ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل سنڌ جي سرزمين اوليا الله، بزرگانِ دين، اهلِ علم، آفاقي شاعرن ۽ قلندر منش عظيم انسانن جي ڌرتي رهي آهي. هتي ايڏا ته عظيم انسان پيدا ٿيا آهن جو اهڙن عظيم انسانن جي زندگي جو مطالعو ڪري ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. اهڙن عظيم شخصيتن ۾ علامه غلام محمد مهيسر رحه جو به شمار ڪيو وڃي ٿو. خيرپور رياست جي گمبٽ تعلقي ۾، کهڙن جي ڳوٺ جي ڀر ۾ واقع مهيسرن جي ڳوٺ ڪمال ديري ۾ 1248هه مطابق 1832 عيسوي ۾ مشهور علمي خاندان آخوند ميان عبدالڪريم جي گهر ۾ سندس ولادت ٿي. پيدائش وقت سندس نالو غلام محمد رکيو ويو. سندس والد ميان عبدالڪريم به هڪ عالم هو، کيس اها علميت سندس پيءُ مولوي ميان فقير محمد مهيسر کان حاصل ٿي هئي. ميان فقير محمد هڪ جيد عالم، عربي ۽ فارسي جو ماهر، اعليٰ پايه جو خطاط ۽ بهترين ڪاتب هو. سندس لکيل لکڻيون به خانداني ڪتب خانن ۾ محفوظ آهن. ميان غلام محمد جو ننڍي عمر کان ئي تعليم ڏانهن لاڙو هو. انهيءَ ڪري پاڻ حصولِ تعليم خاطر گهر کي خير آباد چئي تقريبن پنهنجي اڌ عمر علم حاصل ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي. شروعاتي تعليم تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ پنهواري شريف ۾ حاصل ڪئي. اها درس گاهه هئي مولانا عبدالقادر انڍڙ جي مشهور درگاهه، اتان تحصيل حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڃي شهدادڪوٽ جي مشهور درگاهه ۾ موالنا ميان گل محمد شهدادڪوٽي ۽ سندس ڀاءُ علامه ميان غلام صديق شهدادڪوٽي جا شاگرد رهيا ۽ وٽانئن فارغ التحصيل ٿيا. اتي سندس هم مڪتب ۽ ڪلاس فيلو جيڪي شاگرد هئا انهن مان مولانا حسن الله پاٽائي، ميان نصرالله نصرآبادي ۽ مولوي عبدالمجيد ڪلهوڙو خاصي شهرت ۽ بلند پائي جا بزرگ ٿي گذريا آهن. ميان غلام محمد تعليم مڪمل ڪرڻ بعد واپس موٽي مهيسرن جي وانڍ يعني ڪمال ديري آيا ۽ زندگي درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيا. وڏو محقق ۽ عظيم صحافي ۽ سياستدان پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته ”(غلام محمد مهيسر) عالم هو، پر فقير قسم جو. علم جي پختگي جو پهريون نشان آهي ته انسان جي طبيعت ۾ نرمي ۽ نوڙت پيدا ٿئي. عالم سڏائي غرور ڪري، سمجهو ته پڙهيو آ پر ڪڙهيو ڪو نه آهي... علامه ڪوشش ڪندو هو ته علم ۽ فقيري ٻنهي کي لڪائي. گهڻي تعداد ۾ ماڻهو کانئس دعا پنڻ ويندا هئا. دعا سان گڏ مهمانداري ۽ خدمت به ڪندو هون.“ سندس سوين شاگرد پيدا ٿيا جن علم جي روشني کي اڳتي ڦهلايو. سندس معروف شاگردن ۾ مخدوم ميان الله بخش عباسي کُهڙائي (جيڪو بعد ۾ والي خيرپور رياست مير علي نواز ناز جو استاد رهيو)، مولوي عبدالحق ناريجو خيرپور وارو، مولوي الهرکيو جتوئي ڳوٺ سونو جتوئي ضلع گهوٽڪي، مولوي ميان عبدالمالڪ ناريجو ڳوٺ ٺٽي ضلع خيرپور مولوي جان محمد ڪلهوڙو گهاڙ وارو جيڪو مولانا جان محمد عباسي نائب امير جماعت اسلامي جو ڏاڏو هو ۽ ٻيا ڪيترا هئا جن وٽائنس فيض حاصل ڪيو هو. ميان غلام محمد مهيسر رحه پنهنجي شاگردن جي علمي ۽ روحاني تربيت تي خاص توجه ڏيندا هئا. گڏوگڏ کين سندن عملي