عديل احمد عامر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽريننگ ڪورس جي سلسلي ۾ نيدر لينڊز وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ اُتي هڪ عجيب ۽ غريب قوم سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو. جيڪڏهن اوهان سوچي رهيا آهيو ته هاڻ مان ڊچ قوم جي تعريف ۾ قصيدا شروع ڪرڻ وارو آهيان ته اوهان بلڪل غلط سمجهي رهيا آهيو. نيدر لينڊز يا عرف عام هالينڊ ۾ ڊچ نسل کان علاوه هڪ ٻي قوم به رهي ٿي ۽ اُن قوم جو نالو آهي ’اوور سيز پاڪستاني قوم‘. منهنجي ٻن مهينن جي رهائش دوران اُتي ڪيترن ئي پاڪستانين سان ملاقات ٿي، جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اُتي ترسيل آهن ۽ اُنهن مان ڪيترا اهڙا هُئا جن مون کي پنهنجي گهر مانيءَ جي دعوت ڏني هئي. انهن سڀني ملاقاتن ۾ عجيب ۽ غريب انڪشاف ٿيا. سڀ کان پهريون انڪشاف اِهو هو ته اُنهن کان وڌيڪ پاڪستان سان نه ته ڪو محبت ڪري ٿو ۽ نه انهن کان وڌيڪ ڪنهن جي دل ۾ مُلڪ جو درد آهي. اُهي سڀ ديس جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيندا هئا ۽ ديس جي باري ۾ ٻُڌڻ به چاهيندا هُئا. ديس بابت سموريون خبرون رکن ٿا پر ڪو به ديس ڏانهن اچڻ نٿو چاهي، سڀ چون ٿا ته پاڪستان سُٺو آهي، بلڪه تمام سُٺو آهي پر اُتي رهڻ صحيح ناهي. هڪ صاحب مون کي مانيءَ جي دعوت ڏني ۽ کائڻ دوران چيو ته هي ڪوفتا کائو اسپيشل پاڪستاني مصالحي سان ٺاهيل آهن! اسين ته پنهنجا سڀئي مصالحا پاڪستان کان ئي گهرائيندا آهيون. انڊيا جا مصالحا به ڪي مصالحا آهن. مون تائيد ۾ ڪنڌ لوڏيو. وري چوڻ لڳو، ڀائو اوهان ته هي ڀينڊيون چکيون ئي ناهن، اهي به پاڪستاني آهن، يقين ڪريو جيڪي ڀينڊيون آفريقا مان اچن ٿيون، بنهه بدذائقه هونديون آهن، پر منهنجي گهر ۾ ته ڀينڊيون پاڪستان جون ئي اينديون آهن. ٿوريون مهانگيون هونديون آهن پر مان پاڻ خريد ڪندو آهيان. هاڻ جڏهن تون پاڪستان ويندين ته انبن جي موسم شروع ٿي ويندي، ڇا انب ايندا آهن! ڏاڍي مشڪل ٿيندي آهي صاحب هتي پاڪستاني انب ڳولڻ ۾. ڇا ڪريون... مون چيو، جي بلڪل انب ته واقعي پاڪستان جا ئي سُٺا آهن. کن دير رکي وري چيائين، لڳي ٿو پاڪستاني صحافي ڪجهه کائيندڙ پيئندڙ ناهن! اوهان ڪجهه کائو ئي نٿا. مون کيس چيو اهڙي ڳالهه ناهي، پاڪستاني صحافي به کائيندڙ پيئندڙ ماڻهن ۾ شمار ٿيندا آهن ۽ اُهي کائڻ پيئڻ ۾ به لاجواب آهن. اوهان پرديس ۾ پنهنجي ديس جي ياد ڏياري ڇڏي. هونئن اوهان کي به پنهنجي ديس جي ياد ته ايندي هوندي!؟ مون پُڇيو ته همراهه چوڻ لڳو، ڇا ٿا ياد ڪرايو، اسين ته پاڪستان کي پنهنجي دل ۾ کنيو گُهمندا آهيون، اوهان ڏسو ته سهي منهنجي گهر ۾ جيڪا ٽي وي ڪيبل اچي ٿي، اُن ۾ سڀ پاڪستاني چينلز آهن، پل پل جي خبر رکندا آهيون اسين پاڪستان بابت! انٽرنيٽ تي سڄو ڏينهن پاڪستاني اخبارون پڙهندا آهيون. چڱو ڀلا اِهو ٻڌايو ته لاهور ڪيئن آهي؟ اسين ته بس ٽي وي تي ئي ڏسندا آهيون، ڪڏهن وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو. اوڻيهه سالن جو هوس ته هتي آيس ۽ پوءِ اهڙو آيس جو هتان جو ئي ٿي رهيس. هاڻ گهڻو صاف سٿرو ٿي ويو هوندو لاهور.... مون چيو جي بلڪل اوهان درست فرمايو. مان اڃا تائين اُن صاحب جي ڳالهين مان گهڻي حد تائين متاثر ٿي چُڪو هوس. ايتري دير ۾ سندس ٻه ٻار ڊرائنگ روم ۾ اچي ويا. مون ٻارن کان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيو ته خبر پئي ته ٻارن کي اها ٻولي اچي ئي نٿي. پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته ٻار صرف ڊچ زبان ئي ڳالهائين ٿا، ڇو ته اُتي ئي پليا نپنا ۽ پاڪستان ڪڏهن ناهن ويا. مون حيرت مان کانئس پُڇيو ته اظهر صاحب اوهان آخري ڀيرو پاڪستان ڪڏهن ويا هئا؟ جواب ڏنائين، ”اهوئي ڪو تيرنهن سال اڳ.“ سندس جواب تي ڪافي مايوسي ٿي، ۽ هڪ ٻيو سوال ذهن ۾ آيو ته ’ڀلا هاڻ ڪڏهن وڃڻ جو ارادو آهي؟ جيڪڏهن لاهور اچو ته اسان کي به خدمت جو موقعو ضرور ڏجو.‘ اُن تي اُهو محب وطن مخلص دوست چوڻ لڳو، ”سائين هاڻ پاڪستان ۾ ڇا رکيو آهي، بجلي اُتي اچي نٿي، پاڻي اُتي آلوده آهي، گهر کان ٻاهر نڪرو ته ڦُرجيو وڃو ۽ جيڪڏهن ڦُرڻ کان پوءِ زندهه ڇڏيا ويا ته نه معلوم ڪڏهن ۽ ڪهڙي مارڪيٽ ۾ بم ڌماڪي ۾ ماريا وڃو... اڄڪلهه ته ٻُڌو آهي ته ڊينگي جي وبا به ڦهليل آهي، نه بابا نه، اسين پري ئي ڀلا...“ مون چيو، ”پر اظهر صاحب اُتي به ته ويهه ڪروڙ انسان رهن ٿا. ايتري به خراب حالت ناهي جيتري اوهان سمجهي رهيا آهيو.“ منهنجي ان ڳالهه جي جواب ۾ چوڻ لڳو، ”عديل صاحب حالتون بريون آهن، فرق صرف ايترو آهي ته پاڪستانين انهن حالتن ۾ زندهه رهڻ جو فن سکي ورتو آهي. سوين ٻار ٿر ۾ حڪومت جي غفلت سبب مري وڃن ٿا، پر اُنهن لاءِ ڪا ڳالهه ئي ناهي! ڪو مذهب جي نالي تي ماريو ٿو وڃي، ڪو صوبائيت جي نالي تي مري رهيو آهي ته ڪو فرقيواريت سبب ۽ ڪي بدنصيب اهڙا به آهن جن جي اکين ۾ مرڻ کان پوءِ هڪ وڏو سوال هوندو آهي ته آخر ڇو؟ اوهان جي ويجهو اهي حالتون اڃا خراب ناهن. اوهان پاڻ ٻڌايو ڇا اوهان جا ٻار اهڙي نموني گهٽيءَ ۾ کيڏي سگهن ٿا، جيئن هينئر هينئر تو ڏٺو منهنجا ٻار کيڏي رهيا هُئا؟ سائين اُتي گهٽيءَ ۾ کيڏڻ ته رهيو ماڳ، ٻارن کان صحت مند زندگي گذارڻ جو حق به ڦريو ويو آهي. ٻه قطرا پوليو ويڪسين پيارڻ جي خاطر ڪيترن ورڪرن کي پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئڻو پيو آهي. چڱو، مڃجي ته مان گهٽ پڙهيو لکيو ماڻهو هوس، هتي روزگار واسطي آيس، پر هاڻ ته اُتي نوجوان نسل ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بنجن ئي ان لاءِ ٿا ته آمريڪا يا ڪينيڊا اميگريشن ڪرائين ۽ جيڪي گهٽ پڙهيا لکيا آهن، اُهي انهيءَ ڳولا ۾ آهن ته ڪا ٻاهر جي ڇوڪري ملي وڃي ته جيئن هن کي به پاڪستان کان ٻاهر وٺي وڃي، اِهو ئي ته حال آهي اُتي جو.“ مون چيو، ”پر سائين اها ته هر ترقي پذير مُلڪ جي ڪهاڻي آهي، اُن جو مطلب اِهو ناهي ته سڀ ڪجهه خراب آهي، ڪيتريون ئي سُٺيون ڳالهيون به آهن.“ اڃا مان وڌيڪ ڪجهه چوڻ وارو ئي هوس ته هُن مون کي ٽوڪي ورتو، چوڻ لڳو، ”سر پاڪستان مان ايندڙ اڪثر مهمان انڊر پاسز ۽ بلند بالا پُلن جون ڳالهيون ڪندا آهن، سُٺي ڳالهه آهي، مادي طور تي اوهين ايڪيهين صديءَ طرف وڌي رهيا آهيو پر عملي ۽ فڪري طور تي جهالت واري زماني ۾ جي رهيا آهيو. ڏسو اسين پاڪستان کان ڏور ضرور آهيون پر پاڪستان جو درد اسان جي دل ۾ به آهي...“ مان هيستائين اُن ميزبان کان ڪافي تنگ اچي چُڪو هوس، ڳالهيون هُن جون سؤ سيڪڙو سچ هيون، پر خبر ناهي ڇو اُن صاحب جي ٻٽي پاليسي سان مون کي اختلاف ٿيڻ لڳو، بهرحال مون چيو، اظهر صاحب جيڪڏهن اوهان آمريڪي تاريخ جو مطالعو ڪريو ته سول وار جي تناظر ۾ اوهان کي رت ئي رت نظر ايندي، چاليهه جي ڏهائي ۾ آمريڪا به نسلي تعصب جي جنگ وڙهيو آهي ۽ اُهائي جنگ اڄ به وڙهي رهيا آهن. پاڪستان ۾ به مارٽن لوٿر ڪنگ جهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي خواب ڏسن ٿا ته سڀاڻي وارو پاڪستان سُٺو هوندو، روشن هوندو، پُرامن هوندو، جتي ٻار بنا خوف خطري جي گهرن کان ٻاهر نڪرندا، جتي بُک ۽ قحط سبب ڪو به نه مرندو. اُهي سڀ ماڻهو به اوهان جيترو ئي پنهنجي مُلڪ سان پيار ڪن ٿا. فرق بس ايترو آهي ته اوهان ايمسٽرڊيم جي هڪ پوش علائقي ۾ ويهي اهي ڳالهيون سوچيو ٿا ۽ اُهي پنهنجي مُلڪ جي رستن تي نون نسلن جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ اُن اُميد جو حصو آهن، جيڪا اوهان جهڙا ڪيترائي ڏيهه واسي وڃائي چُڪا آهن.