• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صبر ۽ سهپ

شيخ صاحب خان

سينيئر رڪن
صبر ۽ سهپ

نفس پرستيءَ نه صرف خود اعتمادي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آ،
پر!!
اندروني طور پنهنجو پاڻ مان ڪڪ ڪري ڇڏيو آ .
ساڙ حسد جهڙي ڏنگيندڙ طرزِزندگي!!...
اُڏهي وانگر اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آ.
خوش بخت حيثيت کي هٿ ڪرڻ جي آرزو!!
مثبت روين کي احمقانا ۽ مقروح ڪري ڇڏيو آ.
غريب سوچ و فڪر !!
اخلاقي قدرن جي پائيمالي!!
ازل کانوٺي،،،،
زندگيءَ جي حقيقتن سان ٺاه ڪرڻ بجاءِ،
دل دماغ کي ڏاڍو ڪمزور ڪري ڇڏيو آ.
اشد ضرورت!!
ساڙ حسد واري غلط طريقي زندگي جي آيل اُٿل کي روڪڻ...
پنهنجي پگھر جي پورهئي سان پيٽ پالڻ...
صبر ۽ سهپ جي لياقت، خواهش ۽ عادت کي زنده ڪرڻ....

شيخ صاحب خان
 
Back
Top