زندگي جو به اونو رهندو هو. انهيءَ ڪري فارغ التحصيل شاگردن کي ضروري ڪتابن سان گڏ طب ۽ علم ڪيميا جا ڪتاب به سندن حوالي ڪندا هئا ته جيئن سندس شاگرد عام ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو گذر سفر به آساني سان ڪري سگهن. سندن خيال هو ته ديني خدمت ڪرڻ وارا معاشي طور ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلائين. اها سوچ هڪ عظيم استاد ۽ باعمل عالم ۽ فاضل جي هوندي آهي. دراصل علامه علمِ طب جو ماهر هو ۽ ماڻهن کي دعا سان گڏ دوا پڻ ڏيندو هو. پاڻ نه فقط تصوف ۽ نحو جي علم جو ڄاڻو ۽ خط فارسي (جنهن ۾ ڪيتري به ڊگهي مضمون کي مختصر ڪري لکي سگهجي ٿو) جو ماهر، بهترين ڪاتب ۽ خطاط هو. سندس قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ علمِ فن ۽ زندگي جي هر عنوان سان لاڳاپيل ڪتاب ۽ مخطوطات موجود آهن جن ۾ خاص طور حديث، فقه، تفسير، منطق، تاريخ، تصوف ۽ طب جي ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ بيحد ضروري آهي. پاڻ جن ڪتابن جو زياده تر مطالعو ڪندا هئا، انهن مان چند جا نالا ڏجن ٿا: ”عين العلم“ (تصوف)، ”فقه قدوري“، ”سڪندر نامه“، ”تهذيب منطق“، ”پندنامه“ شيخ فريد الدين عطا ۽ ”مڪاشفه القلوب“. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي علامه غلام مهمد مهيسر رحه جي باري ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن مان علامه صاحب جي جرئت رندانه ۽ بي باڪي جو اظهار ٿئي ٿو. صديقي صاحب لکن ٿا ته هڪ دفعي مير علي نواز خان ناز واليءَ خيرپور اسٽيٽ (1936-1921) ڪنهن طريقي سان مولوي غلام محمد مهيسر کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرايو. مير صاحب جي ڪوٽڏيجي قلعي ۾ اڪثر موسيقي جي محفلن جو انعقاد ڪيو ويندو هو. سو هن دفعي به مير صاحب علامه صاحب کي گهرائي پاڻ سان گڏ ويهاري محفل موسيقي جو آغاز ڪرايو. هڪ ڳائڻي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ موسيقي جي محفل مچڻ لڳي. مير صاحب موسيقي جي محفل ۾ ايترو ته مستغرق ٿي ويو جو کيس ڪو به ڌيان نه رهيو، اوچتو مير صاحب محسوس ڪيو ته مولوي غلام محمد بنا اطلاع جي اٿي هليو ويو آهي. سندس ڳولا ڪئي ويئي. آخر ڏٺو ويو ته هو هڪ ڪنڊ ۾ پري منهن ڦيرائي ويٺو هو. درٻاري ڳولي علامه صاحب کي مير علي نواز خان ناز جي سامهون وٺي آيا ته مير صاحب کي هن بي ادبي جو جواب ڏين. پاڻ وڏي جرئت سان ڪاوڙ ۾ جواب ڏنائون. مولوي غلام محمد بيحد سنجيده هو ۽ مير صاحب حيرت مان کيس ڏسي رهيو هو. دراصل علامه ڪڏهن به سياست ۽ دنياداري کي پاڻ تي مسلط ٿيڻ نه ڏنو ۽ سچ چوڻ کان نه مڙندا هئا. سندس فتوائون ضرب المثل طور مشهور آهن. انگريز سول جج خاص مقدمن ۾ جن جو شريعت سان تعلق هوندو هو کيس آربيٽريٽر (مصنف) مقرر ڪندا هئا ۽ اڪثر ميان صاحب پاران جاري ڪيل فيصلي کي عدالتي ڊڪري طور جاري ڪندا هئا. هن چوڻ ۾ بلڪل وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته ميان غلام محمد مهيسر هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ بلند پايه جي عالم هئڻ سان گڏ، فقيه ۽ مفتي به هو. سندس شمار اهل الله ۽ صاحب طريقت ۽ شريعت ۾ ٿئي ٿو.