويو ۽ 1945 ۾ بند به ڪيو ويو . ان کي روزانو صرف 600 ماڻهو استعمال ڪندا هئا.​


فاروق سومرو ، سليمان وساڻ ، عبدالغني لوهار محمد جان زريناڻي ذيشان رشيد شيرين ممتاز قريشي سمير عبدالله

مست ڦلپوٽو فقير عمران درويش سومرو عاشق سولنگي رياض حسين گلال ممتاز علي وگهيو نثارناز نثارابڙو رحيم بخش عرس پريو ڏاڏل شينو افتخار علي چوهاڻ جهاندادسمون رضوان علي جمالي يونس ملڪاڻي غلام مصطفي ميمڻ شاهين لطيف ، سنڌي ،
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هل چري... اسان ته دنيا کي هميشه خوبصورت سمجهندا رهياسين... پر هتي ته خوفناڪ به سمجهي پئي وڃي.... هوئن جيڪر ڏٺو ڃي ته سندس خوفناڪي وارا هنڌ به ڪيڏا نه خوبصورت آهن... هتان جا قيدي ڇا آزاد ماڻهون به اتي رهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا... جي خوفناڪي ڏسڻي آهي ته اتان جي انگريزن کي هتان جا آباد علائقا ڏسڻ گهرجن ... اصل پنهنجي علائقن کي خوفناڪ چوڻ ئي ڇڏي ويندا.. :)
 
هتان جي قيدي ڇا آزاد ماڻهون به اتي رهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا... جي خوفناڪي ڏسڻي آهي ته اتان جي انگريزن کي هتان جا آباد علائقا ڏسڻ گهرجن ... اصل پنهنجي علائقن کي خوفناڪ چوڻ ئي ڇڏي ويندا.. :)

هههههه.
ڪراچي ۾ جيڪر انگريز آيا ته انهن کي مٿي ذڪر ڪيل هنڌ وسري ويندا..:eek: اصل ڀڄي جان ڇڏائيندا.. :p:)
 
موضوع جو عنوان پڙهي پهرين مون سمجهيو ته جنن ۽ ڀوتن وارين جاين بابت ڄاڻ ڏنل هوندي پر هتي دنيا جي ڪجهه مشهور ويران جاين جو ذڪر ڏنو ويو آهي...بحرحال تمام سُٺي ۽ دلچسپ ڄاڻ آهي....:)
انهن جاين کي ڏسي خيال آيو ته ڪئين سال اڳ تعمير ٿيل اهي جايون ڪيڏيون نه مضبوط ۽ خوبصورت آهن. اسان ته انهن جي مقابلي ۾ ٻه ٽي سو سال پوئتي آهيون....!!:confused:
 
ڪل تڪ جو صاحبِ نوبت ٿَيِ نشان نيهن اُن ڪَي آج
بعد فنا ڪه آپ رهَي ڪفن ڪه محتاج
درويش و غني رَهَي اس ڪه شاقي
بتلاؤ ڪه دنيا ني ڀي ڪسي سي وفا ڪي
سائين ٽيگ ڪرڻ جون مهربانيون
 
تمام سٺي نموني سان اوهان هن موضوع کي سهيڙيو آهي. سچ ته دلچسپ ۽ ڄاڻ وارو موضوع آهي.
 
ادا عبيد تمام سٺو البم ونڊ ڪيو اٿئو تاريخي جاين بابت معلومات ۾ اظافو ٿيندو
لک ٿورا ٽيگ ڪرڻ جا
خوش رهو ۽ آباد رهو
 
Back
Top