• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

.......ڀولڙا گڏهن تي سواري ڪن ٿا....

منصور سرور

سينيئر رڪن
شوڪت لوهار
ans_08062014012439.jpg

هي سڄو نظام ڪنهن اهم نظام جو حصو آهي. نظام ۾ هميشه نظم و ضبط رهڻ ڪري ان مان لاڀ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. نظام ۾ خرابي سان سڄو وايو منڊل ئي بگڙيو وڃي ۽ هر شيءَ بگهڙن جي وات هلي ٿي وڃي.

اسين جنهن نظام جي ڳالهه پيا ڪريون ان کي ايڪو سسٽم چئبو آهي، هي اِهو ايڪو سسٽم ڪونهي ڪو جيڪو قلندري ايڪو سائونڊ تي دستياب هوندو آهي پر هي اِهو ايڪو سسٽم آهي جنهن تحت پاڻي ٻاڦ بڻجي مٿي اڏامي ٿو ۽ ٻاڦ ڪڪرن جي صورت وٺي مينهن بڻجي وسي ٿي. مينهن ڪڻيون برف بڻجي پهاڙن تي اڇا اڇا گنبذ بڻجن ٿيون جڏهن اِها برف پگهرجي ٿي ته ان جو پاڻي وهي درياهن ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن تي اسان جون پوکون پڇن ٿيون. درياهه وهي سمنڊن سان ملن ٿا ۽ اِهو سلسلو وري ساڳي ريت هلندو رهي ٿو. اهڙي طرح گاهه ڦٽن ٿا، انهن کي ننڍڙا جيت کائين ٿا، وري انهن جيتن کي ننڍڙا جانور کائين ٿا، ننڍڙن جانورن کي وري وڏا جانور کائين ٿا. مثال ٻلي ڪوئي کي کائي ٿي ۽ ٻلي کي ڪتو مات ڏئي ٿو.

پر اِهو ايڪو سسٽم صرف وحشي جانورن تائين محدود ڪو نه آهي، اِهو تهائين اڳتي ماڻهن تائين به اپلاءِ ٿئي ٿو. اوهان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙايو ته اوهان کي ڄاڻ پوندي ته ڪير ڪنهن کي کائي رهيو آهي؟ ماڻهو ماڻهو کي کائي رهيو آهي. اڄ ماڻهو کي ماڻهو کان ايترو خوف ٿئي ٿو جيترو ان کي ڪنهن به نانگ بلا کان نٿو ٿئي. اڳي وڏن جي قصن ۾ راڪاس برڙ باڪاس جا نالا ٻڌندا هئاسين، ننڍڙي لاڪون پڙهڻ جي پٽ پيل آهي سو عُمرو عيار ۽ ٽارزن جون آکاڻيون جنهن ۾ وڏا وڏا ديو ۽ راڪاس هوندا هئا، جيڪي هِڪ ئي ڦوڪ ڏيڻ سان جبل ۽ نديون اڏائي ڇڏيندا هئا، انهن کي اڃ لڳندي هئي ته اهي سمنڊ کي سرڪي ويندا هئا. رانبزن ڪروزو ۽ گليورس جو سير اهڙي سئاءُ ۾ رکي سگهجن ٿا.

ڊارون تي هونئن سنگت گهڻو ڪاوڙيل آهي پر ان جي هِڪ ڳالهه ۾ دم آهي ته سمنڊ ۾ رهندڙ ڪي اهڙا جانور به آهن جيڪي هِڪ منٽ ڪئين لکين ڪروڙين آنا/ ٻچا ڏيندا آهن ۽ اهڙن جاندارن/ جانورن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي، جيڪڏهن اِهو مرڻ ۽ مارڻ Killed and to be killed وارو قانون نه هجي. ننڍي مڇي وڏي مڇي جو کاڄ نه ٿئي ته هوند هي خشڪي وارو علائقو هڪڙي منٽ ۾ انهن جانورن جي ٻچن سان ڀرجي وڃي، پر ڇاڪاڻ ته مرڻ ۽ مارڻ جو سلسلو قائم ۽ دائم آهي، ان ڪري اهي آنا/ ٻچا ٻين جانورن جو کاڄ ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ٿورا بچن ٿا، جيڪي اڳيان اسري سگهن ٿا ۽ ائين هي وهنوار خوبصورتي سان هلندو رهي ٿو. هِن ڪائنات ۾ تعمير ۽ تخريب ٻئي لازم ۽ ملزوم آهن، تعمير آهي ته تخريب به آهي، ٺاهڻ سان گڏ ڊاهڻ به موجود آهي.

