السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو ! ڪجهه ڏينهن کان آئون سنڌسلامت جي هن (دلچسپ ۽ عجيب) سيڪشن ۾ موضوع لکندو اچان ، ڪافي ريسپانس ملي پيو آئون شڪرگذار آهيان انهن دوستن جو جن منهنجي هن محنت کي ساراهيو آهي ۽ انشا الله ساٿ رهيو ته اهڙيون ٻيون به پوسٽس اوهان سان سنڌسلامت ذريعي ونڊ ڪندو رهندس. ته هلون ٿا اڄ جي موضوع طرف اسان جي ڌرتي اسان جي سوچ کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ سهڻي آهي. ۽ ڌرتيءَ تي اڻ ڳڻيا اهڙا نظارا ۽ جايون موجود آهن جن کي بار بار ڏسڻ کان پوءِ به انسان جي خواهش هجي ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر به ڏسجي اهڙن ئي ڪجهه پُرڪشش ۽ حيرت انگيز ۽ حقيقي تصويرون اڄ اوهان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ذريعي ونڊ ڪري رهيو آهيان . هي دلڪش ۽ حسين منظر جاپان ۾ هٽاچي (Hitachi) پارڪ جو آهي الاسڪا جي علائقي Juneau ۾ موجود برفاني غارون ، جن کي Mendenhall جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو . Red Beach نالي هي پُرڪشش هنڌ چين جي علائقي Panjin ۾ آهي. هيءَ دلڪش نظارو جاپان ۾ بانس جي جھنگ (هُڙي) جو آهي. ميڪسيڪو ۾ موجود Naica نالي هي غار آهي ۽ ان غار ۾ شيشو تمام گھڻي مقدار ۾ ملي ٿو. هي پُرڪشش ۽ دل لڀائيندڙ منظر جرمني جي بليڪ فوريسٽ (ڪاري جھنگ) جو آهي. چين ۾ موجود پتيءَ (چانهه) جو باغ ، جنهن جو ترتيبوار هجڻ ئي ان کي خوبصورت بڻائي ٿو هي تمام ڊگھو ۽ عجيب و غريب جبل چين ۾ موجود آهي جيڪو Tianzi جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو قدرت جو هي ڪمال آمريڪا جي وادي Antelope ۾ ڏسي سگھجي ٿو آسٽريليا جي ڍنڍ جو هي قدرتي رنگ آهي جيڪو (پاڻي) ڊرم ۾ وجھڻ کان پوءِ به رنگ برقرار رهي ٿو. فاروق سومرو ، سليمان وساڻ ، عبدالغني لوهار محمد جان زريناڻي ذيشان رشيد شيرين ممتاز قريشي سمير عبدالله مست ڦلپوٽو فقير عمران درويش سومرو عاشق سولنگي رياض حسين گلال ممتاز علي وگهيو نثارناز نثارابڙو رحيم بخش عرس پريو ڏاڏل شينو افتخار علي چوهاڻ جهاندادسمون رضوان علي جمالي يونس ملڪاڻي غلام مصطفي ميمڻ شاهين لطيف ، سنڌي ،
هي دنيا، هي ڌرتي ڪيڏي خوبصورت آهي؟ اها خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن اسان قدرت جي حسين شين کي پرکيون ٿا ۽ انهن تي سوچين ٿا. قدرت جا هي حسين نظارا سچ ته اکين کي ٿڌاڻ بخشين ٿا.