ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپڙي, لاهي وهُ مَ لاڳَ تان مُون هنئڙو ماڳَ,جان تون جوڳي جُوءِ ۾. سر مومل راڻو ڀيرو = اچڻ وڃڻ, ملڻ جُلڻ, مُنهُن ڏيکارڻ ڀَڃُ = ختم ڪرڻ, ڦٽي ڪرڻ مَ = نه, هرگز ڪاپڙي = مسافر سپرين, ڪاپڙي جوڳي فقيرن کي چئبو آهي جي گيڙو رتا ڪپڙا اوڍيندا آهن ۽ سندن سڄي زندگي سفر ۾ گذرندي آهي. وهُ = ويهه لاڳَ = اصل گجراتي لفظ لگو مان ورتل, محصول, ڍل, پر هتي معني' ٿيندي واسطو, لاڳاپو هنئڙو = دل, ساهه ماڳَ = جُوءِ,جاءِ تي, اصل هنڌ تي, ساڳي جاءِ تي. * مومل راڻي کي ٿي چئي ته او راڻا مسافر سپرين هي روز روز اچڻ وڃڻ ۽ ملاقات وارو سلسلو ڪڏهن به بند نه ڪجان. * راڻا تيسين منهنجي دل کي آٿت, ڏڍ, آسرو ۽ دلجاءِ هوندي جيسيتائين تون منهنجي ويجهو هوندين ۽ مون سان گڏ هوندين. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
سوڍا سُورَ سُڪائيون, اکيُون آب نه ڪَن راڻي جي رهاڻ کي, وَرُوڻيون وَڃَن سي ڪيئن مينڌرا مَچَن, جي تو سوريءَ چاڙهيون. سر مومل راڻو سُڪائيون = خشڪ ڪري ڇڏيون اکيون آب = اکين جو پاڻي, ڳوڙها, لڙڪ, لڙڪن لارون رهاڻ کي = خاطر, واسطي ڪَري, صحبت لاءِ سڪندي وَرُوڻيُون = سڪي ويون, خشڪ ٿي ويون, اکين مان ڳوڙها اچڻ بند ٿي ويا. مَچَن = خوش ٿين, خوش گذارن سُوريءَ = ڦاسيءَ * او سوڍا ! تنهنجي وڇوڙي ۾ روئي روئي منهنجي اکين مان هاڻي ته ڳوڙها اچڻ به بند ٿي ويا آهن. گهڻي ڏک جي ڪري جگر لهسجي پوندو آهي, دل جو رت سڪي ويندو آهي تنهنڪري اکين مان ڳوڙها به سُڪي ويندا آهن. * او راڻا ! تنهنجي صحبت لاءِ سڪندي, تنهنجي محبت ماڻڻ لاءِ هي منهنجا نيڻ ته هاڻي کامي, پڄري ۽ سڙي خشڪ ٿي ويا هن. * او مينڌرا ! جن اکين کي تو وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو عذاب ڏنو آهي سي ڄڻ ڦاسيءَ تي چڙهي ويون آهن. تنهنجي رهاڻ ۽ صحبت کانسواءِ ڀلا ڪيئن خوش گذارينديون. سمجهاڻي * ڦاسي ته ماڻهونءَ کي ايندي آهي اکين کي نه, پر هن بيت ۾ ڀٽائيءَ شاعراڻي نازڪ خيالي ۽ نفاست استمعال ڪئي آهي. محبوب جي جدائيءَ ۾ جيڪا آنڌ مانڌ, لڇ پڇ, پيڙا, اوسيئڙو, انتظار, اذيت ۽ عذاب آهي اهائي اکين جي لاءِ ڦاسي آهي. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل