• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ايئرپورٽ تي بم ڌماڪا

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
دنيا نيوز جي اطلاعن مطابق ڪراچي ايئر پورٽ جي پراڻي ٽرمينل تي دهشتگرن فائرنگ ۽ دستي بمن سان حملا ڪيا ! سيڪيورٽي فورسز ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ انڌا ڌند فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ، حملي ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي 4 اي ايس ايف اهلڪار شهيد ، سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي مقابلي ۾ هڪ دهشتگرد فوت ، هڪ مشڪوڪ شخص گرفتار . ذريعن مطابق دهشتگرد فوڪر گيٽ کان داخل ٿيا هئا جن جو تعداد اٺ 8 ٻڌايو پيو وڃي ، حملي کان بعد لا تعداد پوليس ۽ رينجز تعينات ، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو ، ايئرپورٽ کان ٻاهرين ملڪ ويندڙ فلائيٽون بند ڪيون ويون ، جڏهن ته پوري ملڪ جي ايئرپورٽن تي ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو ، امدادي ٽيمن لاشن ۽ زخمين کي جناح اسپتال پهچايو ويو ، جناح اسپتال سيڪيورٽي سخت ملير کان فوجي دستا روانه ڪيا ويا آهن ، وزير اعظم پاران ڊي جي ۽ قانوني ادارن کي دهشتگردن لاءِ فوري ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ،
xy9tg.png
 
Back
Top