هِن وقت انسان انسان جي ڪري غير محفوظ ٿي چڪو آهي، ماڻهو کي ماڻهو جو ماس راس اچي ويو آهي، ماڻهو کي ماڻهو جو رت امرت لڳڻ شروع ٿيو آهي. دنيا جي وسيلن تي ڪجهه ماڻهن جو قبضو آهي. دنيا جي سڄي طاقت ڪجهه ماڻهن جي قبضي ۾ آهي، باقي سڀ پتلي تماشو آهي. اسان کي صرف هڪ ڪردار الاٽ ٿيل آهي، جيڪو اسين دنيا جي اسٽيج تي ڪري رهيا آهيون. هِن وقت نه جهنگ رهيا آهن نه ٻيلا، نه مرون رهيا آهن نه بلائون بلڪه اهي سڀئي صفتون انسان پنهنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيون آهن. ماڻهو ئي مرون بڻجي ويا آهن، ماڻهو ئي ماڻهو کي پيو ماري، ڏسو ڪٿي هو نياڻي ڀريي ميل ۾ سروٽن سان چٽي وئي، ماڻهو تماشو ڏسندا رهيا، هڪ اڌ بيان اچي ويو، وري ميڊيا ٻين دبنگ خبرن جي ور چڙهي وئي ۽ هن مظلوم جو لاش خبرن جي ڊمپر ڪٿي ڊمپ ڪري ڇڏيو.

دادو جي پوليس جيڪو معصوم سلميٰ ملاح سان ۽ ان جي ٻين مائٽن سان ڪيو آهي، اِهو ڪنهن سڏ يا نوٽيس جو متلاشي ناهي، ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ بدران ماڻهن مارڻ جو لائسنس پوليس کي ڪنهن ڏنو آهي. دادو پوليس جي پوليس گردي تي اسان جي وات ۾ مڱ ڇو پئجي ويا آهن. وڃو وڃي ٻيلن ۾ ڌاڙيلن جي پٺيان لڳو يا معصوم ماڻهن کي مارڻ، زخمي ڪرڻ، لٺيون وسائڻ ۽ کنڀي کڻي وڃڻ ڪٿان جو انصاف آهي. بي داد نگري چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.

مان ننڍڙن ننڍڙن دانشورن جي ور چڙهيل رهندو آهيان، ان ڪري انهن جي دانش جو تمام گهڻو شيدائي آهيان. اڳئين ڏينهن هڪڙي ننڍڙي مقامي چي گويرا مون کي هڪڙي پرولي ڏني ته ٻڌاءِ ته اهڙو ڪهڙو ملڪ آهي جتي ڀولڙا گڏهن تي سواري ڪن ٿا. مون وڏي مٿان ڪُٽ ڪئي....

عام ۽ خاص معلومات جا سڀئي ڪتاب ڦلوڙيم سڀ پيڊيا ڏٺم، گوگل جي گهٽين ۾ رلي رلي ساڻو ٿي پيم پر سوال جو جواب ڪو نه آيو.

رات سڄي انهيءَ سوال مغز ۾ سور ڪري ڇڏيو، آخرڪار جڏهن جمع جو سويري شناختي ڪارڊن واري آفيس ۾ ويم ته پنهنجي اکين سان ڏٺم ته ڀولڙا گڏهن جي مٿان سواري ڪري رهيا هئا، ان کانپوءِ جڏهن منهنجي گهر جي بجلي جيڪا مسلسل بند هجڻ جي باوجود به ايترو بل آيو جو منهنجا ايندڙ نسل به لاهي نه سگهن، پوءِ بل کڻي جڏهن حيدرآباد جي دريائي علائقي جي ويجهو بجلي جي آفيس ۾ پهتم ته اتي به ڏٺم ته ڀولڙا گڏهن تي سواري ڪري رهيا هئا.

يڪدم پنهنجي ور مان پنهنجي موبائل ڪڍي ننڍڙي قد واري مقامي چي گويري کي چيم ته مان تنهنجي پرولي سلي ورتي آهي، اِهو پرڳڻو ٻيو نه پر هِي آهي جتي تون ۽ مان رهون پيا، اتي مون اکين سان ڏٺو آهي ته ڀولڙا گڏهن تي سواري ڪري رهيا آهن، پر ڪامريڊ تپيل هو، سو مون کي چيائين ته هينئر پرولي سلڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي، ڏنڊ تو تي ضرور پوندو، سو سگهو ڪر ڪنهن گڏهه تي چڙهي اچ ته وري ٻي ڪرت کي لڳئون، مان جيئن ئي هڪ گڏهه تي چڙهيم ته سڀ ماڻهو مون کي عجيب نظرن سان نهارڻ لڳا ۽ وٺي کلڻ لڳا.....

shoukatali.lohar@gmail.com
 
Back
Top